[justify] قاتل جو ڏس مليو آهي اڌي لعنت دنيا تي تي ساري لعنت دنيا داران هو .... باهو اڄ صبح هر اخبار جي سرخين ۾ اها خبر عام هئي ته جسٽس جاويد جي والدين جو قاتل ڪو غير نه پر سندس پٽ ئي نڪتو ان موضوع تي ذهن ۾ سائين سلطان باهو جو هڪڙو شعر تري آيو جنهنجي هڪ سٽ جو ترجمو موضوع طور پش ڪيو آهي ۽ باقي اوهان پاڻ سمجهدار آهيو انجو ٻيو حصو سمجهي ڪري، بس سمجهي سگهو ٿا۔ ڪالهوڪي اها خبر هر ميڊيا چينل جي زينت هئي ته چيف جسٽس لاهور جي والدين جو قاتل ڪو غير نه پر سندن پٽ ئي هو۔ اوهان اهي جوڙا ته ڏٺا هوندا جن کي اولاد ناهي ٿيندي اهي ڪيترا وس ڪندا آهن ته انهن کي الله اولاد ڏئي۔ ڊاڪٽر حڪيم، طبيب جو در ناهين ڇڏيندا۔ مون ته ايتري تائين به ڏٺو آهي جو پنهنجي عقيدن جي خلاف به جي ڪنهن ڏس ڏنو ته انهن درن تي وڃڻ کان ناهن ڪيٻائيندا۔ پوءِ اهو پيرن فقيرن جو سلسلو هجي يا پنهنجي توڙي ڪنهن ٻئي مذهب جو عامل ئي ڇو نه هجي ۔ جي ڏينهن جي روشني ڪا عقائدي توڙي معاشرتي تڪليف ٿئي ته رات جي اونداهي جو سهارو وٺي انهن نه وڻندڙن درن جو طواف ڪندا آهن۔ انجي پٺيان انساني خواهشن جا ڪهڙا راز آهن انهن جو تذڪرو ڪنهن ٻي ساعت ڪبو۔ سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته اها اولاد جنهن جي محبت ۾ انسان نه حرام وًحلاال جو خيال رکندو آهي اها ولاد انسان جي دشمن ٿئي ٿي انجو سبب ڇا آهي؟ اهڙو فعلِ قبيح انسان ڪيئن سرانجام ڏئي ٿو؟ انجي انسانيت ڪيئن مري ٿي وڃي اهو ايتري کاهي ۾ ڪيئن ٿو ڪري ؟ اهڙا لاتعداد سوال فڪري ذهنن ۾ اڀرن ٿا۔ غريب فريادي ڪيس جون سنوايون کائي کائي مري ٿو وڃي پر نه مجرم ٿو ملي نه ڪيس حل ٿو ٿئي انجي پٺيان ڪهڙا عوامل آهن اهو اوهان به خوبي سمجهي ٿا سگهو پر ان موت کان نه دولت ٿي بچائي نه شهرت۔ حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي دنيا ۾ مقامِ عبرت ته گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ وارا تمام ٿورڙا آهن ۔ حقيقت ۾ زر، زمين، زن اهي ٽنهي شين جي حُب ايتري شديد هوندي آهي جو انسان انهن جي محبت جي چڪر ۾ پئجي هر قبيح کان قبيح فعل جو مرتڪب ٿي سگهي ٿو جنهن جي دل ۾ انهن شين جي محبت جيتري شديد هوندي اهو انهن جي لطف لاءِ ايترو ڪِري سگهي ٿو۔ قرآن ۾ واضع آهي اصفلصافلين سالڪن جو چوڻ آهي ته اصفلصافلين جهنم جي آخري ڳڙهي جا رهواسي آهن هاڻي آخري ڳڙهو ڪهڙو آهي انجي ڪا خبر ڪانهي پر انجو اتي مطلب اهو آهي ته هن جي ڪرڻ جو ڪو اندازو ئي ڪونهي۔ اسان معاشري ۾ ٻڌندا آهيون ته ” يار ائين به ٿي سگهي ٿو، انسان ايترو به ڪري سگهي ٿو، بيشرمي جي به ڪا حد ٿيندي آهي وغيره” ته انهن تذليلي منزلن ڏانهن انسان جو سفر روز اول کان شروع آهي ۽ قيامت تائين رهڻو آهي۔ ۽ انجي مخالف سمت يعني احسن تقويم جي طرف پڻ انسان جو بلندي ڏانهن سفر جاري آهي ، دنيا ۾ ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جن تي فرشتا سلام ڪندا آهن ۽ ڪي انسان اهڙا هوندا آهن جن کان فرشتا نفرت ڪندا آهن، جن کان نفرت ڪندا آهن اهي سنتِ شيطاني جا علمبردار هوندا آهن ۽ جن تي سلام ڪندا آهن اهي انبياء جا پيروڪار هوندا آهن۔ انسان جنهنجو هر پل امتحان سان جڙيل آهي جنهن لاء سالڪن جو چوڻ آهي ته جو دم غافل سو دم ڪافر ، در اصل نه انسان کي دولت سان محبت آهي نه انجي اسباب سان آهي پر اصل ۾ ان مان حاصل ٿيندڙ لذتِ نفس سان هوندي آهي ان لاء حضرت علي عه جو فرمان پڻ آهي ته جنهن جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پرستش ڪئي وڃي ٿي اهو معبودِ اڪبر خواهشِ نفس ئي ته آهي ۔ مقام عبرت ته گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ واريون اکيون ٿورڙيون آهن هن زر جي محبت جا ڪجھ نمونا اوهان جي گوشگذار ڪرڻ چاهيان ٿو؛ حضرت محمد صلعم جو جنازو ڇڏي اڪثريت سقيفه ۾ حڪومت جي جوڙ جڪ ۾ لڳي ويا، حضرت علي عه جو قاتل هڪ عورت جي محبت ۾ سندن سر تي ضربت هڻي ٿو جيڪو جنگِ صفين ۾ سندن سپاهي هو، حضرت امامِ حسن عه کي سندن گهرواري چند ٽڪن جي بدلي زهرڏنو، اهو امام جنهن جو دسترخوان مشهور آهي ڇا ان امام عه ان گهر واري کي ڪجھ نه ڏنو هوندو، امام حسين عه کي يزيد پنهنجي حڪومت لاءِ خطرو سمجهي ڪري نه فقط شهيد ڪرايو پر انهن جي ناموس، جيڪو ناموسِ رسالت ها در در ڦيرايو ته جيئن ڪو هن جي حڪومت کي ڪمزور نه ڪري ، هر سچ جي مخالفت فقط خواهشِ نفس پوء چاهي اهو نفساني غرور وتڪبر هجي يا لذتِ نفس جو ڪارڻ هجي۔اصل ۾ ڪلمي جي لا جوخنجر ان تي ئي ته هلائڻو هو ۔ هن جي هر خواهش کي لا ڪرڻو هو، دين اسلام جو مقصد هو انسانيت کي سلامت رکڻ پر هتي اسان ته ڪلمان نمازون روازا وغيره سڀ ڪجھ ڪيون يا پوءِ به اسان هن جي ڪنهن دوکي کان ناهيون بچيل هر طرف هُو جو عالم آهي ڪاٿي اولاد والدين جا قاتل آهن ته ڪاٿي وري ڀاء ڀاء جو قاتل آهي ڪاٿي اها خواهش انساني غيرت جي قاتل نظر ٿي اچي خدا جو خوف ته آهي ئي نه پر ٿورو گهڻو ماڻهون ظاهري قانون کان ڊڄندا آهن سو به ڪونهي ۔ هتي غريب جو خون جج توڙي انتظاميه جي کيسي گرم ڪرڻ سان ٿدو ٿي ٿو وڃي ۔ آءُ اهو نه ٿو چوان ته جج صاحب جي پي جي ميڊيا رپوٽن مطابق قاتل کي ايترو جلدي نه پڪڙڻ گهرجي پر ايترو ضرور چوندس ته جي هر جرم اسانجي اک کولي ته ڪيترائي واقعا آهن جن کان اسانجو معاشرو پاڪ ٿي سگهي ٿو اها سزا ته فقط ظاهري جرم کي روڪڻ آهي باقي جيڪا سزا ان جي پنهنجي ذات لاء هوندي انجو ڪو ڪاٿو لڳائڻ اسان توڙي انجي وس ۾ ڪونهي انجو تصور به اسانجي وس کان ٻاهر آهي۔ اوهان اهڙا ڪئي واقعا ڏٺا توڙي ٻڌا هوندا ڪجھ سال اڳ جي ڳالھ آهي موري شهر جي هڪ ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ ڇوڪري پنهنجي محبوب سان گڏجي پنهنجي گهروارن جنهن ۾ سندس ماء ، پي ، ٻه ڀينرون جن ۾ هڪ جي عمر ٻه سال هئي ٽي ڀائر انهن سڀني کي ماني ۾ نشو ڏئي زنده دفنايو هو، اهڙا ڪئي واقات اوهان کي ملندا۔ هاڻ ي اوهان غور ڪيو ته انسان توڙي انسانيت جو قاتل ڪير آهي۔ ان لاءِ شااھ صاحب جو هڪڙو شعر آهي ته ڪاتي جو ڏوھ ڪونهي اصل ۾ ڏوھ ان هٿ جو آهي جيڪو ان ڪاتي تي قابض آهي جنهن جي حڪم سان اها ڪاتي هلي ٿي۔ ڪنهن حضرت علي عه کان سوال ڪيو هو ته ڇا اوهان جي اندر نفسِ اماره ( برائي جو حڪم ڏيدڙ) ناهي ته پاڻ عه جواب ڏنو ته آهي پر اسان ان کي مسلمان ڪري ڇڏيو آهي ان جو سر تسليم خم ڪرڻ وارو مسلمان آهي ۽ انجي اڳيان سر تسليم ڪرڻ ڪافري آهي ڏال کي ڏاهن ائين ئي سمجهايو آهي وسلام[/justify]
