سڀني ڀائرن سلام منهنجو نالو فضا علي آهي آ اوهانجي هن ويب سائيٽ تي پهريون ڀيرو آئي آهيان مهراڻ ميانداد جي گهڻي اسرار تي هن سائيٽ کي جوائن ڪيو آهي
جواب: سلام [justify] ڀيڻ فضا، اوهانجا لک قرب جو اوهان اسانجي محترم دوست مهراڻ جي چوڻ تي اسانجي هن سنڌ دوست اوطاق تي ڀيرو ڪيو ۔۔۔ دوست مهراڻ پڻ هن اوطاق جي دوستن سان تازي دوستي رکي آهي ۽ جهڙي طرح سان اوهانکي هن فورم تي شامل ٿيڻ لا زور ڀريو اٿس ته ان مان خبر پوي ٿي ته مٺو مهراڻ دوستي جو ڪيترو پڪو ۽ پختو آهي ۔۔۔ ڀيڻ اسانجي هي اوطاق سادي ضرور آهي پر جڏهن اوهان هن جي مختلف ڪمرن ۾ ويندا ته اوهانکي تمام گهڻو سنڌي مواد ملندو، جنهن سان ممڪن اوهانجي اڃ اجهامي پوي ۔۔۔ پر جيڪڏهن اوهان به ڪا ڳالهه ونڊ ڪندا ته اسانجي اکين تي ۽ دوستن کي خوشي ٿيندي ۔۔۔ هون سنڌي ادڙيون تمام ٿوريون آهن جي انٽرنيٽ تي اچي سنڌ ۽ سنڌيت لا ڪم ڪنديون هجن، اوهانکي ڏسي اميدن جا ڏيئا روشن ٿيا آهن ته هڪ ڏينهن اسانجو ڀينرون پڻ ڀائرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي سنڌ جو مان اوچو ڪنديون ۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ ڪا تڪليف ٿئي ته پڇڻا نه منجهڻا ۾ وڃي سوال ڪنديون ته اسانجا دوست اوهانجي مشڪل کي آسان ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا ۔۔۔ لک ٿورا ڀيڻ فضا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: سلام واليڪم السلام ڀيڻ اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اميد ته فورم تي ڀيرو ڪنديون رهنديون سدائين گڏ
جواب: سلام و عليڪم السلام حق موجود اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي من مهڻي ۽ محبتن سان سر شار اڱڻ تي ڀيرو ڀرڻ ۽ جوائن ڪرڻ تي دل جي گهراين سان خوش آمديد چئون ٿا اوهان اسان جي مائٽ جاني مهراڻ ميانداد جي چوڻ تي هي فورم جوائن ڪيو اسان ادي مهراڻ جا به سنڌ سلامت جي پوري ٽيم طرفان ته دل سان شڪر گذار آهيون اسان کي اوهان جي تحريرن جو انتظار هندو ۔۔۔