دوستو! هي اوهانجي ڄاڻ لاءِ آهي ته 2010 ۾ جن ماڻهن کي اميرترين فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۔۔۔ اهي هي آهن ۔۔۔ هن ڳڻپ ۾ 20 نمبر کان شروع ٿيل مطلب آخري ۽ 1 نمبر مطلب نمبر هڪ امير ماڻهون۔ نوٽ؛ ٿورا ٿورا ڪري ونڊ ڪندس *********************** 20۔ ڊيوڊ ٿامسن ۽ خاندان ۔۔۔ڪئناڊا ماليت؛ 19 بلين ڊالر ڌنڌو؛ خبرون ۽ معلوماتي ڪمپني . 19۔پرنس الوليد الطلال ۔۔۔ سعودي عرب ماليت؛ 4۔19 بلين ڊالر ڌنڌو؛ سيڙپ ڪاري . 18۔ ايس رابسن والٽن ۔۔۔ آمريڪا ماليت؛ 8۔19 بلين ڊالر ڌنڌو؛ واپار .] 17۔ ليليان بيتنڪورٽ ۔۔۔۔ فرانس ماليت؛ 20 بلين ڊالر، ڌنڌو؛ ل، اوريل (اليڪٽرانڪ ڪمپني)
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون سٺي معلومات آهي. اميد ته باقي حصو به شيئر ڪندا. ڀلا پاڻ وارا نيشنل ۽ انٽرنيشنل فقير به انهي فهرست ۾ شامل آهن؟
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون 16۔ ايلائيس والٽن۔۔۔۔ آمريڪا ماليت؛ 6۔20 بلين ڊالر، ڌنڌو؛ واپار 15۔ جم والٽن ۔۔۔۔ آمريڪا ماليت؛ 7۔20 بلين ڊالر ڌنڌو؛ واپار . 14۔ لي ڪاشنگ ۔۔۔ هانگ ڪانگ ماليت؛ 21 بلين ڊالر ڌنڌو؛ مخلتلف برانچون . 13۔ اسٽيفن پيرسن ۔۔۔۔ سويڊن ماليت؛ 4۔22 بلين ڊالر ڌنڌو؛ ڪمپني Hennes & Mauritz
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون ادا تمام بهترين آهي انهي ٿريڊ مان دنيا جي زميندارن ۽ پيسي وارن جي ته خبر پئجي وئي۔
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون 12۔ ڪرسٽي والٽن ۽ خاندان ۔۔۔۔ آمريڪا ماليت؛ 5۔22 بلين ڊالر ڌنڌو؛ واپار . 11۔ انگوار ڪيمپرڊ ۽ خاندان ماليت؛ 23 بلين ڊالر ڌونڌو؛ اڪيا ڪمپني IKEA CO . 10۔ ڪارل البرشت ۔۔۔ جرمني ماليت؛ 5۔23 بلين ڊالر ڌنڌو؛ دڪاندار (سپر مارڪيٽَ) 9۔ ايمنسيو اورٽيگا ۔۔۔۔ اسپين ماليت؛ 25 بلين ڊالر ڌنڌو؛ واپار .
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون 8۔ آئيڪا بيتيستا ۔۔۔۔ برازيل ماليت؛ 27 بلين ڊالر ڌنڌو؛ کاڻيون ۽ تيل . 7۔ برنارڊ آرنالٽ ۔۔۔ فرانس ماليت؛ 5۔27 بلين ڊالر ڌنڌو؛ LVMH . 6۔ ليري ايليسن ۔۔۔۔ آمريڪا ماليت؛ 28 بلين ڊالر ڌنڌو؛ Oracle . 5۔ لڪشمي متل ۔۔۔۔ هندستان ماليت؛ 7۔28 بلين ڊالر ڌنڌو؛ لوهه (اسٽيل) .
