سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي ۽ پشتو ٻولين سوڌو شينا ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو آئين ۾ ترميم جو بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو، سنڌي سوڌو صوبن ۾ ڳالھائجندڙ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري بل خلاف پ پ، ايم ڪيو ايم، نواز ليگ گڏ ٿي بل رد ڪيو، سنڌي ميمبرن شرڪت ئي نه ڪئي، ڪاميٽي جي چيئرپرسن پاران ماروي ميمڻ کان بل واپس وٺڻ جو مطالبو، ماروي ميمڻ سڄي زندگي بل واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪيو ته راءِ شماري ڪرائي اتفاق راءِ سان بل رد ڪيو ويو، ڪالهه قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري کانسواءِ پيپلز پارٽي جي جسٽس رٽائرڊ فخر النساءِ کوکر، طارق بشير، چوڌري غفور، محمد اعجاز ورڪ، شڪيلا خانم رشيد شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايس اي اقبال قادري ايم ڪيو ايم، نواز ليگ مان ايڊووڪيٽ انوشا رحمان، ثريا فيصل تارڙ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي اندر 2008ع ۾ آئين جي آرٽيڪل 251 تحت پيش ڪيل ماروي ميمڻ جي بل تي غور ڪيو ويو، جيڪو بل آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪري بلوچي، سنڌي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، اردو ۽ شينا ٻولين کي پاڪستان جون قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جو بل ھو، ان بل ۾ وڌيڪ ترميم شامل ڪري بل جي منظوري کان 15 سالن بعد سرڪاري طور اردو ٻولي کي استعمال ڪرڻ جا انتظام ڪرڻ، وفاقي حڪومت پاران قومي ٻولين کي ترقي ڏيڻ لاءِ ان بل تحت ھڪ فنڊ قائم ڪري ۽ ان کي يقيني بڻائڻ ته اسڪول سطح تائين عربي ۽ فارسي ٻوليون لازمي مضمون طور پڙھايون وڃن، ترميم تحت قومي ٻوليون قرار ڏنل ٻولين کي نقصان ڏيڻ کانسواءِ صوبائي اسيمبليون قانونسازي ذريعي قومي زبانن ۾ تعليم جي طريقيڪار لاءِ طريقو مقرر ڪري سگھن ٿيون، اھڙي بل تي، جڏھن ڪالهه غور شروع ڪيو ويو ته بل پيش ڪندڙ ميمبر جي حيثيت ۾ ق ليگ جي ماروي ميمڻ به اجلاس ۾ موجود ھئي، اجلاس دوران ڪاميٽي جي چيئرپرسن نسيم چوڌري چيو ته ان بل کي اوھان (ماروي ميمڻ) آئيني ڪاميٽي ۾ ڇو نه کڻي ويا، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته مان بل آئيني ڪاميٽي ڏانهن کڻي وئي ھئس پر انھن مون کي بل پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو، جنھن تي پيپلز پارٽي پنجاب سان تعلق رکندڙ ميمبر چوڌري غفور چيو ته ان بل کي منظور ڪيو ويو ته ان سان مونجھارا پيدا ٿيندڙ ملڪ اندر نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته ماءُ جي ٻولي کي مان ڏيڻ سان ماءُ جي ٻولي مونجھارا ناھي پيدا ڪندي، جنھن تي پ پ جي چوڌري غفور چيو ته ان بل جي حمايت ۾ ملڪ جي ڪنھن صوبي مان مطالبو نه ٿيو آھي، رڳو ٿورو سنڌ مان مطالبو ٿيندو آھي، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو سڄي سنڌ عرصي کان ڪندي رھي آھي، بلوچن، پشتونن، سرائيڪن جو به مطالبو آھي، جنھن تي نواز ليگ جي ٻن ميمبرن ايڊووڪيٽ انوشا رحمان ۽ ثريا افضل تارڙ به انھن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته انھن ٻولين جي ترقي لاءِ صوبائي سطح تي سينٽر کوليا وڃن، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته ان سان صوبن کي عزت نٿي ملي جيڪا اھي گھري رھيا آھن، ايم ڪيو ايم جي ايس اي اقبال قادري چيو ته اسان سنڌي ٻولي سکي آھي ۽ سکي به پئي وڃي پر قومي ٻولي جو سنڌي کي درجو ڏيڻ بدران ھڪ اردو ٻولي قومي ٻولي ھجڻ گھرجي، جنهن بعد قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي بل تي راءِ شماري ڪرائي ته ڄاڻايل مڙني جماعتن جي ميمبرن سنڌي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي، پنجابي، شينا کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري بل کي عجيب مامرو قرار ڏيندي رڳو اردو ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو برقرار رکڻ جي خيالن جو اظھار ڪندي ماروي ميمڻ جو بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو آھي.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    ماروي ميمڻ جي آندل هن بل کي شايد ان ڪري ئي رد ڪيو ويو آهي ته هي بل حڪومت جي طرفان نه آيو آهي... افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن بل خلاف ووٽ به سڀ کان وڌيڪ پيپلز پارٽي جي ميمبرن ئي ڏنا...
    صوبائي خود مختياري جي ڳالهيون ڪندڙ جڏهن هن بل جي ئي مخالفت ڪن ٿا ... ته سندن واتان صوبائي خود مختياري جو لفظ به بس ڊرامون ڍونگ لڳي ٿو....
    هوڏانهن گورنر سنڌ اسيمبلي ۾ ايندڙ تعليمي ادارا گورنر بجاءِ وزيرِ اعلى جي اختيار ۾ ڏيڻ جي بل کي پڻ ٽيون دفعو رد ڪيو آهي.... جڏهن ته باقي ٽنهي صوبن ۾ اڳ ئي اهڙا اختيار وزير اعلى وٽ آهن... ڇا اهو سڀ ڪجهه سنڌين کي ڪراچي جي تعليمي اداران کان روڪڻ نه آهي... افسوس ته اهڙي بل جي هميشه حمايت ڪندڙ پيپلز پارٽي به بل رد ٿيڻ تي ڪو بيان يا ردِ عمل ظاهر نه ڪيو آهي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    سائين منهنجا اهيا خبر پڙهي ڪري ته ( قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي ۽ پشتو ٻولين سوڌو شينا ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو آئين ۾ ترميم جو بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو، سنڌي سوڌو صوبن ۾ ڳالھائجندڙ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري بل خلاف پ پ، ايم ڪيو ايم، نواز ليگ گڏ ٿي بل رد ڪيو، ) تمام گهڻو ڏک به ٿيو ۽ ڪاوڙ به آئي، ادا ايم ڪيو ايم ته ڪڏهن به ڪا نه چاهيندي ته ڪو اردو ٻولي کي ڪنهن طريقي سان ڪو ڌڪ لڳي، پر افسوس ته هنن پي پي پي وارن جو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اسان جا سنڌي ڳالهائيندڙ ميبر آهن
    ادا رشيد صاحب توهان سچ ٿا چئو، ۽ ڏک ته انهن پنهنجن جو ئي ته آهي جن پنهنجائپ ۾ رهي ڪري پٺ ۾ تير هنيا آهن، ادا بس بقول ڪنهن شاعر ته ( مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ) ادا خبر ناهي ڇو جنهن ۾ اسان اميدون رکي ڪري انهن کي اڳتي آڻيندا آهيون ۽ اهي ئي اسان لاء واڳون ٿئي وريا آهن بقول راشد مورائي ته (جي مالهي هئا رکوالا هئا تن باغ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ ) باقي راشد صاحب کي توهان پاڻ ٻڌو۔

