آٽئزم ڇا آهي ۽ ان جون ڪهڙيون علامتون آهن؟ آٽئزم ڪجه ٻارن ۾ (هڪ اندازي مطابق 150 مان 1 ٻار) عامطور تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود هوندي آهي. اها ذهني ڪمزوري آهي جنهنڪري ڪي ٻار گهٽ ذهين ٿي پوندا آهن. اهڙن ٻارن کي تمام گهڻي توجهه جي ضرورت هوندي آهي. بدقسمتيءَ سان اسانجي معاشري ۾ اهڙن ٻارن کي چريو، ملالو،جناتي اثر، عذاب الاهي ۽ والدين لاءِ گهناهن جي سزا وغيره سمجهيو وڃي ٿو. جديد سائنسي دور ۾ اهو ثابت ٿي چڪوآهي ته ذهني واجهه ويجههMental growth and development ۾ رڪاوٽ سبب اهڙي قسم جون ذهني ڪمزوريون پيدا ٿين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن انجو واسطوموروسي (خانداني) بيمارين سان خاصطور تي اهي عورتون جنکي رت جي ڪا بيماري هجي، پر اڃان تائين ان سلسلي ۾ ڪابه واضع تحقيق سامهون ڪون آئي آهي. جيڪڏهن اوهان جي ڪٽنمب ۾ ويجهي رشتن ۾ ڪي 5 ـ 8 اهڙا ماڻهون آهن جنجي حاضردماغي اهيلت IQ ڪمزور آهي ته ساڳئي خاندان ۾ شادي ڪرڻ سان گهڻي شڪ جي گنجائش آه. اهڙن ٻارن کي عام ٻارن جي نسبت ۾ وڌيڪ توجهه جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي روزمره جي ٻاراڻي ڳالهين کان پري رکبو (انڪري جو انهن کي سمجهڻ ۾ ڌير لڳنڌي آهي) ته پوءِ انهن جي سمجهڻ جي سلاهيت کي وڌيڪ نقصان رسندو. اڳتي هلي انهن ۾ ڊپ ۽ خوف سبب ڪري (اڪثر ماڻهون ڪمزور ذهن رکندڙ ٻارن تي چرچا، ٺٺوليون ڪندا آهن) انهن جي رهيل سهيل صلاحيت به ختم ٿيو وڃي. هڪ ڪاٿي مطابق 150 ٻارن مان هڪ ٻار اهڙي ذهني ڪمزوريءَ جو شڪار ٿئي ٿو. مان ڪيئن مدد ڪري سگهان ٿو؟ بنا پئسي خرچ ڪرڻ جي، بنا ڪو ڪم ڪرڻ جي؟ ڇا اهو ممڪن آهي؟ جي ها، اهو ممڪن آهي. اوهان پنهنجي پهچ ۾ ايندڙ ماڻهن کي سمجهايو ۽ پاڻ به ان تي عمل ڪريو. مثالطور؛ انڌي کي حڪارت ڀري لهجي ۾ انڌو نه چئو ۽ نه وري ان جي معزوري تي ترس کائي ڏچ چچ چئو، پر ان جي همٿ وڌرايو ۽ مدد ڪريو. ٻوڙي ، گونگي يا عضون کان معزوز ٻارن کي ٻوڙو، گوگنگو، لولو لنگهڙو نه چئو پر ان جي نالي سان پڪاريو.جيڪڏهن نالي جي خبر ناهي ته بهتر انداز ۾ پڇو. اها وقت جي تقاضا آهي ته اسان ۾ هرڪو پڙهيل ڳڙهيل شخص پنهنجي اندر مثبت تبديلي آڻي، پاڻ سکي ۽ سمجهي ۽ پوءِ پنهنجهي ويجهڙائيءَ وارن دوستن عزيزن کي به آماده ڪري. اسانجي ڪجهه گهڙين جي مذاق، کل ڀوڳ نه فقط ٻار جو اعتماد ختم ڪري ٿو پر انسانيت جي تذليل به آهي. الله ڪري خير! پر روز ڪيترا حادثا ٿين ٿا؟ ائين نه ٿئي جو ٻئي گهڙي اوهان ٿاٻڙجي ڪري پئو۽ اپاهج ٿي پئو، ڏاڪڻ تان،کٽ تان،موٽرسائيڪل يا ڪار سان ٽڪرائجي، ضروري ناهي ته اوهانجي غلطي هجي..... يا خبر ناهي اينڌڙ نسل ۾ توهانکي به اهڙو ٻار ڄمي پوي ۽ پوءِ بيسمجهائپ ۾ انکي الله جو عذاب سمجهي ويهو! روزايترا ته واقعا پيش اچن ٿا ۽ ٽي وي، اخبار ۽ انٽرنيٽ روز روز بيان ڪري ڪري عام ماڻهونءَ کي بيحس بڻائي وڌو آهي. مهرباني ڪري ڏکوئلين جي مدد، حمايت ۽ انهن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙن جي مدد ڪندا رهو. زندگيءَ تي ڪهڙو ڀروسو؟ سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آه؟ هيئنر کان ئي تبديلي آڻيو. اچو ته اهو پڪو پهه ڪريون ته اڄ کان پوءِ پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪندا سين ته الله جي بندن جي عزت ڪنداسون ۽ مدد ڪنداسون ۽ مدد لاءِ واجهائيندڙن تي ٽوڪون ڪين ڪنداسون... انشاءالله تعالى. آٽئزم جون خاص علامتون ٻار بلڪل نه ڳالهائي يا ٿورڙو پهنجهي دنيا ۾ پاڻ مگن رهڻ روزاني عام زندگيءَ ۾ تبديلين کي برداشت نه ڪرڻ رانديڪن سان عام ٻارن وانگر نه کيڏڻ يا هڪ ئي رانديڪي سان مسلسل کيڏڻ تمام آهستي يا گهٽ ٻڌڻ بيچين رهڻ يا چرپر ڪرڻ جي خواهش نه ڪرڻ ڪنهن کان نه ڏڪڻ يا خطري جي سمجهه نه هجڻ اجايو رو ئڻ يا کلڻ بيڌيان ، بي توجه ۽ بنا اکيون ٽڪائي وائڙو ڳالهائڻ اجاين شين سان کيڏڻ جي خواهش ڪرڻ کاڌي کائڻ ۾ روڄ ڪرڻ يا نه کائي سگهڻ ڪنهنجي هٿ لائڻ تي ڀڇان کائڻ نوٽ: اهو ضروري ناهي ته مٿي بيان ڪيل سڀ علامتون هڪ ئي وقت ۾ ظاهر ٿين. انهن مان ڪنهن به هڪ نشانيءَ جي موجودگي، آٽئزم جو سبب ٿئي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ٻار ۾ مٿي بيان ڪيل تقريبا سڀ علامتون موجود هجن ته ان کي انتهائي گهڻ رخي سکيا جي دير يعنى (سويئرگلوبل لرننگ ڊليز ڪوٺيو وڃي ٿو. انجي درستگيءَ ۾ گهڻو وقت ۽ مسلسل محنت درڪار آهي (Severe Global Learning delays)