جواب: اڌ لعنت دنيا تي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ هن دنيا ۾ انساني رخ جا ٻه پاسا آهن ۔۔۔ هڪڙو شيطاني ۽ ٻيو رحماني ۔۔۔ انڪري اسانکي ڪٿي شيطان نظر ايندو آهي ته ڪٿي رحمان ۔۔۔ اها هڪ حقيقت آهي ته هن دنيا ۾ ۽ خود انسانن ۾ حسن گهڻو آهي پر جيئن ته حسن جو جلوو انسان کي وڻندڙ هوندو آهي انڪري هو انکي قبول ڪندو چپ چاپ ۾ هلندو رهندو آهي، ۽ اها به حقيقت آهي ته ڪوڙ يا بدنمائي ٿوري هوندي آهي پر انجي اثر ۽ اوچتي ظهور سبب ۽ ان جي اڻ وڻندڙ رخ سبب اسانکي تڪليف گهڻي ٿيندي آهي ۔۔۔ بلڪل انجو مثال ايئن آهي جيئن کير ۾ ٿورڙي ڏهي وجهبي ته کير پورو پنهنجي تاثير مٽائي ويندو آهي ۔۔۔ لکين پٽ فرمانبردار هجن ۽ انهن ۾ هڪ پٽ به فرمانبردار نه هوندو يا ڏنگو هوندو يا شيطاني رنگ ۾ هوندو ته سڄي منظر جو رنگ ڦڪو ڪري ڇڏيندو آهي ۔۔۔ سنڌي ۾ اسين چوندا آهيون ته ”هڪ ڪني انب سبب کارو سڄو ڪنو لڳندو آهي” سو سهڻا دوست ڏاڏل اوهانجي اڻ تڻ اجائي ناهي، ڀلا هڪ انب به خراب ڇو هجي ۔۔۔ معاشري ۾ برائي ننڍڙي به وڏن حادثن جو سبب ٿئي ٿي ۔۔۔ انڪري اسانکي امڪاني حد تائين اهڙي برائي جي اسبابن تي نظر وجهڻ گهرجي ۔۔۔۔ پر افسوس ائين ٿيندو ڪون جو ابليس به ته آخر پنهنجي ڪم سان لڳل آهي ۔۔۔ انڪري اهڙا واقعا انسان جي دنيا ۾ ٿيندا رهندا ۔۔۔ پر جوڳي رمدا ڀلا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اڌ لعنت دنيا تي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏل سائين بلڪل صحيح لکيو اٿو ته هر گناه جي جڙ دنيا جي محبت آهي، تنهنڪري علي عليه السلام فرمايو آهي ته هي دنيا ڍونڍ آهي ۽ ان جا طالب ڪتا! الله سائين اوهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي۔ باقي محترم توهان جي تحرير جي آخر ۾ لفظ ”نفس اماره“ آهي ان جي تصحيح فرمائيندا۔ مهرباني۔
جواب: اڌ لعنت دنيا تي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ڏاڏل دنيا جو اهو دستور آهي ته ڪيترا ئي انسان جيڪي تخت جا خواهشمند هئا اهي تخت دار تي وڃي پهتا ۽ ڪيترا اهڙا به خوش نصيب انسان هئا جيڪي تخت دار تان لهي ڪري تخت سنڀاليون ۔۔۔ اهڙي قسم جي ڪهاڻين سان تاريخ جا ورق ڀريل آهين پر سوال اهو آهي ته انهن واقعن مان اسان عبرت چو نٿا وٺون ؟؟؟ ان جو سبب اهو ئي جيڪو اوهان به ذڪر ڪيو ته انسان جي نفس ان جي خواهشات انسان تي حاوي ٿي وڃي ته پوء ان کي ڪا به شي نظر نه ايندي آهي ۔ ادا اوهان مغل بادشاه جي پنجين بادشآه شاه جهان جي پٽ اورنگزيب پهنجي پي کي نظر بند رکيو پهنجي ڀائرن کي سر عام فاسي ڏني سو اهو دنيا جو دستور آهي ته انسان تي جڏنهن نفس ۽ خواهشات نفس حاوي ٿي وڃن ته هو هر شي کي ايسيتائين جو هو پهنجي رشتن ناتن کي به ڀلجي ويندو آهي ۽ پهنجي ان خواهش کر پورو ڪرڻ لاڀ رب جي نافرماني ڪرڻ لاء تيار ٿي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهي معاشرتي برايون ڪر کڻنديون آهين ۽ اهڙي قسم جا واقعا رونما ٿيندا آهين ۔۔۔۔۔۔