درياءَ کي زهريلو ٿيڻ کان ڪير بچائيندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2011۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    درياءَ کي زهريلو ٿيڻ کان ڪير بچائيندو؟
    درياهه سان ڪلهي گس تي پکڙيل هن سهڻي سنڌ جا ماڻهو ڏاڍي شوق سان مڇي کائيندا آهن. اهو هند ۽ سنڌ جي تهذيب جو ئي حصو آهي جو هتي فراءِ يا تريل مڇي بدران مڇيءَ جو ٻوڙ وڌيڪ رڌو ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان وٽ مهاڻا انيڪ ڏکيائيون هئڻ باوجود پنهنجو اصل، مڇيون مارڻ وارو ڌنڌو ڇڏي ٻيو ڪجهه ڪرڻ تي اڃان تائين مجبور ناهن ٿيا. مڇين لاءِ خاصو ”ايپيٽائيٽ“ رکندڙ سنڌ واسي، جيئن پوءِ تيئن انهن مهاڻن جي جياپي جا ذريعا پيدا ڪندا پيا اچن. پر ٻن ڏينهن کان خبرون پيون اچن ته سکر وٽان سنڌوءَ جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مڇين سميت ٻي آبي جيوت به زهرآلود ٿي چڪي آهي.
    چيو وڃي ٿو ته مبينا طور مهاڻن طرفان سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ زهر وڌو ويو هو، جنهن بابت ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مهاڻا اڪثر گهٽ وقت ۽ گهڻي ۾ گهڻي مڇي مارڻ جو اهو ئي آسان طريقو اختيار ڪندا آهن، جنهن ۾ اهي ڪجهه مقدار ۾ زرعي دوائون يا ڪيميڪل ان هنڌ هاريندا آهن، جتي کين مڇي مارڻي هوندي آهي، جنهن سان پاڻيءَ ۾ موجود آبي جيوت ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ واري صلاحيت وڃائي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ مهاڻا وڏيون مڇيون جهلي، ننڍيون ٻيهر پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن. روهڙي ۽ پني عاقل تعلقن کانپوءِ اهو ئي زهريلو پاڻي هاڻي سکر جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي پڻ مڇين سميت ٻي آبي ۽ جهنگلي جيوت جي وڏي انگ ۾ مري رهي آهي. صورتحال جي ڳنڀيرتا جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته مقامي رهواسين موجب ايڏي وڏي تعداد ۾ هنن ڪڏهن به ايئن آبي ۽ جهنگلي جيوت جو مرڻ ناهي ڏٺو. سکر ۽ گڊو جي وچ واري سنڌو جي پاڻين کي ناياب ٻلهڻ جو گهر چيو وڃي ٿو، اتي به اهو زهريلو پاڻي گڏ ٿيڻ سبب ٻلهڻ جي نسل کي پڻ خطرو لاحق ٿي پيو آهي.
    ان صورتحال جو هڪ وڌيڪ خطرناڪ رخ وري ذميوار اختيارين پاران لاپرواهيءَ جو مظاهرو آهي. پهريون ڀيرو جڏهن پاڻي زهريلو هئڻ جو انڪشاف ٿيو ته فشريز ڊپارٽمنٽ، وائيلڊ لائيف ڊپارٽمنٽ، ماحوليات کاتي، زراعت واري کاتي ۽ ٻيلي کاتي پاران هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي ته ان ذميواري سان سندن لاڳاپو ثابت نه ٿئي. ڪڏهن فشريز وارا اهو چوندا رهيا ته زهريلو پاڻي سندن حدن ۾ ناهي، ڪڏهن وائيلڊ لائيف کاتو اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو، ۽ ايئن سڀئي کاتا پنهنجي پنهنجي ذميواري تان دستبردار ٿيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيا. حالانڪه ٿيڻ ايئن گهربو هو ته سڀئي کاتا گڏجي ان سنگين مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي قدم کڻن ها. اسين ان صورتحال جو سبب ڄاڻايل کاتن ۾ ذميوارين جي هڪجهڙائي هئڻ باوجود ڪوآرڊينيشن نه هئڻ سمجهون ٿا.
    ڊي ڊي او سکر، ڊي سي او معرفت پريس ڪانفرنس ڪندي زهريلي پاڻيءَ جي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيل نمونن بابت نتيجا پڌرا ٿيڻ بعد ثابتيون ملڻ پاڻي زهريلو بنائڻ واري معاملي ۾ مبينا طور ملوث لائيسنس يافته مهاڻن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو قدم کڻڻ جي خاطري ته ڪرائي آهي، پر اسين اهو سوچڻ تي مجبور آهيون ته جيڪڏهن ان معاملي ۾ ٿوري ڪوتاهي اڃان به ٿي وڃي ها ۽ اختيارين کي اهو موقعو نه ملي ها ته شيڊول موجب 21 جنوري تي سکر بئراج جا در بند ٿيڻ ۽ سکر ۾ پانڊ ليول مينٽين ڪرڻ لاءِ ڪئنال کولڻ سبب پاڻي جو مقدار وڌڻ کانپوءِ اهو زهريلو پاڻي سکر جي رهائشي علائقن تائين به پهچي وڃي ها ته پوءِ ذميواري ڪنهن جي هجي ها؟ اسين زور ڀريون ٿا ته ان حوالي سان اختياريون بندوبست رکن ته جيئن ڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ کان روڪي سگهجي.
    جيتوڻيڪ هيءَ ڳالهه پهريون ڀيرو منظر تي آئي ته ڪو مهاڻا به مڇيون مارڻ ڪاڻ ايئن ڪن ٿا، پر جيستائين سنڌو جي پاڻيءَ کي آلوده ڪرڻ جو معاملو آهي ته صنعتي گدلاڻ جو سنڌوءَ ۾ شامل ٿيڻ وارو معاملو به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. پنجاب جي حدن ۾ رحيم يار خان جي صنعتي زون مان ڪارخانن ۽ صنعتن جو فضول مادو به گڊوءَ وٽان مٿانهين وهڪري وسيلي سنڌوءَ ۾ شامل ٿيندو آهي. ان سبب پڻ آبي جيوت ۽ جهنگلي جيوت جي مرڻ جا واقعا ٿين ٿا. اختيارين کي ان رخ کان به صورتحال تي نگاهه وجهڻ گهرجي.
    آئيندي لاءِ اسان جي نظر ۾ پنج مذڪوره کاتن کي پنهنجي ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته گڏوگڏ سنڌ سرڪار کي ترت ترميم ٿيل فشريز ايڪٽ موجب مهاڻن کي لائيسنس جاري ڪرڻ جو انتظام ڪرڻ سميت ڪو اهڙو بندوبست ڪرڻ گهرجي، جنهن ذريعي مهاڻن جي مڇيون مارڻ واري طريقيڪار تي نظرثاني رکي سگهجي. پر بهرحال معاملي جي ذميواري وري به انهن سرڪاري کاتن مٿان گهڻي ٿي پئي، جيڪي پاڻيءَ سميت سموري ماحول کي آلوده ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قائم ٿيل آهن.
    ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو