صفائي نه رکڻ ڪري ڏندن ۾ ٿيندڙ بيماريون ڊاڪٽر مهر جان ڏند کاڌو چٻاڙڻ سان گڏ انسان جي خوبصورتي کي به نکاريندا آهن، ماڻهو ڏندن کي انهي ڪري صاف سٿرو رکندا آهن، پر اڄ جي دور ۾ اسان جي نوجوان طبقي کان وٺي هر عمر جو فرد اڪثر ان طرف ڌيان نٿو ڏي جڏهن ته مين پوڙي، گٽڪو،سوپاريون. 2100 پڙيون ۽ نشي واريون شيون شوق سمجهي کائيندو آهي جڏهن ته سگريٽ به شوق سان ڇڪيا ويندا آهن، اهي ماڻهو خبر هئڻ باوجود ته اهي شيون صحت لاءِ ڪيتريون خطرناڪ آهن نشي واريون شيون شوق سان واپاريندا آهن انهن شين جي استعمال سان نه صرف وات جون خطرناڪ بيماريون پکڙجي وينديون آهن پر انسان جي چهري جي خوبصورتي به مٽجي ويندي آهي، سگريٽ پيئڻ کان ڪينسر ۽ دل جون بيماريون پيدا ٿيڻ جو وڏو خطرو هوندو آهي، جڏهن ته ڏند به خرا ب ٿي ويندا آهن جڏهن ته منهن ۾ بدبو رهندي آهي،سگريٽ ۾ نڪوٽين هوندي آهي ۽ انهي جا ڏندن تي تهه ڄمي ويندا آهن جنهن سان ڏند ڪارا ٿي ويندا آهن، بدبو به ايندي آهي،سگريٽ مسوڙن کي متاثر ڪري ٿو، مسوڙن مان رت اچڻ توڙي انفيڪشن ٿيڻ عام ٿي ويندو آهي، اهو سڀڪجهه صفائي نه ٿيڻ سان ٿيندو آهي، ننڍي هوندي ٻارڙا چاڪليٽ ۽ ٽافيون شوق سان کائيندا آهن، انهن ٻارن جا والدين به ان طرف ڌيان نه ڏيندا آهن، ۽ ٻارن کي چاڪليف ۽ ٽافيون شوق سان وٺي ڏيندا آهن، انهن جا ڏند صاف رکڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيندا آهن، ٻار اڪثر ڇهه سال جي عمر ۾ ٽافيون ۽ چاڪليٽ وڌيڪ کائيندا آهن اهي برش به نه ڪندا آهن جنهن سان ڏند خراب ٿي ويندا آهن، انهي سان وات ۾ پاڻي جيان ايندڙ (سليويا) ۽ اهو چاڪليٽ وارو رس گڏجي ڪيڙو پيدا ٿيندو آهي، جيڪو شروع ۾ ڏندن کي متاثر ڪري ٿو، بعد ۾ اهو مسوڙن کي به متاثر ڪري ٿو،انهي ڪيڙي لڳڻ سان ڪيريز جي بيماري ٿي ويندي آهي، اهو ڪيڙو (ماڪوڙي)آهستي آهستي ڏاٺ کي کائيندو اندر وڏو سوراخ ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ سوراخ وارو حصو ڪارو ٿي ويندو آهي، اهو ڪيڙو آهستي آهستي سڄي ڏند يا ڏهاڙ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، انهي ڪيڙي (ماڪوڙي) کي مارڻ يا ختم ڪرڻ جو ڪوبه علاج نه آهي، انهي ڪري روٽ ڪئنال ٽريٽمينٽ (آر سي ٽي)ذريعي ڪيڙي کي وڌيڪ تباهي آڻڻ کان روڪيو ويندو آهي، آر سي ٽي تي گهٽ ۾ گهٽ چار ڏينهن لڳندا آهن يعني متاثر ماڻهو کي چار ڏينهن اسپتال ۾ اچڻو پوندو آهي، اهو ننڍو آپريشن ٿئي ٿو، جنهن سان ڏاٺ توڙي ڏند جي پاڙن کي صاف ڪيو