    http://www.youtube.com/watch?v=mSr4LBPEsBY
    سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ انگريز ڪمشنر جو حڪمنامي جو عڪس ​

    [​IMG]

    سنڌي ٻولي جو مختصر تعارف ​


    سنڌي ٻولي انڊو يورپي خاندان سان تعلق رکندڙ آريائي ٻولي آھي، جنھن تي ڪجھه دراوڙي اھڃاڻ پڻ موجود ‏آهن. هن وقت سنڌي ٻولي سنڌ جي مک ٻولي آهي . ان کان سواءِ ڪيترا ئي سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جا ٻيا صوبا، هندستان، سريلنڪا، برطانيه، آمريڪا جون گڏيل ‏رياستون، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ملڪ وسائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو تعداد ساڍا 3 ڪروڙ ۽ سموري دنيا ۾ ‏سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 4 ڪروڙ کان مٿي آھي
    سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ​


    پُڻي ۾ چيٽي چنڊ جو ميلوسنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ لسانيات جي عالمن جا مختلف رايا آهن. هڪ خيال اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. عربن جي دور کان پوءِ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ يعني رسم الخط ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دَور (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو.
    جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي خط مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.
    پر ان کانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ، جيستائين = جيستاءِ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره.
    نيٺ 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جون پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.

    سنڌ سلامت جا دوستو باقي سنڌي ٻولي جي ارتقاء جٽاء ۽ مستقبل (عالمن جو بحث مباحثو ) ٻڌڻ لاء توهان هت ڪلڪ ڪريو۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    سائين ممتاز جي مهرباني جو اسان کي بطور ٻولي جي رجسٽر ته ڪرايو پوء هاڻي ٻو ڪير مڃي يه نه مڃي اسان جي لاء سائين ممتاز جو ڏک ئي وڏي ڳالھ‌ آهي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    منهنجا سهڻا دوستو! منهنجا عزيز جان من سنڌي ڀائرو! رب اوهانکي هميشه مسڪرائيندو ۽ سهڻو رکي ۔۔۔ اوهانکي دنيا جي بد نظرن جون نظرون نه لڳن ۔۔۔۔

    ڇا اوهانکي اوهانجي مفڪرن اهو ڪڏهن نه ٻڌايو آهي ته موجوده پاڪستان ۾ ڪڏهن به سنڌ جو ڀلو نه ٿيندو ۔۔۔؟

    ڇا اوهانکي اوهانجي ڏاهن اهو نه ٻڌايو آهي ته هن پاڪستان جي حياتي سنڌ جو موت آهي ۔۔؟

    ڇا اوهانکي اوهانجي سنڌ دوستن اهو ناهي ٻڌايو ته سنڌ هن وقت ٻڌي ٻانهي آهي ۔۔۔ جيئن عربن جي گهرن ۾ انڊونيشي خادمائون هونديون آهن جن تي هنن جا ٻار فطري ۽ غير فطري عمل ڪري سکيا وٺندا آهن ۔۔۔

    الائجي ڇو اسين سڀ ڪجهه وساري اڃان هن ملڪ مان آسرو ۽ اميد رکي ويٺا آهيون ۔۔۔ آ شرط سان چوانٿو ته اسانجي زندگي ۾ جيڪڏهن ڪو به هن پاڪستان ۾ ڪا مثبت تبديلي آڻي ڏيکاري ته آ پنهنجو سر خوشي ۾ نثار ڪري ڇڏيندس ۔۔۔

    پر افسوس ائين ٿيڻو ناهي ۔۔۔۔ اهو وڏو بحث آهي ۔۔۔ ڪتاب اڳ به لکيل آهن ۽ اڃان لکي سگهجن ٿا ۔۔۔

    باقي اوهان راز جا راڻا آهيو ۔۔۔ ٻٻرن کان ٻير گهرندا رهو ۔۔۔ پنهنجيون جهوليون ڪنڊن سان ڀريندا رهو ۔۔

    الله واهي آهي اسان سڀني جو ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌيت جو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    بس ادا ...
     
  7. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    ادا تمام بهترين ۔۔۔
     
  8. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد

    ادا عمران بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو