نئين گاج وٽ مارجي ويل هڪ پرديسي مهم جو! عزيز رانجهاڻي ناني گوپال 1868ع ۾ ڄائو ته بنگال ۾، پر 11 نومبر 1938ع تي کيس ضلعي دادو جي تعلقي جوهي ۾ نئين گاج ڪنڌي تي کيرٿر جبل ۾ ماريو ويو، جتي هو 27 آڪٽوبر کان فقط 14 ڏينهن موت کان، هڪ اهڙي مشن تي هيو، جنهن جو مقصد سنڌ ۽ ايران جي تهذيبن جي ڳانڍاپي جا نشان ۽ پيچرا معلوم ڪرڻ لاءِ کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ هو. هي ذڪر دنيا جي ان تيز رفتار مهم جو اين جي مجمدار جو آهي، جنهن سنڌ ۾ ايڏي تيز رفتاريءَ سان قديم آثار دريافت ڪيا يا مهم جوئي ڪئي جو دنيا حيران رهجي وئي. مجمدار جيڪو گهڻ پاسائين شخصيت ۽ لاتعداد خوبين جو مالڪ هيو، هو قديم سڪن جي سڃاڻپ واري فن، قديم لکيل ڪتابن جي پڙهڻ کان وٺي، قديم پراڪرت ۽ سنسڪرت جهڙيون زبانون به پڙهي سگهندو هو. قديم مورتين جي بناوت مان ان دور جو اندازو ڪري سگهندو هو. تاريخ ۽ قديم آثار سندس پسنديده موضوع رهيا. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1924ع ۾ راج شاهي عجائب گهر ۾ ڪيوريٽر جي حيثيت سان ڪئي. بعد ۾ 1925ع کان 1927ع تائين، موهن جو دڙو واري کوٽائي مهم ۾ سر جان مارشل سان گڏ هيو. ان اهم ڪم ۾ ساڻس اي جي ايڇ ميڪي ۽ ديارام ساهني به گڏ هئا. ان اهم کوٽائي ۾ سندس دلچسپي ۽ ڪم جي طريقيڪار ۽ ذهانت مان سر جان مارشل تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ ان عيوض کيس 1927ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ بطور، اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو، جتي هو تاحيات پنهنجي عهدي تي رهيو. موهن جي دڙي جي اهم کوٽائي ۾ کيس سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ آثار قديم سان، حد درجي جي دلچسپي ۽ واقفيت پيدا ٿي. هن کي آثار قديمه جي ڪم سان جنون جي حد تائين عشق هيو، اهوئي سبب آهي جو هن 1927ع کان 1938ع تائين 50 کان وڌيڪ نوان مقام ڳولي لڌا ۽ انهن تي ڪم ڪيو. سندس اهڙي ڪم ۽ جنون، آثار قديمه جي فيلڊ ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو ۽ هو تيز رفتار مهم جو سڏجڻ لڳو. مجمدار جي ڪم جو اهو مقصد هو ته سنڌو تهذيب ۽ ايراني علائقن ۾ موجود، ٽرامي جي دور جي تهذيبي مرڪزن جي ڳولا ڪجي ۽ سنڌ، ايران تهذيبي لاڳاپن کي ظاهر ڪجي. مجمدار، تاريخ جي وڏن ڄاڻن جي ان خيال کي به عملي طرح جاکوڙ ڪري غلط ثابت ڪيو، جنهن موجب، هو هڙاپا ۽ موهن جي دڙي کي سميرين تهذيب ڄاڻائي رهيا هئا. هن تاريخ جي انهن وڏن ڄاڻن جي ان خيال کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهي پيو، جبل جهاڳيائين، ريگستان رليائين ۽ ميدان ماريائين. سندس اهڙين ڪوششن جي نتيجي ۾ کيس ڪاميابي نصيب ٿي. هن سنڌ جي مختلف هنڌن تي ٽيهارو کن قديم دڙا، کنڊر ۽ ماڳ ڳولي ظاهر ڪيا ۽ انهن وسيلي ثابت ڪيو ته هن تهذيب ۽ سڀيتا جا اصل وارث ۽ خالق، عظيم سنڌو درياءَ وارا رهاڪو ئي هئا، جن اڳتي هلي هڙاپا ۽ موهن جي دڙي کي جوت ۽ سگهه ڏني. سندس اهڙي تحقيق کي عالمي سطح جي پذيرائي ملي ۽ مڃيو ويو. هن بنگال ڄائي، آثار قديمه جي ماهر، تيز رفتار مهم جُو کي واقعي جنون هو ڪم ڪرڻ جو. هڪ ٻئي پٺيان نوان آثار دريافت ڪرڻ ۽ سنڌ جو ايران ۽ سيستان جو ڪو لاڳاپو ظاهر ڪرڻ جو، هن مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ ثابت ڪرڻ لاءِ ڏکايل سنڌو ماٿري جو 2000 ميل سفر ڪيو ۽ سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ايڪسپلوريشن مهم ۾ ان پانڌي واهي (واهي پانڌي)، ٿرڙ ٽڪري، ڊنب، بٺي دنب، معصوم جي بٺي، ڪلوين جو دڙو (علي مراد شاهاڻي جو ماڳ)، ڪاهو جو دڙو، چانهو جو دڙو، ڌامراهه جا دڙا، سڏيرڻ جو دڙو يا ٺلهه، جهڪر جو دڙو، گاجي شاهه، روهيل جي ڪنڊ، ڪلان ڪوٽ سميت لاڙڪاڻي، کيرٿر ڪاڇو ۽ سنڌ جا ٻيا لاتعداد ماڳ شامل آهن، جن ۾ سڀ کان اهم ماڳ موهن ۽ هڙپا جي ماءُ تهذيب آمري آهي. آمري دڙي جي دريافت اصل ۾ آمري تهذيب جي دريافت هئي، جيڪو گڏيل هندستان ۾ آثار قديمه جي حوالي سان سندس وڏو ڪارنامو لکيو ويو. آمري جي دريافت ذريعي هن آمري وارو اهم ثقافتي مرڪز ڳولي لڌو، جنهن جو پهريون دور هڙپا کان به آڳاٽو هيو. سنڌ ۾ آثار قديمه جي حوالي سان ڪيل سندس سمورو ڪم Exploration in Sindh ۾ موجود آهي. هي ڪتاب حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي قديم آثارن تي معلومات جو هڪ خزانو آهي. مجمدار جي ڪم جي خاص خوبي ۽ اهميت اها آهي ته هن هر ماڳ بابت تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ کوٽيل کاهين جو تعداد، انهن جي گهرائي، کوٽائي دوران ڇا مليو، اهڙي قسم جون شيون ٻين ڪهڙن هنڌن تان مليون وغيره. اهو اڃا تائين 69 سال گذرڻ کان پوءِ به هڪ ڳجهه آهي، ته کيس ڇو قتل ڪيو ويو؟ ۽ اهو به دادو ضلعي، جوهي تعلقي ۽ ان جي ڪاڇي واري علائقي ۾ کيرٿر جبل جي هنج ۾ نئين گاج ڪنڌيءَ تي روهيل جو ڪنڊو واري ماڳ تي. هڪ رايو اهو آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ اندر انگريزن خلاف حُر تحريڪ زورن تي هئي، مجمدار جيئن ته پنهنجي خاص ڏيک ۾ خاص ڪري مٿي تي پائيندڙ ٽوپلي مان انگريز پئي لڳو، تنهن ڪري حُرن جي ڪارروائيءَ جو شڪار ٿيو. ٻيو رايو اهو به آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪاڇي علائقي ۾ سرخيل جمالي نالي سان، هڪ رهزن ڌاڙيل موجود هو، تنهنجي قهري ڪارروائي جو شڪار ٿيو. ان ڪارروائي جو مقصد فقط اهو هو ته کيس ماري، پيتين ۾ لڪيل دولت کسي وڃي، خالص ڦر جي واردات هئي. هن ٻڌايو ته مجمدار پاران نئين گاج ڪنڌي واري ماڳ تان مليل شين کي نئين ڪناري، صاف ڪري، گهربل داخلا ڪري، دادو ۾ خزاني آفيس ۾ سرڪار وٽ، جمع ڪرائڻ لاءِ موڪليون وينديون هيون. اهڙي سامان ۽ پارسل کي ان ڌاڙيل، شايد ڪا وڏي دولت يا سون چاندي سمجهي، اها ڪارروائي ڪئي هوندي. بهرحال ڪجهه به هجي، انهن ڏينهن ۾ سنڌ مٿان مجمدار جي قتل جو ٽڪو لڳو هو ۽ ڪيترا سال گذرڻ جي باوجود به نه لٿو هو. چون ٿا ته جڏهن ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي ٽئگور سان ملاقات ٿي هئي ته هن مجمدار جي قتل تي کيس ميار ڏني هئي ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو هو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جتي مجمدار کي قتل ڪيو ويو، اتي سندس يادگار ٺاهيو وڃي ۽ ڪاڇي جي اهم شهر واهي پانڌي ۾ گورک ڏانهن ويندڙ اهم ۽ ويڪري مين روڊ کي مجمدار جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. ڇو ته هن گهڻو ڪم به ڪاڇي ۽ کيرٿر جي علائقي ۾ ڪيو ۽ کيس قتل به ان ئي علائقي ۾ ڪيو ويو. دنيا جي مشهور ۽ مڃيل مهم جو اين جي مجمدار کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اڄ 16 جنوري تي ڪاڇو ايڪسپلورر ۽ انيس اڪيڊمي پاران نئين گاج ڪنڌيءَ روهل جي ڪنڊ وٽ مچ ڪچهري رٿي وئي آهي. ان موقعي تي جاکوڙي اديب اشتياق انصاري جي ڪتاب گورک جو مهورت پڻ ٿيندو. ان موقعي تي مجمدار جي فن شخصيت ۽ حاصلات تي سنڌ جا ناميارا ليکڪ روشني وجهندا ۽ روحل ڪنڊ تي مجمدار جي قتل واري هنڌ هڪ يادگار پڻ قائم ڪيو ويندو. ان يادگار پروگرام ۾ راڳ رنگ جي محفل رچائي ويندي، جنهن ۾ ڪاڇي جا فنڪار، سگهڙ ۽ نڙ بيتائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. بشڪريه عبرت