
اڄ نيٽ جي دنيا تي جڏنهن مهنجي هن تصوير تي نظر پئي ته مان چانهن پيئڻ دوران ڪافي دير سوچيندو رهيس ته اهي ٻار جن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هجڻ گهرجي انهن کي مائٽ ڪهڙي طرح بندوق ڏين ٿا ڇا بندوق ڏئي ڪري اهو باور ڪرائين ٿا ته اسان جي اولاد ڪنڌار آهي سڀاڻي وڙهندي قتل ڪندي خون ريزي ڪندي ۔۔
ليڪن مهنجي ذهن ۾ هڪ ئي سوال اڀريو ته ۔۔
ڪنهن جي خلاف وڙهندا اهي؟؟؟
ڇا پهنجي ملڪ جي دفاع لاء ؟ پهنجي قوم جي حقن لاء يار وري پهنجي ئي قوم جي ڪنڌ ڪپڻ لاء انهن کي اهي هٿيار ڏنا ويا آهين
خير اهو سوال مهنجي ذهن ۾ گهمندو رهيو تان جو چانهن جو ڪپ به ختم ٿي ويو ۽ مان سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪتس۔ ته مهنجي نظر هن تصوير تي پئي

ته نه چاهندي به مهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ پر وردگار جي بارگاه ۾ دست دعا بلند ڪري اها ئي دعا گهري ته
اي پروردگار اسان جي قوم شعوري طور تي ڪڏنهن بلند ٿيندي جو اسان پهنجي اولاد جي هٿن ۾ بندوق بجاء ڪتاب ۽ قلم ڏيندي فخر محسوس ڪندا سي؟؟