اوهان تمام سنڌ سلامت جي ساٿين کي آگاھ ڪيو ٿو وڃي ته اسان جي فورم جي بهترين دوست سائين ممتاز وگهيو صاحب جي طبعيت پٺين ڪجھ ڏينهن کان مسلسل خراب آهي سندن صحت و سلامتي ۽ طولاني عمر جي لاءِ دعا ڪندا۔ وسلام
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل پر يار ته هاڻ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اسپتال مان نڪتو هو، پر وري طبيعت خراب ٿيڻ جو مقصد ته سائين جن کي باقاعدگي سان علاج ۽ رک جو بندوبست ڪرڻو پوند ۽ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان پنهنجي تپاس ڪرائڻ گهرجيس، ۔۔۔ رب کيس صحت ڪامله عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل الله سائين اسان جي ڪچهري جي مور ادا ممتاز کي جلد از جلد صحت ڪامله عطا ڪري بحق محمد و آل محمد۔ آمين۔
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل ڀاء توهان تمام دوستن جي مهرباني بس دوست دعائن ۾ ياد رکندا ۽ اهيا دعا ڪندا رهندا ته رب پاڪ مون کي جلد از جلد صحت يابي عطاء ڪري آمين ادا ڏاڏل توهان جون به لک مهربانيون جو توهان منهنجي لاء دعا لاء اپيل ڪئي، باقي مان توهان جي انتظار ۾ آهيان پوء اچو ته اسپتال هلجي۔
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل ادا ابڙا صاحب توهان صحيح پيا چئو تن مان هاڻ ئي اسپتال ۾ نڪتو آهيان، مگر ادا اڃان به منهنجي صحت بلڪل صحيه ڪا نه ٿي ٿئي، جنهن لاء اوهان سڀني دوستن کي عرض آهي ته منهنجي دحتيابي لاء دعا ڪندا رهندا ۔۔۔۔۔۔۔ بس ادا ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ڪرهو ان کي
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل اسان جون جهوليون رب جي دربار ۾ کنيل آهن ۽ دعائون آهن ڀاء ممتاز خوش هجي ۽ اسان سان گڏ هجي۔ تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛ تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛ تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل صاحب (جل جلاله) ڏي شفا، ميان مريضن کي۔۔۔ الله جي پاڪ در تي دعا آهي ته اسان جي پياري دوست کي جلد کان جلد ڪُلي شفا ملي ۽ هر قسم جي آفت ۽ تڪليف کان محفوظرهي۔۔۔ ادا ممتاز اوهان کي گذارش آهي ته وڌ کان وڌ صدقو ڪڍندا رهو ۽ ڪراچي ۾ ڪنهن خاص اسپتال ۾ ڏيکاريو، ڇو ته اسان هن ڀيري ڪراچي جي اسپتالن جا جيڪي حال ڏٺا، الله بچائي۔۔۔۔۔
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل الله پاڪ کا اها ئي دعا آهي ته باري بي پرواه اسان جي فورم جي سلڇڻي سٻاجهي ۽ محنتي دوست ادا ممتاز کي جلد از جلد صحت ڪامله عطا فرمائي آمين
جواب: سائين ممتاز لاء دعا جي اپيل ادا مهرباني جو توهان مون کي دعائن ۾ ياد رکيو آهي، ادا وري به سڄي سنگت کي عرض آهي ته دعائن ۾ ياد رکندا ايندا ته جيئن رب پاڪ هن منهنجي تڪليف کي بلڪل ختم ڪري ڇڏي ۔ مهرباني