بصارت ۽ بصيرت( آخري ٍحصو)

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بصارت و بصيرت اوهان مهربانن آڏو منهنجي اصلاٍٍح لاء ٍحاضر آهي ​



    [justify]هي انسان جيڪو قائنات تي پنهنجي خالق و مالڪ و پروردگار جو نائب و خليفو آهي ان کي نه فقط هر غلط و صحيح جو علم عطا ڪيو ويو آهي پر ان کي اختيار پڻ ڏنو آهي پوء چاهي ته صحيح سمت سفر ڪري قائنات کي پنهنجي تابع ڪري يا خواهشات نفساني جي هٿان پنهنجي ذلت جو پاڻ مرتڪب ٿئي۔ الله جي چاهي ته انسان جي اندر آٽونومڪ سسٽم جنهن زريعي هن کي غلط ۽ صحيح جو علم ودعيت ٿيل آهي ( بيشڪ اسان انسان تي ڀلائي ۽ برائي جو علم عيان ڪري ڇڏيو آهي سوره والشمس) احتساب ڪري سگهي ٿو پر پوء به لطفِ ڪريمي جو اظهار ڪندي هن جي هدايت لاء پنهنجي خاص ٻانهن جي توسل سان هدايت جو سرچشمو هر زماني ۾ جاري وساري رکيو آهي۔ نه فقط ايتري تي اڪتفا ڪيو پر اڃان رحمت کي وسيع ڪندي توبه کي گناهن جي سزا کان بچڻ جو بهترين زريعو پڻ هر دور جي خاطي و گنهگار لاءِ هميشه جاري وساري رکيو آهي۔ توبه کي سالڪن انساني معراج پڻ سڏيو آهي پر توبه اها جيڪا انسان ۾ تبديلي جو باعث بنجي۔
    انسان جيڪو مادرِ رحم ۾ هڪ عجيب قسم جي خوراڪ هن جي جسم جو رزق رهيو آهي ان خوراڪ جو انسان جي ذات تي گهرو اثر رهيو آهي ۔ اڄوڪي سائنسي دؤر انسان جي حقيقت جا ڪئي راز سرننگون ڪيا آهن۔ سائنسي تحقيق مان ايتري تائين اها ثابتي ملي آهي ته ٻن پاڪ رشتن(زال مڙس) جو جڏهن ميلاپ ٿيندو آهي پوءِ جنهن ڪيفيت ۾ نطفي جو انتقال ٿيندو آهي انجا ٻار جي شخصيت تي اثر ٿيندا آهن ۔ انجي ثبوت لاء ته جي ڪو ٻار پنهنجي جين ۾ بيماري کڻي ٿو اچي ته انهن احساسن جو انتقال ته ان کان به وڌيڪ آسان آهي۔ پوءِ جڏهن انسان نهن عملن جو نتيجو ڏسندو آهي ۽ غور ڪندو آهي ته فڪري نور جون ڪرڻون انسان جي ذات ۾ اهو عالم ڏسنديون آهن يا ان عالم جو مشاهدو ڪري رهيون هونديون آهن جن جو احوال نه سلي سگهبو آهي نه ئي ان کي ظاهري اک سان ڏسي سگهبو آهي ۔ شاھ صاحب جو هي شعر ته
    حقيقت هن حال جي ظاهر ڪيان زري
    لڳي ماٺ مرن کي ڏونگر پون ڏري
    وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اڀري ڪينڪي
    انهن اکين کي دل جون اکيون چئبيون آهن۔ صاحبِ بصيرت ظاهري اکيون نه هوندي به سڀ ڪجھ ڏسندو آهي ۽ ڪئي ظاهري اکين هوندي به گهڻو ڪجھ ڏسڻ کان محروم هوندا آهن ۔
    ظاهر ڪي آنک سي تماشه نه ڪري ڪوئي
    هو ديکنا تو ديدهءِ دل وا ڪري ڪوئي (اقبال)
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو