قبله (محمد زمان ) مخدوم طالب الموليٰ رضا محمد ميمڻ توڙي جو 18 سال گذري ويا آهن پر نه دل نه وري دماغ اهو قبول ٿو ڪري ته قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي وڇوڙي کي ايترا سال گذري ويا آهن. هو سروري جماعت جي لکين طالبن(مريدن) جو طالب الموليٰ سائين جنهن کي اڪثر مريد سڪ ۽ پيار مان ”ڀورو پير“ سڏين ۽ ”ڀيڄ پاڳارا هالن وارا“ جون صدائون اڄ به هالا جي گهٽين ۾ گونجنديون رهنديون آهن. ها ظاهري طرح طرح قبله مخدوم طالب الموليٰ جن وڇڙي ضرور ويا آهن پر ڌڙڪنن کان ڌار نه ٿيا آهن. قبله مخدوم طالب الموليٰ جهڙي شخصيت ورهين ۾ نه پر پڪ سان صدين بعد پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾ دلبري ۽ دل نوازي جون بيشمار خوبيون شامل هجن، پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح غوث الحق رح گاڏي جا سترهون نمبر گادي نشين هئا، سندس ٻيو نالو ”محمد علي“ ۽ ڪوڏاڻي جو نالو ”پيرل سائين“ هو. سندن ولادت 9 محرم 1938هجري مطابق 4 آڪٽوبر 1919ع ۾ هالا ۾ ٿي. حضرت مخدوم غلام محمد سندن والد بزرگوار هئا. هيءَ مڻيادار هستي، جيڪي هميشه پيار محبت ۽ خلوص جي خزاني مان ونڊ ورهائيندا رهيا ۽ سندن تربيت والد صاحب قبله مخدوم غلام محمد ۽ چاچي قبله مخدوم غلام حيدر جن جي خدمت ۽ هٿن ۾ ٿي، سچ چوندا آهن ته ماڻهن ۽ شخصيتن جي لاڏاڻي سان ڪن گهرن يا وري اوڙي پاڙي ۾ ماٺ ٿي ويندي آهي پر قبله سائين طالب الموليٰ جي وڃڻ سان سڄي سنڌ ڄڻ سوڳوار ٿي وئي هئي. آديسي آديس، هتان ڪري هليا ڪاپڙين قلب ۾ ڪيو، ڏورانهون ڏيس ويراڳي نئون ويس، رانول ڍڪي رميا. پاڻ قبله طالب الموليٰ جن قرآن پاڪ جي تعليم درگاهه جي مجاور حافظ ولي محمد کان حاصل ڪئي، انگريزي جي تعليم سائين غلام رضا ڀٽو کان، سنڌي جي تعليم سائين عبدالرحمان هالائي ۽ سائين عبدالغفور وڪيلائي کان ۽ فارسي جي تعليم عبدالحئي کان حاصل ڪيائون. پاڻ سائين طالب الموليٰ هميشه اديبانه، شاعرانه، مٺي ۽ محبت ڀريل گفتگو ڪندا هئا ۽ پاڻ شاعري ۽ موسيقي جا مداح ۽ پارکو هئا هونئن به سروي خاندان ۾ شاعرانه خصوصيت شامل رهي آهي ۽ رهندي اچي. حضرت مخدوم غوث الحق نوح رح پڻ هڪ بلند پايه شاعر هئا ۽ سندن هڪ شعر مان شاعراڻي مقام جو اندازو بخوبي ٿي سگهي ٿو. پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀائنيو ماڙهوئا، روئي چڙهي رات ڏسي ڏکوين کي. حضرت سرور نوح رح کان هلندڙ ڏات قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ تائين ۽ سائين طالب الموليٰ کان سائين مخدوم امين فهيم تائين ۽ اها ڏات سائين مخدوم جميل الزمان تائين هلندي اچي. هونئن به سروري خاندان جي بدولت هالا هميشه کان ادبي علمي ديني ۽ بزرگانه تعلمي جو مرڪز رهندو اچي ۽ هتان جا اڪثر ماڻهو باذوق پڻ آهن. سائين طالب