جواد رضا
سينيئر رڪن
سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل رد
قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي ۽ پشتو ٻولين سوڌو شينا ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو آئين ۾ ترميم جو بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو، سنڌي سوڌو صوبن ۾ ڳالھائجندڙ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري بل خلاف پ پ، ايم ڪيو ايم، نواز ليگ گڏ ٿي بل رد ڪيو، سنڌي ميمبرن شرڪت ئي نه ڪئي، ڪاميٽي جي چيئرپرسن پاران ماروي ميمڻ کان بل واپس وٺڻ جو مطالبو، ماروي ميمڻ سڄي زندگي بل واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪيو ته راءِ شماري ڪرائي اتفاق راءِ سان بل رد ڪيو ويو، ڪالهه قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري کانسواءِ پيپلز پارٽي جي جسٽس رٽائرڊ فخر النساءِ کوکر، طارق بشير، چوڌري غفور، محمد اعجاز ورڪ، شڪيلا خانم رشيد شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايس اي اقبال قادري ايم ڪيو ايم، نواز ليگ مان ايڊووڪيٽ انوشا رحمان، ثريا فيصل تارڙ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي اندر 2008ع ۾ آئين جي آرٽيڪل 251 تحت پيش ڪيل ماروي ميمڻ جي بل تي غور ڪيو ويو، جيڪو بل آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪري بلوچي، سنڌي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي، اردو ۽ شينا ٻولين کي پاڪستان جون قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جو بل ھو، ان بل ۾ وڌيڪ ترميم شامل ڪري بل جي منظوري کان 15 سالن بعد سرڪاري طور اردو ٻولي کي استعمال ڪرڻ جا انتظام ڪرڻ، وفاقي حڪومت پاران قومي ٻولين کي ترقي ڏيڻ لاءِ ان بل تحت ھڪ فنڊ قائم ڪري ۽ ان کي يقيني بڻائڻ ته اسڪول سطح تائين عربي ۽ فارسي ٻوليون لازمي مضمون طور پڙھايون وڃن، ترميم تحت قومي ٻوليون قرار ڏنل ٻولين کي نقصان ڏيڻ کانسواءِ صوبائي اسيمبليون قانونسازي ذريعي قومي زبانن ۾ تعليم جي طريقيڪار لاءِ طريقو مقرر ڪري سگھن ٿيون، اھڙي بل تي، جڏھن ڪالهه غور شروع ڪيو ويو ته بل پيش ڪندڙ ميمبر جي حيثيت ۾ ق ليگ جي ماروي ميمڻ به اجلاس ۾ موجود ھئي، اجلاس دوران ڪاميٽي جي چيئرپرسن نسيم چوڌري چيو ته ان بل کي اوھان (ماروي ميمڻ) آئيني ڪاميٽي ۾ ڇو نه کڻي ويا، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته مان بل آئيني ڪاميٽي ڏانهن کڻي وئي ھئس پر انھن مون کي بل پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو، جنھن تي پيپلز پارٽي پنجاب سان تعلق رکندڙ ميمبر چوڌري غفور چيو ته ان بل کي منظور ڪيو ويو ته ان سان مونجھارا پيدا ٿيندڙ ملڪ اندر نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته ماءُ جي ٻولي کي مان ڏيڻ سان ماءُ جي ٻولي مونجھارا ناھي پيدا ڪندي، جنھن تي پ پ جي چوڌري غفور چيو ته ان بل جي حمايت ۾ ملڪ جي ڪنھن صوبي مان مطالبو نه ٿيو آھي، رڳو ٿورو سنڌ مان مطالبو ٿيندو آھي، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو سڄي سنڌ عرصي کان ڪندي رھي آھي، بلوچن، پشتونن، سرائيڪن جو به مطالبو آھي، جنھن تي نواز ليگ جي ٻن ميمبرن ايڊووڪيٽ انوشا رحمان ۽ ثريا افضل تارڙ به انھن ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته انھن ٻولين جي ترقي لاءِ صوبائي سطح تي سينٽر کوليا وڃن، جنھن تي ماروي ميمڻ چيو ته ان سان صوبن کي عزت نٿي ملي جيڪا اھي گھري رھيا آھن، ايم ڪيو ايم جي ايس اي اقبال قادري چيو ته اسان سنڌي ٻولي سکي آھي ۽ سکي به پئي وڃي پر قومي ٻولي جو سنڌي کي درجو ڏيڻ بدران ھڪ اردو ٻولي قومي ٻولي ھجڻ گھرجي، جنهن بعد قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي بل تي راءِ شماري ڪرائي ته ڄاڻايل مڙني جماعتن جي ميمبرن سنڌي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي، پنجابي، شينا کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري بل کي عجيب مامرو قرار ڏيندي رڳو اردو ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو برقرار رکڻ جي خيالن جو اظھار ڪندي ماروي ميمڻ جو بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو آھي.