الرجي allergy عام بيماري حڪيم نذير احمد شيخ انسان جي جسم ۾ نارمل طبيعت جي خلاف ڪنهن به تڪليف ٿيڻ جي رد عمل کي جيڪو بظاهر ڏسڻ ۾ ڪجهه نه اچي الرجي طور سڃاتو ويندو آهي، مثال طور کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جن کي دز مٽي خوشبو، بدبو، دونهون، اس، سردي ۽ گرمي موسم هوا پاڻي ۽ شهر جي تبديلي جي نتيجي ۾ جسم ۾ الرجي جي شڪايت ٿيندي آهي. الرجي در حقيقت جسم جو هڪ رد عمل آهي طبيعت ۾ ڪنهن نامواقف ذري جي شامل ٿيڻ سان جيڪو انسان جي جسم ۾ ان جي بد اثر ۽ موٽ ملي ٿي اها ئي الرجي آهي جنهن کي قا بو ۾ رکڻ ۽ پڪڙڻ ۽ ان اثر جي جسم مان هميشه لاءِ ٻاهر ڪڍڻ وقت طلب ۽ مسلسل علاج جي ضرورت آهي مختلف قسمن ۽ نمونن ملائي ڪري اهڙن نامو افق ذرات کي الرجن چئبو آهي. اهي allergen جڏهن ڪنهن به حوالي سان انسان کي جسم ۾ داخل ٿي ويندا آهن ته هر انسان جي پنهنجي طبعت مزاج ۽ قوت مدافعت جي لحاظ سان ان تي اثرانداز ٿيندا آهن ۽ الرجي جو عمل شروع ٿي ويندو آهي ، الرجي هڪ اهڙي ڪيفيت يا بيماري آهي جنهن جو عمل شروع ٿي ويندو آهي ڪنهن کي ڪهڙي عمر ۾ ڪنهن به وقت الرجي جو اثر ٿي سگهي ٿو. الرجي جو اثر خاص طرح 13 کان 20 سالن جي عمر وارن ماڻهن تي شديد ٿئي ٿو، ۽ عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن انسان ڪافي ڪمزور ۽ ڏٻرو هوندو آهي ڪنهن الرجي جو جلد شڪار ٿيندو آهي. انسان جي جسم ۾ ڪنهن به بيماري جي حالت ۾ جڏهن ڪوبه جراثيم اندر داخل ٿئي ٿو ته رت ۾ ان مخصوص جراثيم خلاف قوت مدافعت پيدا ٿي ويندي آهي ليڪن الرجي جي صورت ۾ مرض ۽ تڪليف جو حملو شديد ۽ ڀرپور ٿيندو آهي. ڪنهن ماڻهو کي ڪهڙي به شي مان الرجي ٿي سگهي ٿي اڪثر معالج مشورو ڏيندا آهن ته جنهن شي مان الرجي ٿي ان کان احتياط ڪيو. معالج ته اهي لفظ چئي پنهنجي ذمينداري پوري ڪئي ليڪن ڪير ماڻهو آخر ڪيستائين ان مخصوص شي کان بچي ۽ پرهيز ڪري سگهندو.هڪ دفعو ڪو به الرجن جسم ۾ ڪهڙي به رستي کان داخل ٿي وڃي جنهن کي جسم برداشت نه ڪري سگهندو هجي ته رد عمل طور ان عضوي ۾ الرجي جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون ،ائين سمجهڻ گهرجي ته ان مخصوص الرجن جي مريض جي جسم سان دشمني شروع ٿي وڃي ٿي جنهن جو جرمانو مريض جو پورو جسم ادا ڪري ٿو. ڪوبه نا مواقف الرجن اکين ۾، گلي ۾ ، ڪن ۾ چمڙي ۽ وات نڪ ذريعي داخل ٿي الرجي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. مختلف ماڻهن ۾ موسم جي تبديلي سان الرجي جي شڪايت ٿيندي آهي موسم تبديل ٿيڻ سان خودبخد بغير ڪنهن علاج وغيره جي پنهنجو پاڻ الرجي موڪلائي ويندي آهي ،نه صرف ايترو بلڪ ڪافي ماڻهن کي ڪاٽن ڪلف،بنا ڪلف ريشمي سوٽي ڪپڙي ۾ ريگزين چمڙي ۽ مختلف روز مرحو استعمال جي شين سبب الرجي جي تڪليف ٿيندي آهي مختلف دوائون جيڪي طبيعت سان موافق نه اچن ته اهي پڻ الرجي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون .الرجي جي شڪايت وارثت ۾ پڻ والدين طرفان اولاد کي ملندي آهي ڪن صورتن ۾ ٽيهه کا پنجاهه سيڪڙو تائين اولاد ۾ الرجي جو اثر ٿئي ٿو، ڪجهه والدين پنهنجي اولاد جي سلسلي ۾ ضرورت کان وڌيڪ حساس ۽ اٻهرا هوندا آهن ٿوري به تڪليف جي صورت ۾ ننڍي ٻار کي هڪدم وڏي ڊاڪٽر کان هاءِ پاور واري دوا يا انٽي بايوٽڪ کارائيندا آهن .ظاهر آهي جتيرو وڏو ڊاڪٽر هوندو آهي اوتري وڏي دوا تجويز ڪندو بلڪ اڄ ڪلهه ته هي ڳالهه ۾ به فيشن ۾ شامل ٿي وئي آهي ته اسان وڏي ڊاڪٽر کانسواءِ ٻي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ پسند نه ڪندا آهيون ،مهانگي دوا جو نفسياتي اثر اهو ٿيندو آهي ته اوچي هوندي ۽ جلد اثر ڪندي. ٻارن جي الرجي نهايت نازڪ مسئلو هوندو آهي اهي مائٽ يا معالج جيڪي ٻار جي ڪنهن الرجي ۽ تڪليف کي هڪدم ڪنهن هاءِ ڊوز دوا ڏئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته نتيجي طور وقتي طور ته مرض دٻجي وڃي ٿو يا ڪجهه وقت لاءِ آرام اچي وڃي ٿو ليڪن مرض جو بنياد پنهنجي جاءَ تي قائم رهي ٿو جيڪو ڪنهن به وقت ٻيهر حملو ڪري ٿو، ان صورت ۾ پهريان ڏنل دوا اڳ جي مقابلي ۾ گهٽ يا اثر نه ڪندي موجوده دور ۾ علاج ۽ معالج ۽ مريض سڀني جا طور طريقا مٽجي چڪا آهن ٻارن ۾ خاص طرح الرجي جي شڪايت ۾ اهو ضروري نه آهي ته جيڪا تڪليف ۽ شدت مرض جي اڄ آهي اها پنجن ڏهن سالن کان پوءِ به ساڳئي هجي بلڪ ڪجهه بيماريون ۽ تڪليفون اهڙيون هونديون آهن جيڪي وقت گذرڻ سان ۽ عمر جي ڪنهن حصي ۾ اچي ڪري خود بخود ختم يا گهٽ ٿي قابل برداشت ٿي وينديون آهن هڪ عام بيماري شڪايت يا الرجي جيڪا هر ٻي کان چوٿين ماڻهو کي اها آهي جو نڪ جي هڏي وڌيل آهي اڪثر نزلو زڪام نڇون ڇڪون ڳاڙو ٿي ۾ هلڪو سور رهي ٿو، اکين ۾ پاڻي اچڻ، منهن جو ڳاڙو ٿيڻ هلڪو بخار رهڻ مٿي ۾ سور، چڙ ، غصو اچڻ ،صحيح ننڍ نه اچڻ يا ننڊ گهٽ اچڻ. ٿڪاوٽ، جسماني ۽ ذهني ٽوٽ رهڻ انهن علامتن مان ٿوري گهڻي فرق سان هي عام تڪليف وڌندي ٿي وڃي، جنهن معالج وٽ وڃو، الرجي جو لفظ لازمي ٻڌڻ لاءِ ملندو، نڪ ۽ گلي جي ڊاڪٽر وٽ وڃو ته آپريشن جي صلاح ملندي، ڊاڪٽر صاحب کي خود ساڳئي تڪليف هوندي ته يوناني جوشاندو يا علاج ڪرائي جند ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته آپريشن کان پو ءِ ٻيهر ساڳئي تڪليف بڻبي آهي ٻهراڙي ۾ ڳوٺن ۾ وري به صاف هوا ساهه کڻڻ لاءِ ملي ٿي وڏن شهرن ۾ دونهون ۽ گدلاڻ الرجي ٿيڻ جو اهم سبب آهي ۽ اتي اڪثر ماڻهو الرجي جي شڪايت ۾ مبتلا آهن، گهرن ۾ عورتون خاص طور تي صفائي ڪرڻ وقت مٽي دز جي سبب الرجي جي تڪليف ۾ مبتلا ٿين ٿيون، ڪن عورتن کي اٽي ڇاڻڻ، ماني پچائڻ ڪچن جي دونهن صرف پائوڊر ۽ صابڻ کان الرجي ٿيندي آهي اهڙي صورت ۾ بچاءِ طور نڪ تي ماسڪ چاڙهڻ ضروري آهي ۽ هٿن تي الرجي کان بچڻ لاءِ ڊسپوزيل گلووز چاڙهڻ ضروري آهي جن ماڻهن جي گهر ۾ پالتو جانور آهن ،قالين وڇيل آهن اتي الرجي ٿيڻ جا چانس وڌيڪ ٿين ٿا خاص طور تي دم سهڪ جي بيماري جو تعلق به الرجي سان تمام ويجهو آهي allergic asthma نهايت تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪمزور ڪندڙ بيماري آهي ڪنهن به مرض لاءِ علاج صرف مرض کي قابو ۾ رکڻ لاءِ مناسب آهي، احتياط علاج کان بهتر آهي الرجي جي سلسلي ۾ مريضن کي گهڻي عرصي تائين احتياط ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ڪن حالتن ۾ اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته آخر ڪيستائين احتياظ ۽ پرهيز ۾ رهجي، الرجي جو مثال هڪ دشمن جيان سمجهڻ گهرجي جيڪا باوجود احتياط جي به مريض تي حملو ڪري ٿي جنهن جو ڪو مهل موقعو ۽ وقت مقرر نه آهي ائين ضرور آهي ته الرجي جي دشمني سڄي عمر نٿي رهي وقت گذرڻ سان مريض خود تڪليف جو عادي به ٿي وڃي ٿو ۽ الرجي به هن کي ماضي جهڙي تڪليف نٿي ڏي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ الرجي نزلي زڪام سهڪي دز جي آهي ۽ انهن بيمارين جون پيچيدگيون به وڌيڪ آهن جسماني ۽ جنسي طور تي مريض مجبور ۽ گهٽ ٿي وڃي ٿو مرض جي يعني الرجي جي جڏهن شدت ۽ زورنه هجي ۽ طبيعت بحال هجي ته حسب برداشت مناسب پرهيزي ڪري به پنهنجي طبيعت کي هيرائجي ان ۾ ڪو هرج نه آهي ليڪن معالج سان رابطي ۾ ضرور هجي ته جيئن ٿوري تڪليف شروٿ ٿيندي ئي علاج ملي سگهي الرجي جي سڃاڻپ ۽ علاج ۾ آساني جي سلسلي ۾ ڪجهه ويڪسين جا سينٽر وڏن شهرن ۾ موجود آهن جيڪي انجيڪشن جي صورت ۾ آهن مريض کي لڳائي جسم جو رد عمل نوٽ ڪيو ويندو آهي ان جي مد نظر علاج تجويز ڪيو ويندو آهي ليڪن اهو سڄو سلسلو هر مريض جي مرض کي ڪنهن حد تائين قابو رکي ڪري ان جي کيسي تي الرجي جو وڏو حملو ڪري ٿو. بحرحال ڪجهه ماڻهن کي فائدو ٿئي ٿو ڪن ماڻهن کي نٿو ٿئي طبي ماهرين مطابق هن وقت تائين ٻن هزارن کان وڌيڪ الرجن( ناموافق درات ) معلوم ٿي سگهيا آهن جيڪي جسم ۾ داخل ٿيڻ سان الرجي جي شڪايت ٿئي ٿي، انگريزي طريقه علاج ۾ عام طور anti allergic دوائون مختلف نالن ۽ دعوائن سان ڏنيون وڃن ٿيون جن ۾ اڪثر دوائن ۾ ننڊ جو اثر هوندو آهي ۽ مرض کي عارضي طور دٻائي رکنديون آهن ديسي يوناني ۽ قدرتي طور طريقي علاج ۾ مريضن جي مرض کي بنياد کان ختم ڪرڻ لاءِ ۽ جسماني طاقت ۽ قوت مدافعت وڌائڻ لاءِ علاج تجويز ڪيو وڃي ٿو جيئن مرض جو حملو جلد ۽ گهڻي تڪليف وار نه ٿئي هر مريض جي حالت ڪيفيت عرصي مزاج طبيعت مطابق بالمشافه معائني بعد تجويز ڪيو وڃي ٿو جيڪو علاج ڪجهه مسلسل ۽ وقت وٺندڙ ۽ دير پاءِ اثرائتو آهي، قوت مدافعت وڌائڻ لاءِ نذير جواهر مهرو موتين خاڪو، معجون شفا، حب جد وار، حب جانيوس، نسخه خاص ، خمير وابر شيم ، اطريفل زهاني حب نزله يا حب شفا وغيره مرض جي مناسب سان تجويز ڪيا وڃن ٿا، يوڪلپئس جيڪي بيد مشڪ يعني سفيدي جي پنن مان عرق ڪڍي تيار ڪيا وڃن ٿا، انهن کي گرم پاڻي ۾ ملائي نڪ کي ٻاڦ ڏيڻ سان پراڻي نزلي زڪام ۽ بند نڪ کي فائدو ۽ شفا حاصل ٿئي ٿي، ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊرسين لکيل موڪلي جواب عاقل پلازا گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد تان حاصل ڪري سگهجي ٿو ڪجهه ڀائر جوابي جواب لفافي مٿان واپسي جي ائڊرسين نه لکندا آهن يا جوابي لفافو نه موڪلي جواب جو تاعيد ڪندا آهن انهن کي خط لکڻ وقت خيال ڪرڻ گهرجي بشڪريه عبرت
جواب: الرجي allergy عام بيماري ادا ممتاز تمام ضروري مضمون ونڊ ڪئي اٿو دوست مونکي به ڪڏنهن ڪڏنهنا الرجيجي شڪايت ٿيندي آهي سومون لاء ته تمام ڪارئتو مضمون ثابت ٿيو آهي ۔ مهرباني اوهان جي ادا