الموليٰ چواڻي ته: عشق جو اعليٰ اثر، اسرار هالن ۾ ڏٺم عاشق اڪمل عجب، اظهار هالن ۾ ڏٺم عارف با الله، بيشڪ برهه وارن جو بلو محبت مالڪ مهلما مهندار هالن ۾ ڏٺم بي خزان باغ محبت جي دم سان اڄ به آهه گيان سو دل و گلزار هالن ۾ ڏٺم بي يار برسيل بهاريءَ سان بهادر با وفا دلبربا دلدار دل جو ٺار هالن ۾ ڏٺم پاڻ غريب پرور هئا ۽ هردم مرڪي ملندا هئا جيڪو به قبله سائين سان فقط هڪ ڀيرو ملندو هو ته چوندو هو ته ” سائين منهنجو آهي يار “سائين منهنجو آهي“. هالا جو عوام يا سروري جماعت جا پوئلڳ سائين سان ديوانگي جي حد تائين عقيدت ۽ پيار ڪندا هئا، قبله سائين جن جو معمول هو ته پاڻ عوام سان روزانو صبح جو 10 وڳي کان 2 وڳي تائين ۽ شام جو 5 وڳي کان رات جو 8 وڳي تائين ملندا هئا ۽ سندن مسئلا خوشي سان حل ڪندا هئا. سندن مجلس ۾ علم و ادب، راڳ رنگ، تهذيب تمدن، ذڪر و فڪر، سير و سفر جون ڳالهيون اڪثر هلنديون رهنديون هيون پاڻ نهايت خوش طبيعت هوندا هئا. ان ڪري سندن محفل ۾ باادب چرچو ڀوڳ به هلندو رهندو هو. پاڻ سالن جا سال پنهنجي خرچ تي ادبي محفلون ۽ مشاعرا پڻ ڪرائيندا هئا ۽ ڪيترن ئي ادبي انجمنن جو وجود سندن مالي ۽ اخلاقي مدد تي پڻ هوندو هو. پاڻ تقريبن 22 ڪتاب لکيائون جن ۾ بهار طالب، رباعيت طالب، اسلامي تصوف، خودشناسي، مثنوي عقل و عشق، ڪچڪول طالب، ڪافي، شان سروري، بي پير اکيون، ڇپر ۾ ڇڙيون، مضامين طالب الموليٰ، ديوان طالب الموليٰ، مصري جون تڙيون، چهنڊڙيون، سدا وسين سنڌڙي ۽ آب حيات جهڙا ڪتاب شامل آهن. طالب الموليٰ سان ٻيلي، ناحق وڏا نينهن تنهنجا ٻه ٽي ڏينهن منهنجي موسم سڀ ڪا. سائين جي ايم سيد سائين طالب الموليٰ جي علمي ادبي خدمتن متعلق لکيو آهي ته ”پاڻ 1936ع ۾ هالن ۾ شهر ”انجمن علم و ادب“ جو بنياد رکيائين جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون پڻ ڪرايائين. ادبي سرگرمين سبب هالن ۾ هڪ پريس الزمان جو بنياد رکيائون جتان هفتيوار اخبار پاسبان نڪرندي هئي. 1950ع ۾ سندن سرپرستي ۾ ماهوار رسالو فردوس جاري ٿيو، 1952ع ۾ ماستر جمع خان غريب سيتا شهر مان ماهوار رسالو طالب الموليٰ سندس سرپرستي ۾ ڪڍندو هو. 1956ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ”جمعيت الشعراءَ جو 1952ع واري جيڪب آباد اجلاس ۾ کين سرپرست ۽ گهوٽڪي ڪانفرنس ۾ جماعت جو ”صدر“ چونڊيو ويو. 1954ع ۾ ”اداره روح ادب سنڌ جو بنياد رکيائين جنهن جي سهاري هيٺ هالا ۾ 1955ع ۾ راڳ ڪانفرنس ڪيائون ۽ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ٿيو. ان ئي سال ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد رکيائين، جنهن جون سڄي سنڌ ۾ شاخون کلي ويون. دل فريبي پاڻ کان ساري حياتي ڪانه ٿي. دل فروشي ٿا ڪيون جت ڳالهه ٿا اهڙي ڏسون. جنوري 1965ع ۾ ميرپوربٺوري ۾ ”لاڙ ادبي ڪانفرنس“ سندس صدارت هيٺ ٿي ۽ 1955ع کان سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر رهندا آيا ۽ مارشلا کانپوءِ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ۾ کين چيئرمين نامزد ڪيو ويو. پاڻ ريڊيو حيدرآباد جي مشاورتي ڪاميٽي جا ميمبر پڻ هئا. ڳالهه ڪبي ريڊيو پاڪستان جي ته عنايت بلوچ صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو ته: سائين جن جي صحبت ۾ ويهڻ جي سعادت ڪافي ڀيرا نصيب ٿي ۽ منهنجي اها خوش نصيبي آهي ته سائين جن جي ڄم مبارڪ جي عيسوي ۾ هجري تاريخ جي درستگي جو اعزاز حاصل اٿم ۽ جنهن تي بجاءِ طور فخر اٿم. پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا بهترين، اهم ۽ ويساهه جوڳن دوستن جو قبلو هئا ۽ پ پ پ جا 1967ع جي بانيڪارن مان هڪ هئا. پاڻ پارٽي جا سينيئر چيئرمين رهيا 1970ع ۽ 1977ع قومي اسيمبلي جي ميمبر پڻ منتخب ٿيا. جنهن ويل پ پ پ ۽ ان جي قيادت تي ضاءَ الحق جي مارشل ۾ هر قسم جا ظلم ڪيا ويا ۽ جيلن ۾ واڙيو ويو، ان ويل به سائين طالب الموليٰ پ پ پ لئه هر قرباني ڏني ان وقت هالا ايم آر ڊي تحريڪ جو سنڌ جي ڳڙهن مان هڪ ڳڙهه هوندو هو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد بابا مير مرتضيٰ ڀٽو هالا جي مخدومن ۽ عوام سان سندن وفائي ۽ سچائي جي ڪري انتهائي پيار ڪندا هئا. هر ايندڙ ڏينهن تي هو شهيد هالن جي زيارت ضرور ڪندا هئا. هالا جي مخدومن ۽ ماڻهن جيڪا پ پ لئه قرباني ڏني سا تاريخ جي صفحن تي هميشه نمايان رهندي اچي. قبله طالب الموليٰ جن جي وفات 11 جنوري 1993ع ۾ ٽيهتر ورهين جي ڄمار ۾ ٿي. قبله سائين جي پيارن ۽ چاهيندڙن جي دلين ۾ ايتريون ته ڳالهيون قرب سانڍيل آهن ۽ سندن بيشمار گڻن، وقفن جا ايترا ته داستان سيني منجهه محفوظ اٿن، جو هر هڪ جي چاهي ته سائين جن تي الڳ الڳ ڪتاب جدا جدا گڻن ۽ وصفن جي حوالي سان لکي سگهي ٿو. علم و ادب جي روح روان بزرگ هستي قبله سائين طالب الموليٰ زندگي جو لڳ ڀڳ سمورو عرصو شاعري سان گڏ انسان دوست سياستدان، هڏ ڏوکي رهنما ۽ هر دلعزيز روحاني پيشوا جي حيثيت سان گذارڻ کي ترجيح ڏني هئائون. رهي ٿي ڪانه دلبر يار يڪتائي ٻيائي ۾ جدائي ٻن پوي، ملندي حقيقت هيڪڙائي ۾ خدا جي خلق جي بي لوث خدمت ڪر ته افضل ٿين هزارين نعمتون حاصل ٿين حاجت روائي ۾ جي دشمن ڳولڻو آهي ته وڃ ڪنهن سان چڱائي ڪر مخالف گرکپي ملندو اڀاڳو آشنائي ۾ جناب شيخ مفتي، محتسب، زاهد ۽ واعظ سڀ ٿا وڪڻن سڀ روز زهر پارسائي ۾ ته سينو ساهجي هر دم، نه ڪنڌ ۾ ور وجهڻ گهرجي. وڃي ڦهڪو ڪبو پٽ تي ادا آڪڙ اجائي ۾ سمورو وقت سرهو گذرندو اي طالب الموليٰ جڏهن هر ڪنهن سان هلبو يار ننڍڙو ٿي وڏائي ۾ بشڪريه عوامي آواز http://www.youtube.com/watch?v=xOuwsz2NziA
جواب: قبله (محمد زمان ) مخدوم طالب الموليٰ مخدوم طالب الموليٰ ۽ بهارستان نذير ناز اڄ اسين ورهين صديءَ جي انهيءَ عظيم انسان جي شخصيت ۽ فن تي لکي رهيا آهيون، جنهن پنهنجو سمورو وجود خدمتِ خلق لاءِ سوچيندي ۽ خدمت ڪندي گذري ڇڏيو. اڄ محترم قبله طالب الموليٰ سائين جسماني طور اسان ۾ موجود ناهي، پر روحاني طور هو اسان ۾ هر وقت موجود آهي ۽ اسين کين وساري نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته سندن فلسفو ”بندگي تا زندگي“، هو سندن نالو تا قيامت زندهه رکندو. سائين طالب الموليٰ روحاني اڳواڻ به هئا، انهيءَ ڪري روحاني ترقيءَ ۽ اخلاقي بلنديءَ جي تبليغ خاطر، عوام سان وڏي پيماني تي گهاٽو تعلق پئي رهيو، جنهن ڪري کين عوام جي افلاس، غربت، لاچاري ۽ بيڪسي جو شدت سان احساس هو. انهيءَ انسان جي لاچاري جو اظهار هن رباعيءَ ۾ نمايان آهي: وقت اهڙو اچي ويو آهي هرڪو آزار ۾ پيو آهي چور آزاد ٿيو گهمي هردم ساڌ هر طرح بند ٿيو آهي سائين طالب الموليٰ جي حساس دل کي ڪيترو نه انسان جي قدر جو احساس آهي. چٽيءَ طرح محسوس ڪن ٿا ته دنيا ۾ انصاف ناهي، افراتفري جو دور آهي. چوڻي آهي ته: ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيئن ور پئي تيئن وري.“ اهڙي ريت اسان جي هن سماج ۾ چور ڌاڙيل کي به کُلي ڇوٽ ڏنل آهي، آزادي سان گهمندو وتي، پر معصوم ۽ بي گناهه ماڻهن سان ظلم آهي. غريب انسان جو ڪوبه مددگار ڪونهي، ڪوبه حامي ڪونهي. مخدوم سائين کي سنڌ لاءِ اٿاهه محبت هئي، پنهنجي انهيءَ حُب کي هيئن رباعيءَ ۾ سموهيو اٿائين: هي سون ۽ چانديءَ جي زمين ڇو نه هجي وک وک تي کڻي ماهه جبين ڇو نه هجي والله ته هو سنڌ، وري به آهي سنڌ هي ڪوهه مري، خلد برين ڇو نه هجي پاڻ سنڌ جي لازوال سونهن ۽ سرزمين کي دنيا جي سون، چاندي، حسن توڙي هر نعمت کان اُتم سمجهيو آهي ۽ اهڙي محبت رکندڙ ئي حقيقي محبِ وطن آهي. بقول لطيف سائين جي: ”سيڻ نه مٽائين سون سين“ پاڻ سڄي ڄمار انهيءَ اصول تي ڪاربند رهيا. وفاداري، سچائي، وچن نڀائڻ سندن اصول رهيو. ٺلهي پيري ۽ مخدومي به ڪجهه ناهه اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طبيعت ٿي کپي بي لوث يارو جي نه ته هي زندگي چئبي ڪا آفت سائين طالب الموليٰ روحاني اڳواڻ هوندي مرشد واري هٺ، تڪبر ۽ رياڪاريءَ کان دور هئا. بلڪ انهيءَ مڪر ۽ فريب وارين حرڪتن جي سخت خلاف هئا. بحيثيت هڪ انسان، هن کي انسان جي قدرن جو احساس هو. هن جو هر قدم انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ خاطر کڄندو هو. هن جي سوچ انسان ۽ انسان جي عظمتن جي اوچائيءَ لاءِ هوندي هئي. قبله سائين وسيع نگاهه ڏيندڙ ۽ دور انديش انسان هئا. سندن نظر ۾ پيري ۽ مخدومي ڪابه حيثيت نه رکندي هئي، بلڪ خدمتِ خلق سندن مرڪز هو، جنهن لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا به هئا. اها ئي سوچ ۽ لوچ ڪتاب ”بهارستان“ جي رباعين ۾ سمويل آهي. قبله سائين انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ سان گڏوگڏ عشقِ رسول ۾ ڪيترا نه سرشار آهن. فرمائين ٿا: منهنجو محبوب دو عالم رحمتون ئي رحمتون قربتون ئي قربتون ۽ برڪتون ئي برڪتون مخدوم طالب الموليٰ سائين شريعت جا پابند هئا، بلڪ شريعت جي مڪمل تصوير هئا، مردِ مؤمن هئا، رحمدل، صابر، شاڪر، خوش مزاج، نيڪ نيت، نيڪ نظر، خير خواهي ۽ خير سگاليءَ جي جذبن سان سرشار شخصيت جا مالڪ هئا. ”بهارستان“ جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پگهر، محبوب جي سونهن ۽ مُرڪن، وطن جي حُب، خدمتِ خلق ۽ وفا جي جذبن جي مهڪار سمايل آهي. سندن شاعريءَ ۾ سنڌ جي تهذيب، ثقافت جو آئينو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي کاڻ آهي. سندن هر لفظ ۽ خيال، احساس جي تارن کي ڇهندڙ، جهرڻن وانگر شفاف، سولو، سادو ۽ فطري نظارن وانگر وڻندڙ آهي. محترم قبله سائين هڪ ادارو هئا، علمي لائبرري هئا، جنهن وٽ ڏات، ڄاڻ، علم ۽ شعور جون ٻرندڙ ڏياٽيون هيون. سندن شاعري انهيءَ حد تائين پهتل آهي، جتي شاعري پيغمبري بڻبي آهي. وفا، حق ۽ سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ جو اظهار سندن هر شعر ۾ سمايل آهي. هر شعر وري وي پڙهڻ ۾ نئون لطف ۽ نئين معنيٰ سامهون اچيو وڃي. محترم قبله سائين پاڪيزه، صاف سٿري سوچ، محبت، محنت، درمند جذبي ۽ عوامي انداز جي اظهار جي سوچ جي ڪري اڄ به سموري سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي سندن شخصيت ڇانيل آهي. سندن شاعريءَ جون سٽون مرڪن، زخمن، زندگي ۽ بندگي جي وچ مان ڦٽي، موتيئي جي گلن وانگر سڄيءَ سنڌ ۾ جهومي رهيون آهن، پر سندن وڇوڙو وڏي اداسي ۽ خال ڇڏي ويو آهي. پاڻ جسماني طور اسان کان الڳ ٿي ويا آهن، پر هڪ نه کُٽندڙ ادبي ۽ روحاني رشتي ذريعي اسان سان گڏ آهن. سندن آفاقي شاعري اسان لاءِ مشعلِ راه آهي، جنهن جي خوشبوءِ سدائين اسان جي دلين کي واسيندي رهندي. محترم قبله سائين هڪ اهڙو عظيم انسان هو، جيڪي صرف هن دنيا ۾ انسان ذات جي رهنمائي ۽ ڀلائي ڪرڻ ڪاڻ ايندا آهن ۽ ڪجهه ڪري ويندا آهن. پاڻ آخري گهڙي تائين انسان ذات ۽ سنڌ سان پوري ويساهه سان پاڻ نڀاهيو. سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ اميد جا خواب پوکيا ۽ سچ جو دڳ ڏيکاريو. محترم قبله سائين جو ڪلام گڏ ڪري ”بهارستان“ جي صورت ۾ اسان جي هٿن ۾ پهچائڻ ۾ محترم جميل الزمان صاحب وڏو فريضو سرانجام ڏنو آهي. اسين سندن ڪاوشن تي کين دلي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ۽ ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ کي به واڌايون پيش ڪجن ٿيون، جنهن اهڙو ناياب ڪتاب پيش ڪيو. آخر ۾ محترم قبله سائين جي رباعي پيش ڪري اجازت وٺان ٿي: اوهان جي نظر جون پناهون کپن ٿيون اوهان جي ڪرم جون نگاهون کپن ٿيون پڄاڻي تنهنجي در تي اي محبوب سائين! انهيءَ لاءِ راهون ۽ واهون کپن ٿيون پاڻ فرمائين ٿا: شجاعت جي ضرورت آ، شرافت جي ضرورت آ نجابت جي ضرورت آ، نقابت جي ضرورت آ هي سڀ ڪجهه آ چڱو يارو، ليڪن هن زماني ۾ وڏي ماڻهو ٿيڻ خاطر، وزارت جي ضرورت آ اڄوڪا پيشوا ۽ رهنما ٺوڳي ٿيا آهن خدا جي خلق کي، سچي امامت جي ضرورت آ بشڪريه عبرت
جواب: قبله (محمد زمان ) مخدوم طالب الموليٰ حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون تصنيفات ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي برصغير هندو پاڪ جي علمي ۽ ادبي خاندان ۾ سنڌ جو هڪ برک خاندان حضرت مخدوم نوح رح سرور هالائي جو آهي. هن خاندان ۾ اهل دل درويش، عالم فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. هيءَ علمي شمع حضرت مخدوم نوح سرور کان وٺي اڄ تائين روشن آهي. هن خانوادي جي عالمن ۽ شاعرن جو تذڪرو سنڌ جي علمي تاريخ ۾ ٿيندو آيو آهي پر اڃا به هن خانوادي جي بزرگن تي لکڻ جي ضرورت آهي. طالب الموليٰ اڪيڊمي طرفان حضرت مخدوم جميل الزمان جي مشهور تصنيف ” تذڪره مخدومان هالا“ هالا پراڻن جي علمي خاندان مان قاضي غلام محمد قريشي ۽ سندس فرزند قاضي غلام محمد قريشي ۽ سندس فرزند قاضي محمد شوڪت علي قريشي جا به سروري خاندان بابت اعليٰ معيار جا تحقيقي ڪتاب ۽ ٻيون اشاعتون به موجود آهن. ڊاڪٽر عبدلجبار جوڻيجو لکن ٿا ته: اها ڳالهه سج وانگر روشن آهي ته سروري خاندان جي اهل دل حضرات مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ تائين آهن ۽ هاڻي به مخدوم صاحب محمد امين فهيم ۽ مخدوم جميل الزمان صاحب جي عزم ۽ جوان هستي سبب ڏينهون ڏينهن ترقي طرف ۽ روشني طرف تعليمي سفر جاري آهي. ”تذڪره مخدومان هالا“ جناب مخدوم جميل الزمان جو لکيل هن موضوع تي وڏو علمي ڪارنامو آهي. هن مضمون ۾ اسان سروري درگاهه جي 17 هين گادي نشين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح جي خدمتن جي هڪڙي رُخَ يعني سندن ”تصنيفات“ بابت مختصر لفظن ۾ روشني وجهون ٿا. سندن والد صاحب حضرت مخدوم غلام محمد ”مغموم“ 1944ع – 1886 عرف ”گل سائين“ سروري گادي جا سورهون نمبر سجاده نشين هئا. پاڻ ۾ هڪ سٺا شاعر هئا سندن تخلص ”مغموم“ هو. هن عشق جي اسلام ۾ آباد آئون آهيان. دلشاد آئون، دلشاد آئون، دلشاد آئون آهيان. حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ رح، آڪٽوبر 1919ع – 11 جنوري 1993ع پاڻ 1934ع کان پنهنجي شاعري جو آغاز ڪيائون. سندن لازوال ۽ پربهار شاعري ۾ سلاست ۽ سادگي، سچائي محبت ۽ دعائن جا عمدا عمدا لفظ نظر اچن ٿا. منهنجو ته وار وار ٿو دمدم دعا ڪري، ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي، خدا ڪري، هڪ سِرَ هو، سو ته يار جي قدمن تي مون رکيو، هن کان وڌيڪ بنده ناچيز، ڇا ڪري؟ هن مقالي ۾ ان حضرت طالب الموليٰ جي تصنيفات جو ذڪر ڪنداسين. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکن ٿا. ”مخدوم صاحب جن لڳاتار سٺ سال سنڌي ادب جي جهولي ڀري، سنه 1967ع کان 1993ع تايئن يعني 47 سالن ۾ سندن 34 ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ڪجهه مسودا اڃا به اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته لڳ ڀڳ ٻن سالن ۾ هڪ ڪتاب تخليق ڪيائون. سندن ڪتابن ۾ شعر، نثر، تصوف ۽ تحقيق ۽ تنقيد جا ڪتاب شامل آهن. ڏسو صفحو7 سندن هڪ ڪتاب”مصري جو تڙون جيڪو 1945ع ۾ شايع ٿيو ان جو انگريزي ۾ ترجمو سن 1998ع ۾ ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو. مخدوم صاحب جي ڪتابن ۾ ديوان طالب الموليٰ به شامل آهي. جيڪو سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ 35 نمبر ديوان آهي. ناليوارو اسڪالر محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکن ٿا ته: حضرت مخدوم غلام محمد ”گل سائين“ جن جا فرزند مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ويهين صدي جي عظيم شاعر طور ڄاتا وڃن ٿا. پاڻ شعر سان گڏ نثر ۾ به صاحب طرز رهيا، ان کان سواءِ نو لکي گودڙي جا رهبر توڙي سياسي رهنما رهيا. سائين طالب الموليٰ جن بزم طالب الموليٰ جو بنياد وڌو. ان سلسلي ۾ تصنيف ۽ تاليف ۽ شاعري جو سلسلو اڄ به رڪارڊ تي آهي. رسالي روح ادب، رسالي شاعر ۽ رسالي فردوس جي اشاعت سندن مرهون منت رهي. پاڻ ٻه ڀيرا سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين رهيا. بزم طالب الموليٰ جي تنظيم کان سواءِ به هن شمع ادب تي پروانا نڇاور ٿيڻ لڳا. متبدي ۽ نوجوان شاعر ته خير پر مولانا گرامي غلام محمد، سرشار عقيلي ۽ احسن الهاشميءَ جهڙا بلند معيار ۽ قادر الڪلام شاعر به سائين جي محفل جا سينگار هئا. بيت ته بيت پر غزل ۽ ڪافي جا به پاڻ بهترين شاعر هئا. ”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ ” ڇپر ۾ ڇڙيون، اهڙي شاعري جي ثابتي لاءِ موجود آهن. پاڻ ڪافي جي نئين سر ترويج لاءِ ڪوشان رهيا ۽ اهواثر به گرامي، سرشار، غني، اسدالله بيخود ۽ ٻين تي رهيو. ادبي ڪانفرنسون به منعقد ڪرايائيون، مطلب ته بهترين ادبي ماحول قائم ٿي ويو. برابر سندن رهنما واري دور ۾ ٻيا به استاد شاعر هئا پر طالب الموليٰ سائين جن جو ڌاڪو چؤطرف هو. حقيقت ۾ مجاز جا ترجمان هئا. حقيقت ته تصوف مان ڄاتي وڃي ٿي ۽ مجاز جو رنگ به چوکو آهي. هن مجازي ميدان تي ڪونتل ڪُڏائڻ ۾ سندن مٽ ڪونه ڏٺو ويو. ڪافين جا هي ٿل ئي اهڙي ساک ڀرين ٿا. سهڻل جا سينگار واهه واهه دل کي وڻن ٿا. تو دلڙي يار ڌُتاري، پوءِ ير ڪان ڪيئي پوئواري. ڪافين جي تال ۽ موسيقي سان واقفيت سبب ان جي مڙني لوازمات کي مڪمل طور ورتائون ۽ سندن حلقي توڙي ٻين ڪافي جي شاعرن سندن پيروي ڪئي. عزل جا به سائين طالب الموليٰ قادر الڪلام شاعر هئا.”