عزيز دوستو۔۔!! ٻيو خير يار۔۔۔اهو پي ڊي ايف سافٽوير مون انسٽال به ڪيو آهي۔۔۔پر ان ۾ ڪابه پي ڊي ايف فائيل ڪون ٿي کُلي مان جڏهن فائيل تي ڪلڪ ٿو ڪيان ته بجليءَ وانگر جهٽڪو ڏئي فائيل بند ٿي وڃي ٿي۔۔۔انهي جي ڪري مون سوچيو ته سنڱت کان ڪو ڏس پنڌ وٺان۔
جواب: سنڱت هڪ ننڍڙو مسئلو آهي۔۔۔؟؟ ادا اوهان جي پي سي ۾ وائرس آهي جاني جيڪو ان پروگرام کي رن ٿيڻ نٿو ڏئي يا اوهان جيڪو سافٽ ويئر انسٽال ڪيو آهي پي ڊي ايف سافٽوير ان ۾ وائرس آهي اوهان انهن جي پهنجي سايٽ تان سافٽ ويئر ڊائلوڊ ڪيو ليڪن پهرين کي ان انسٽال ڪرڻ نه وسارجو
جواب: سنڱت هڪ ننڍڙو مسئلو آهي۔۔۔؟؟ سائين ان جي سائيٽ جي لنڪ ڏيندا ته اوهانجي مهرباني ٿيندي۔۔۔باقي جيڪا ڳالھ اوهان وائرس واري ڪئي ته مان اڄ ئي نئين ونڊو ڪئي آهي سسٽم جي۔۔۔نئي ونڊو ڪرڻ کان اڳ به اهو ئي مسئلو اچي رهيو هو۔۔۔؟؟؟
جواب: سنڱت هڪ ننڍڙو مسئلو آهي۔۔۔؟؟ سائين مهرباني جو اوهان اسان جو سڏ ورنايو۔۔۔مان ڊائونلوڊ تي ڪم کي لڳائي ڇڏيو آهي۔۔اُميد اها آهي ته مسئلو حل ٿي ويندو۔