وڃي ٿو، ۽ انهي کان پوءِ چاندي توڙي پٿر ذريعي ڏاٺ جي کاڌل حصي جي فلنگ ڪئي وڃي ٿي، سرندي وارا ماڻهو سون جي فلنگ ڪندا آهن ، اڄ تائين اهڙي ميڊيسن نه آهي جو انهي ماڪوڙي (ڪيڙي) کي ختم ڪري سگهجي پر آر سي ٽي ذريعي اهو اتي ئي رڪجي وڃي ٿو، ۽ اڳتي نٿو وڌي، ڏاٺ جي وچ تي هڪ معمولي کڏ جهڙي هوندي آهي جنهن کي پلپ چيمبر چوندا آهن، جنهن ۾ ٽشو هوندا آهن، اها پلپ ڏاٺ جي پاڙن تائين ملندي آهي، انهي پلپ ۾ انفيڪشن ٿيڻ کان پوءِ روٽ ڪئنال ڪري فلنگ ڪئي ويندي آهي، انهي انفيڪشن ٿيڻ سان ماڻهو کي ڪا تڪليف محسوس نه ٿيندي آهي ۽ ماڻهو بي خبر رهندو آهي، جنهن ڪري ماڻهو علاج به نه ڪرائي سگهندوآهي ۽ پوءِ جڏهن ڏاٺ ۾ سوراخ ٿي ويندو آهي تڏهن ماڻهو کي خبر پوندي آهي ۽ پوءِ ماڻهو آساني سان ماني به نه کائي سگهندو آهي، جيڪڏهن فوري طور ماڻهو کي خبر پئجي وڃي ته ڏاٺ توڙي ڏند کي کاڄڻ کان بچائي سگهجي ٿو، روٽ ڪئنال ڪئين ٿيندي آهي ۽ ڪيئن ڪئي ويندي آهي ان حوالي سان پهرين ايڪسري ڪرڻو پوندو آهي ان ۾ سڄي خبر پئجي ويندي آهي ته ڏاٺ کي ڪيترو نقصان پهتو آهي، مٿين ڏندن ۾ هڪ روٽ ڪئنال ٿيندي آهي جڏهن ته هيٺين ڏندن ۾ هڪ يا ٻه روٽ ڪئنال ٿينديون آهن، پري مولرس ۾ به هڪ کان ٻه ڪئنال ٿينديون آهن جڏهن ته مولرس ۾ ٽي کان چار ڪئنال ٿينديون آهن ۽ مائيڪرواسڪوپ ذريعي معلوم ڪيو ويندو آهي ته ڪئنال جي اندروني صفائي صحيح ٿي آهي يا نه ان کان پوءِ ماڻهو کي فلنگ ڪرڻي پوندي آهي،پر اها فلنگ جي سهولت هر هنڌ تي سرڪاري اسپتالن ۾ ناهي ،انهي لاءِ سرڪار کي به سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن جڏهن ته سيمينارن ۽ ليڪچرن ذريعي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي وڃي، اهي سجاڳي وارا پروگرام ننڍن ننڍن شهرن ۽ عام هنڌن تي ڪرايا وڃن، غريب ماڻهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ سهولت هئڻ گهرجي، ماڻهن کي کاڌو سٺو کائڻ گهرجي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ڏندڻ ڪرڻ گهرجي، هڪ اٿڻ محل ۽ ٻيو نشاتي کان پوءِ به ڪرڻ گهرجي، ڏندن جي صفائي رکڻ ضروري آهي، ڏندن۾ مختلف قسمن جون بيماريون ٿينديون آهن جن ۾ ڪيريز، پري اپيڪل انفيڪشن،گنگريٽس ۽پري ڪوريوٽيز شامل آهن،ڪن ٻارن ۾ آڱوٺو چوسڻ جي عادت هوندي آهي،انهي سان منهن جي مٿيان وارا ٻه ڏند مڙي ويندا آهن جن کي سڌو ڪرڻ آسان نه هوندو آهي انهي لاءِ پليٽ ۽ وائيرون لڳائيڻيون پونديون آهن، ڪليشم جي کوٽ ڪري ڏند ڀرڻ شروع ٿي پوندا آهن، انهي ڪري ڪيليشم جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ کير پيئڻ گهرجي ڇو ته کير ۾ ڪيليشم تمام گهڻو هوندو آهي، ٻارن ۾ 8 کان ڏهه ٻارنهن سالن جي عمر ۾ ڏند ڪري نوان اچڻ شروع ٿيندا آهن،اهو قدرتي عمل آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته ٻارن ۾ ڏند ڪرڻ کان پوءِ جلدي نه ايندا آهن، انهي ۾ ٿوري دير لڳندي آهي جڏهن ته ڪن ٻارن ۾ ٻيهر ڪو ڏند نه ايندو آهي، انهي جي وري ايڪسري ذريعي صورتحال معلوم ڪئي ويندي آهي.پر انهي ۾ گٻرائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي،ٻارن کي کير پيارڻ گهرجي انهي سان صحت به سڌري ٿي ۽ هڏا به مضبوط ٿين ٿا، ٻارن کي چاڪليٽ ۽ ٽافيون نه ڏيڻ گهرجن اهي نه صرف ڏندن کي خراب ڪن ٿيون پر صحت لاءِ به هاڃيڪار آهن ۽ انهي نقصان جو اندازوٿورو وڏو ٿيڻ کان پوءِ ٿئي ٿو، ماڻهو کي روزانو چار کان پنج منٽن تائين برش ڪرڻ گهرجي اڪثر ڪري ماڻهو کاڌو کائيندا آهن ته انهن مان کاڌي جا ذرا ڏندن جي وچ ۾ ڦاسي پوندا آهن ۽ اهي برش ڪرڻ سان به نه نڪرندا آهن جيڪي ڪجهه عرصو ڏندن ۾ رهڻ سان بدبو به ٿيندي آهي جڏهن ته انهي سان جراثيم به پيدا ٿيندا آهن جيڪي اڳتي هلي انفيڪشن پيدا ڪري ڇڏيندا آهن، ڏند کاڄڻ جي صورت ۾ ماڻهو کي فوري طورڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي ان حوالي سان سستي نه ڪرڻ گهرجي، پان، گٽڪو، مين پڙي، سپاري، ۽ ٻيون نشي واريون شيون استعمال نه ڪرڻ گهرجن جڏهن ته ڪٿي به ڏندن جو علاج ڪرائڻ کان اڳ اهو هر حال ۾ معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڏندن جي صفائي لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار (اسٽريلائيز) صاف ٿيل آهن يا نه؟اهو ضرور ڊاڪٽر کان پڇڻ گهرجي ڇو ته اهي اوزار صاف نه هئڻ جي صورت ۾ هيپاٽائٽس،ايڊز ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون، اڪثر اسان وٽ ايندڙ ماڻهو کي ڏندن جي بيمارين سان گڏ ٻيون وچڙندڙ بيماريون به لڳل هونديون آهن ۽ اسان انهن ماڻهن کان پڇندا آهيون ته اهي ٻڌندا آهن ته اسان گهٽين ۽ روڊن تي ويٺل ڊاڪٽرن وٽان ڏاٺن جو علاج ڪرايو آهي، ۽ اتي اوزار صاف نه هئڻ ڪري به وچڙندڙ بيماريون هڪ کان ٻي ماڻهو ۾ منتقل ٿينديون آهن، انهي ڪري ڪٿي به علاج ڪرائڻ کان اڳ اهو تصديق ڪرڻ ضروري آهي ته اهي اوزار صاف ٿيل آهن يا نه؟ پوءِ انهن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو وڃي بشڪريه عبرت