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون تمام بهترين معلوماتي ٿريڊ ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني سائين انهن دولتمندن جي باري ۾ معلومات پڙهي اهو اندازو به ٿئي ٿو ته ڌانڌو ڪهڙو به هجي ان جي وڌڻ جا موقعا ڪافي آهن مهرباني سائين سدائين گڏ
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون 4۔ مڪيش امباڻي ۔۔۔ هندستان ماليت؛ 29 بلين ڊالر ڌنڌو؛ تيل ۽ گئس . 3۔ ويرن بفي ۔۔۔۔۔ آمريڪا ماليت؛ 47 بلين ڊالر ڌنڌو؛ ڪمپني . 2۔ بل گيٽس ۔۔۔۔ آمريڪا ماليت؛ 53 بلين ڊالر ڌنڌو؛ مائڪرو سوفٽ ڪمپني . 1۔ ڪارلوس سلم ۔۔۔۔ ميڪسيڪو ماليت؛ 5۔53 بلين ڊالر ڌنڌو؛ ڪميونيڪشن (رابطي جا ڪم)
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون ڀلا پاڻ وارن سياستدانن جي لاڳت جو پتو نه پئجي سگهيو آ ڇا؟؟؟؟ مال ته انهن وٽث به جهجو آ عوام تو رت به وڪڻ پيا۔ گهڻو ڪجهه ڪمايو هوندن
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون ادا پنهنجا سياست دان دنيا جي ڳڻپ ۽انگ اکر ۾ نٿا اچي سگهن، ڇو جو انهن ۾ سچائي ڪونهي، اگر سچائي هجي ها ته ملڪ ۽عوام ائين نه هجي ها۔
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون تازو اڄ جي خبر ته دنيا ۾ هاڻ امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ نمبر هڪ تي هڪ عورت نالي Gina Rinehart جنا رائينهارٽ آهي، آسٽريليا جي هن 57 ساله عورت جو ڪاروبار مائيننگ، سنڌيءِ ۾ کاڻيون کوٽڻ جو ڪاروبار آهي ۔۔۔ سندس مليڪت جو ڪاٿو آهي 100 بلين ڊالر جيڪو ڪمپيوٽر جي شهنشاهه بلگيٽس کان به گهڻو آهي، ۽ ويجهڙ مستقبل ۾ اڃان سندس دولت ۾ واڌ ٿيڻ واري آهي ۔۔۔
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون ادا سائين ! هڪڙو غريب ته مان آهيان، باقي يارهن ڳولهي دنيا وارن کي ٻڌائي ڇڏ۔
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون امام انقلاب عبيد الله سنڌي رح جن فرمايو آهي ته ، جنهن قوم جي اخلاقيات بڇڙي ڪرڻي هجي ، تنهن قوم جي معاشيات خراب ڪري ڇڏيو! هاڻ مٿي هڪ ماڻهو وٽ 100 بلين ڊالر هجن ۽ ٻئي ڪنهن مسڪين ماڻهو وٽ هڪ گرهه کائڻ لاء به نه هجي هڪ وڳو انگ ڍڪڻ لاء به نه هجي رهڻ لاء هڪ کٽولو به نه هجي ته اها جمهوريت آهي ، هڪ ماڻهو وٽ ڌن دولت جا ڍير هجن ۽ ٻيا مسڪين بک مرن ، اسلام جو نظام آهي ته جيڪو کيڙي سو کائي ۽ مال ڌن ان جو جنهن جو پگهر وهي يا رت سڙي ، مونکي ڪير اهو ٻڌائي ته ڇا هڪڙو ماڻهو 24 ڪلاڪ به ڪمائي ته ايتري دولت ڪونه ڪٺي ڪري سگهندو ، هڪ ماڻهو زمين م هر ڪيترو هلائيندو وڌيڪ امام انقلاب عبيد الله سنڌيء جو ڪتاب سماجي انصاف ۽ اجتماعيت جو مطالعوڪيو وڃي ، سڀ ڪجهه عيان ٿي اڳيان ايندو ته هي دنيا ۾ فتنو فساد ڇو آهي، دهشتگردي جي ماء ڪير آهي _مسڪين شفيق جوکيو
جواب: دنيا جا امير ترين ماڻهون ادا سائين! سرمائيداري نظام هجڻ ڪري هڪڙا ماڻهون اميرترين ٻنجيو وڃن ته ٻئي طرف غريب ترين۔ هن نظام جي ڪري تمام خرابيون پيدا ٿين ٿيون۔واڌو ۽ناجائز دولت رکندڙ ماڻهون رات جو دير تائين ڪباب ،شراب۽ شباب جون محفلون رچائي،رشوت ،سفارشن ۽ڪرپشن جي زور تي ڪروڙين رپيا گهر ويٺي ڪمائين ۽نه ڪن ڪم نه ڪارته ٻئي طرف غريب ماڻهون ٻارن ٻچن سميت سڄو ڏينهن لوڙين تڏهن به هڪ ويلهي خوراڪ جيتري رقم حاصل کان لاچار ۔پوءِ دنيا ۾ امن قائم ڪهڙيءَ طرح ٿيندي؟