اياز لطيف پليجي جون ڪجهه تلخ ڳالهيون ٻولهيون http://www.youtube.com/watch?v=rfAnGiJ5RgM http://www.youtube.com/watch?v=DIb_w7av_lk http://www.youtube.com/watch?v=IjrLnVGUGvo
جواب: اياز لطيف پليجي جون ڪجهه تلخ ڳالهيون ٻولهيون سائين محترم ممتاز صاحب، اياز لطيف پليجي صاحب کي ڪجه ٻڌوسون، ڳالهيون ته تمام سوليون ۽ سچ جون ڪيون اٿس، پر اهي ساڳيون ڳالهيون اسانجا محترم قومپرست اڳواڻ گذريل چاليهه سالن کان ڪن پيا ۔۔۔ پر الائجي ڇو اڃان تائين قوم جي مٿي تي جون به نه چري آهي ۔۔۔ يا ته جدوجهد ڪندڙن ۾ ڪا خامي آهي يا وري قوم اڃان ڪنهن انتظار ۾ آهي يا وري ڌارين جون سازشون ايتريون سگهاريون آهن جو هو اسانکي قومي حقن جي ويڙهه ڪرڻ جي سگهه گڏ ڪرڻ ئي نٿا ڏين ۔۔۔ ڪجهه سال اڳ آ لاڙڪاڻي ويس، امپائر سئنيما واري روڊ تي پراڻي ايوب کهڙي واري بنگلي جي ڀر ۾ بيهي مون آس پاس نهاريو ته سچ پڇو ته حيرانگي ٿي ته 30 سالن جي عرصي ۾ ڪا به ترقي نظر نه آئي، ساڳيا روڊ، ساڳيون ناليون ۽ ساڳي ًحالت، جڏهن ته اسين ٻين ملڪن ۾ گهمي ڏٺو آهي ته انهن ملڪن جي شهرن ۾ 30 سالن جي عرصي اندر منظر ئي تبديل ٿيل هوندا آهن ۔۔۔ پر سنڌ سڳوري جا اقتصادي ۽ سماجي وسيلا سنڌين وٽ هجن ته ڪا تبديلي اچي ۔۔۔ الله مالڪ آهي ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ۔۔۔؟ لک ٿورا ۔۔۔
جواب: اياز لطيف پليجي جون ڪجهه تلخ ڳالهيون ٻولهيون ادا ابڙا صاحب توهان سچ لکيو آهي ته 30 سالن کان وٺي سنڌ ترقي ناهي ڪري سگهي، نه روڊ رستن جي حساب سان نه وري تعليم جي معيار جي حساب سان، مگر ادا اهيو ويل صرف سنڌ جي انهن شهرن سان اٿوِ جنهن ۾ اسان جا سنڌي ماڻهن حڪومت جي سيٽن تي ويٺا آهن، ۽ اهي صرف پنهنجا اڪائونٽ ڀرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن جڏهن ته سنڌ جي ئي شهر ڪراچي ۾ جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت جا ماڻهون ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اتي ته هنن ڪراچي کي انتهائي خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي جنهن جا اسان خود گواهه آهيون ۽ روزانه روڊ رستن تي انهن جو ڪيل ڪم ڏسون ٿا، ۽ ان ڳالهه کان به انڪار ڪري نه ٿا سگهون ته هنن ڪم ناهي ڪيو، ادا هنن به پنهنجا اڪائونٽ ڀريا آهن مگر ان سان گڏ هنن ڪراچي ۾ ڪم به ڪرايو آهي، ۽ ڪراچي جي هر ڊپارٽمنٽ ۾ پنهنجا ماڻهون ڀري ڇڏيا اٿن۔ ادا ڪراچي ۾ ڪيل ڪم جون ڪجهه وڊيوز اوهان سان پڻ ونڊ ڪجن ٿيون جنهن کي توهان پاڻ ڏسو۔ http://www.youtube.com/watch?v=Bqlnh-4KsQ8 http://www.youtube.com/watch?v=fIN12JIDiG4 http://www.youtube.com/watch?v=uJXDFpbZDPI
جواب: اياز لطيف پليجي جون ڪجهه تلخ ڳالهيون ٻولهيون جي ادا جيڪر اسان جا اڳواڻ سچائي۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ها ته ضرور اسان جا شهر اسان جا ڳوٽ به اهڙا هجن ها جهڙا ڪراچي جا ۽ هن مان اهو به معلوم ٿيو ته سنڌي اڳواڻن کي صحيح سمت ۾ اچي جيڪر سياست ڪن ته نتيجا ڪارائتا نڪري سگهن ٿا۔۔۔۔۔ ادا بهترين ونڊ لاء اوهان جا ٿورا
جواب: اياز لطيف پليجي جون ڪجهه تلخ ڳالهيون ٻولهيون ادا افتخار علي چوهاڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو، ۽ توهان سچ لکيو آهي ته اگر اسان جا اڳواڻ سچائي۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ها ته ضرور اسان جا شهر اسان جا ڳوٽ به اهڙا هجن ها جهڙا ڪراچي جا