ديوان طالب الموليٰ“ جو مطالعو ڪبو ته سندن عزل گوئي جو داد ڏئي سگهبو. غزل جا موضوع هجر و فراق توڙي مڪمل معامله بندي سمجهه ۾ ايندي. مقتل ۽ محفل جو موازنو هيئن ڪن ٿا. ” هو محفل ۾ ئي ماري ٿو ته مقتل مان اسان جو ڇا؟ شهيد ناز آهيون تيغ، قاتل سان اسان جو ڇا؟ غزل جي موضوعن ۾ مئخانن جو استعارو عام آهي. سائين طالب الموليٰ وٽ به اهڙا ڪئين مثال آهن، فرمائين ٿا ته: ”ڪياسون وِرَهه وارن جا، وري آباد مئخانا، پياسن کي پياريِ پرت جا پُر ڪيف پئمانا، چکي جن سوز جي سرڪي ڇڏيو تن مئي پرستي کي، شراب شوق مان هڪدم، ٿيا مهمير مستانا. سندن سمورو ڪلام معنوي خوبين ۽ صنعتن سان مزين آهي. ”خدا جو قسم آ، رڳو درد و غم آ، رڳو درد و غم آ، خدا جو قسم آ. نثر ۾ به طالب الموليٰ رح جون تحريرون داد تحسين حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ تحقيق ۾ به سائين طالب الموليٰ جا ڪتاب”ڪافي، ياد رفتگان ۽ مقالا بلند معيار جا آهن. نو لکي گودڙي جا مالڪ ۽ عوامي سياست جا شهسوار هجڻ سان گڏ مخدوم طالب الموليٰ سائين ادب جي دنيا ۾ به صف اول ۾ هئا ۽ رهندا. سندن سوانح حيات ۽ علمي ادبي خدمتن تي اڃا به گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو. سندن باري ۾ ادبي ڪانفرنسون ڪجن ۽ مقالا لکائجن تڏهن مس هن ضروري خدمت کان عهده برا ٿي سگهبو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) طالب الموليٰ رح جي ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي: نثر اسلامي تصوف: 1951ع ۾ ڇپيو شيطان، 1951ع ۾ ڇپيو خود شناسي 1952ع ۾ ڇپيو امام غزالي جا خط 1953ع ۾ ڇپيو ڪافي 1958ع ۾ ڇپيو لغات سنڌي مخففات 1991ع ۾ ڇپيو چهنڊڙيون 1992ع ۾ ڇپيو مضامين طالب الموليٰ 1998ع ۾ ڇپيو ڪچڪول 1955ع ۾ ڇپيو مرتب پروفيسر محبوب علي چنا يادرفتگان 2 حصا 1953ع ۾ ڇپيو نظم بهار طالب 1946 ۾ ڇپيو رباعيات طالب 1949ع ۾ ڇپيو مثنوي عقل و عشق 1955ع ۾ ڇپيو ڇپر ۾ ڇڙيون 1971ع ۾ ڇپيو ديوان طالب الموليٰ 1982ع ۾ ڇپيو بي پير اکيون 1987ع ۾ ڇپيو شان سروري 1962ع ۾ ڇپيو: مرتب محبوب سروري مصري جون تڙون 1965ع ۾ ڇپيو، انگريزي ترجمو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي 1998ع انتخاب طالب 1993ع: مرتب مخدوم جميل الزمان دلربا دلربا 1985ع، مرتب مخدوم جميل الزمان آب حيات 1991ع ۾ ڇپيو سنڌ جو شڪار اڻ ڇپيل بياض طالب الموليٰ اڻ ڇپيل سماع العاشقين اڻ ڇپيل بهارستان 1994ع ۾ ڇپيو بشڪريه عبرت