• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بَخت ڏِئي ڀِيڙو، ته دال مان سِيرو:

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن
دال مان سيرو يعني اڻ هوند مان يا سڃائيءَ مان آسودگي.
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن پوليس عملدار سان، سندس وڏو آفيسر ايترو ناراض هو، جو هو کيس پوليس ٿاڻي تي ويٺو به نه سهندو هو. اڃا هڪڙي پاسي کان نوڪري ڏيئي، ٿاڻي تي مس پهچندو هو ته سندس آفيسر، وري کيس، ڪنهن نئين ڪم پويان ڀڄائيندو هو. مطلب ته سندس سارو ئي مهينو ائين گذرندو هو.
هڪڙي دفعي اهو ننڍو عملدار، رات جي وقت اڃا ٿاڻي تي پهتو ئي مس ۽ ماني کائي، پورو ٿڪ به نه ڀڳو هئائين ته وڏي عملدار گهرائي چيس ته، ”فلاڻو ماڻهو، ڪنهن ڏوهه ۾ گهربل آهي، وڃي کيس پڪڙي اچ“. هي ويچارو، حڪم جو بندو! ”حاضر سائين“ چئي، گهوڙي تي لانگ ورائي روانوٿيو. بيگاهه وقت جي ڪري، سڙڪ ڇڏي، جهنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏيئي، اُن ڳوٺ ڏانهن ٿي ويو، جنهن ۾ گهربل ماڻهوءَ، جو ڏس مليل هوس. اوچتو گهوڙي جي سنبت، ڪنهن اهڙيءَ سخت شيءِ سان لڳي، آواز ڪيو، جهڙو ڪنهن ٽامي جي برتن کي ڌڪ لڳڻ سان، آواز ٿيندو. هو اُهو آواز ٻڌي هڪدم گهوڙي تان لهي پيو. اڃا هٿن سان، مٽي هيڏا نهن هوڏانهن هٽايائين ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي، جا ساري سونين مهرن سان ڀريل هئي! خرزين ۽ توبرو ڀريائين. کيس به پُر ڪيائين ۽ بچي پيل مهرون هڙ ڪري ٻڌائين! مطلب ته ديڳ ۾، ڪانه ڇڏيائين نالي ڪاڻ ڪا هڪڙي مهر! سندس ڳوٺ اتان ميل_ ٻن پنڌ تي هو، جنهن ڪري راتو واه سارو خزانو گهر رکي، وري پوئين پيرين موٽيو ۽ جنهن ماڻهوءَ کي پڪڙڻو هوس، تنهن کي پڪڙي عملدارن جي حوالي ڪري، پنهنجي استعفا جي عريضي ڏيئي گهر هليو آيو.
گهر ۾ ته، غيبي خزانو موجود هوس، جنهن مان، زمين ۽ ٻي ملڪيت خريد ڪري، اميراڻو گذر ڪرڻ لڳو.ماڻهن ۾چوپچو شروع ٿي ته هيءُ اڳ ۾ هڪڙو رواجي سپاهي هو ۽ هينئر امير بنجي ويو آهي! تنهن تي ڪنهن سالڪ چيو ته:
”ادا، جي بخت ڏئي ڀيڙو، ته دال مان ٿئي سيرو“.

_________________
 
جواب: بَخت ڏِئي ڀِيڙو، ته دال مان سِيرو:

يار علي ! ونڊ ته تمام سهڻو ڪيو اٿوَ، لوڪ ادب جي هڪ عام ۽ سادي چوڻي آهي ، جيڪا اتر سنڌ ۾ ته خاص ڪري ممڪن سنڌ جي باقي علائقن ۾ به عام هجي پر اسان واري پاسي ته ٻار ٻار جي وات تي هوندي آهي ۔۔۔ ۽ بلڪل ان ئي معنا ۾ استعمال ٿيندي آهي جو هڪدم ڪو ماڻهون ڪنهن ڪم ۾ ڪامياب ٿئي يا مالا مال ٿئي ۔۔۔

لوڪ چوڻين جي سمجهائڻ لاءِ انهن سان آکاڻيون پڻ رلايون وڃن ٿيون، جڏهن ته اهي چوڻيون عوام جي روزمرهه جي زندگيءَ مان نڪرنديون آهن جن کي ڪنهن چوڻ واري جي ڪنهن تاريخ جي ضرورت به نه هوندي آهي جو اهي چوڻيون حقيقت ۽ هر دل جو آواز هونديون آهن ۔۔۔

اڄڪلهه سنڌ جي حالتن ۾ بس محترم زرداري صاحب سان دوستي ٿي پوي ته بس دال مان سيرو ته ڇا پر اصل حلوووووو ئي حلووووو ٿي پوندو ۔۔۔۔

رب اوهانکي ان وڏي فقير جي دوستي نصيب ڪري ۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: بَخت ڏِئي ڀِيڙو، ته دال مان سِيرو:

ادا نائب منتظم صاحب هي پوسٽ ته ڊبل ٿي لڳي انهي کي ڀا‌مگسي پهريان شيئر ڪري چڪو هن پوسٽ ۾ آهي۔

http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=174
 
Back
Top