جڏهن انگريزن سنڌ جي فوجن کي شڪست ڏئي هن علائقي تي مڪمل قبضو ڪري ورتو، جنهنکي اڄڪلهه پاڪستان چئجي ٿو ته هن علائقي تي پنهنجو قبضو قائم رکڻ لاءِ هڪ فارمولو تيار ڪيو ويو ... هنن مختلف ثقافتن رکڻ وارين قومن کي ڪيئن قابو ڪجي؛ فارمولو؛ ”پنجاب تي حڪومت ڪريو، سنڌين کي ڊيڄاريو، پٺاڻن کي خريد ڪريو، بلوچن کي عزت ڏيو...“ حوالو؛ Modern Asian Studies 32, 3 (1998), pp. 657±687. Ó 1998 Cambridge University Press... Printed in the United Kingdom
ادا رشيد، هڪ انگريز پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته" مون الائي ڪيتريون جنگيون وڙهيون پر دٻي واري جنگ مونکان ڪڏهن به نه وسرندي، هوشو جي بهادري ۽ وڙهڻ جي انداز ته اسان جا پير ئي پٽي ڇڏيا هئا، اگر جي انهن سان پنهجا غداري نه ڪن ها ته، اسان ڪڏهن به فتح نه ڪري سگهون ها"
بلڪل ادا سچ پيا چئو هميشهه اسان سان پنهنجن ئي ڏاڍي ڪئي آهي جيڪڏهن پنهنجا اسان سان غداري نه ڪن ته .. sindhsalamatsaathsal
”پنجاب تي حڪومت ڪريو، سنڌين کي ڊيڄاريو، پٺاڻن کي خريد ڪريو، بلوچن کي عزت ڏيو...“ دوست، رشيد صاحب جڙيل هجين شال ادا، انگريزن هوشوءَ کي شڪست ڏئي، سنڌ تي پنهنجو قبضو پورو ڪيو ۽ کين دولهه جي ڄاڻ کين واقعي ڪون هئي ... پر انگريزن کي اها ڄاڻ ضرور هئي ته سنڌ جا دشمن سنڌي ئي آهن ۽ مٿان وري سنڌي دنيا ۾ عجيب قوم آهي جنهن وٽ ڪا باقاعده فوج يا ڪو دفائي ادارو آهي ئي نه... دوست؛ مون ان حوالي کي، اوهان دوستن سان ونڊ انڪري ڪيو هو ته دوست علمي بحث ڪري انجي ڇنڊڇاڻ ڪندا ته آخر اهو فارمولو انگريزن ڇو ۽ ڇا لاءِ اختيار ڪيو ۽ ان سان کين ڪهڙو فائدو ٿيو؟ منهنجي سمجه آهر ، (ممڪن آهي ته مان غلط به هجان) هي سبب ٿي سگهنٿا؛ سمجهدار قومون هميشه ٻين قومن سان انهن جي نفسيات آهر ڏي وٺ ڪنديون آهن ته جيئن کين فائدو ٿئي ... پنجابي قوم؛ پنجاب قوم جي نفسيات آهي ” حاضر سرڪار“ اها قوم پنهنجي فائدي لاءِ دنيا جي بدترين ظالم قومن سان به ڪلهو ڪلهي سان ملائي سگهي ٿي ... ۽ سندن نفسيات ۾ ” هاڪار“ آهي ... انڪري انگريزن ان قوم تي حڪومت ڪري کين ٻين قومن جي لاءِ هڪ آزارو فوج تيار ڪئي، جا اڄ تائين دائم ۽ قائم آهي ۽ اڄ به آقائن جي اشاري تي ڪم ڪري پئي ... سنڌي قوم؛ سنڌين جي نفسيات ۾ پيشاور فوج وارو عنصر ناهي، پر امن قوم آهي، صوفين جي عشق واري مذهب جي پوئلڳ آهي ... ها بهادر آهي، وقت اچڻ تي پاڻ ملهائي سگهي ٿي پر جيئن ته پيشاور فوج کان خالي آهي انڪري ... انگريزن سنڌين کي ٻين قومن جو ڊڄ ڏئي پنهنجا مقصد ڪڍڻ ٿي گهريا ... اهو عمل اڄ به جاري ۽ ساري آهي مختلف پاسن کان ڪڏهن مهاجرن جي صورت ۾ ڪڏهن پٺاڻن جي صورت ۾ ته ڪڏهن سڌو سنئون فوج پنهنجو ڊپ ڏئي ... سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رهي آهي ... ڇا اسانکان ٽڪا خان جا اهي لفظ وسري ويا آهن ته؛ ”اسانکي سنڌ جي ڌرتي کپي، ماڻهون نه کپن!!! بنگال ته اسانکان پري هو پر سنڌ تي صرف بري فوج مارچ ڪندي ته سنڌ ڪچلجي ويندي“ محترم سائين جي ايم سيد، آخر ۾ پنهنجو لکيل ڪتاب ” رهبر “ ڇو نه ڇپرايو؟ ڪارڻ هو ته ايتري ظالم پنجابي فوج سان وڙهڻ ڪو سولو ڪم نه هو، انڪري سائين محترم عدم تشدد جو نظريو ڏيندي چيو هو ته سنڌي قوم جي اتحاد سان ئي فتح حاصل ٿيندي پر جي اسين لک بندوقون گڏ ڪيون پر اتحاد نه هوندو فتح ناممڪن ٿيندي ... هڪ قوم ... هڪ آواز، نه ته آزار ئي آزار دوستو نوٽ ڪندا ته؛ دنيا ۾ هن وقت پنجاب (پاڪستان) جي فوج جديد اسلحي سان ڀريل دنيا جي ويڪائو ۽ ظالم ترين فوج ليکي وڃي ٿي... هن وقت به پاڪستان جي حڪومت سنڌين کي ڊيڄاري پنهنجا ڪم ڪڍي رهي آهي ... پٺاڻ قوم؛ هي قوم پنهنجي جاگرافيائي ۽ علائقي جي نسبت سان گهٽ معاشيات وراري قوم آهي انڪري ان قوم کي پئسي جي خاطر سموري دنيا ۾ محنت مزدوري ڪندي ڏسبو، هي قوم به پئسي خاطر دنيا جا ڪڌا ڪرتوت ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي ، پوءِ اها ٻارن جي اسمگلنگ هجي، يا منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ هجي يا وري بازار حسن ۾ سندن عورتن جي موجودگي يا وري سندن هر قسم جي مار ڌاڙ، ظاهر ڪري ٿي ته ان قوم کي پئسو ڏئي ڪجهه به ڪرائي سگهجي ٿو ... بلوچ قوم؛ جيئن ته هن قوم وٽ سرداري ۽ قبائلي نظام آهي. قبائلي نظام وارين قومن وٽ سندن عزت نفس وڏي ڳالهه هوندي آهي، سردار ۽ قبائلي اڳواڻ عزت حاصل ڪرڻ لاءِ آتا هوندا آهن ... کين ڪو عزت ۽ مان ڏئي ته هو پنهنجي قوم جو خيال نه ڪندي انهن سان دوستيون قائم ڪري سندن ٻانهن ٻيلي ٿي ويندا آهن ... قبائلي قومون ۽ قبيلا، سردارن ۽ نوابن جي ملڪيت هوندا آهن ... غيبي خان چانڊيي جو هڪ قول آهي ته؛ ” جنهنجو ماڻهون مال تنهنکي ڪهڙو ڪال“ مطلب ته سندن ماڻهون مال هوندا آهن انڪري اهڙين قومن جي سردارن نوابن کي عزت ۽ مان ڏئي دوست بڻائجي ته ٻيڙا پار ٿي ويندا آهن ... ان نفسياتي ڄاڻ ذريعي انگريزن به بلوچ سردارن، نوابن کي عزت مان ڏئي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو ۽ اڄ به پاڪستان سرڪار انهن نوابن ۽ سردارن ذريعي ئي سموري بلوچ قوم تي حڪمراني ڪري رهي آهي ... دوستو، سوچڻ جو مقام هي آهي ته اسين سنڌي هاڻ ڪهڙي منزل تي آهيون ۽ ڪهڙي رستي جا راهي آهيون ... ممڪن آهي ته رستي جي صحيح سڃاڻپ سان ئي منزل آسان ٿئي ... ڪا غلطي هجي ته درستگي ڪندا .... مهربانيون ۽ ٿورا ماروئڙن جا ...
زبردست سائين اوهان جي سمجهاڻي تمام پياري ۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي سنڌي قوم هن وقت اهڙي سچي، ايماندار، جوڌي جوان جي اڳواڻي گهربل آهي۔۔ اسان جا قومي ليڊر صرف ۽ صرف پلي ڪارڊ هٿ ۾ جهلڻ تائين محدود آهن۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌين جي ڦرڻ لاءِ وڏا ازدها بڻيل ويٺل آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن وقت شايد ڪو سائين جي ايم سيد جهڙو رهبر اڀري اچئي جيڪو پنهنجي قوم جي حقن لاءِ وڙهي ۽ اهي حق اسان جهڙن اٻوجهن جي جهولي وجهي۔۔۔ آئون به اڳڀري ٿيان۔۔۔۔ متان چويم خان بلوچ ته هن ڪميڻي مان به ڪين ٿي۔۔۔۔ اسان جو به اوتروئي فرض آهي جيترو اسان جي رهبرن جو آهي۔۔۔۔ پر سائين رهبر سچو هوندو ته هيٺيان به سڌي راهه تي ايندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري۔۔۔ اوهان مڪي مڪرمه ۾ آهيو پنهنجي سنڌ جيجل جي حق ۾ دعا گهرندا ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ صرف دعائن جي ضرورت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڀلي ڪري آيا ، ادا زاهد، ڪيترن ڏينهن کانپوءِ اوهان جي موجودگي محسوس ٿي ... بس ڙي ڀائڙا اندر اڌ ٿيل آهي پر انتظار آهي الله جي معجزي جو ۽ الله مان اميدون لاهڻ به ڪفر، سندس ذات بينياز آهي ... ”پرچي ته پٽ ڀري، رسي ته به ڏي“ سدائين گڏ
ادا نثار ابڙا شال جُڙيو هُجين: هينئر به هڪ سئو ٽي کان ٽيمپريچر مٿي آهي۔ تُنهنجي هن لکڻي تي گهڻو ڪجهه ٿو لکڻ چاهيان پر ذهن ، ڪمپيوٽر جِي ڪِي بورڊ تي هلندڙ آڱريون، مون سان ٽيمپريچر جي ڪري سهمت نه پيون ٿين۔ ان ڪري ادا زاهد سومرو جي ڪوٽيشن کي ڪوٽ ڪيو اٿم۔ بس مٺا ڪڏهن ڪڏهن جيڪو پاڻ سوچيندا آهيون ، سا سوچ نڪوجنت ۾ وڃڻ جي حقدار هوندي آهي ۽ نڪي شايد دوزخ ۾ وڃڻ جا سانڀاها ڪندي آهي پر ڪالهه جمعي جي نماز ۾ مولوي صاحب هڪ اهڙي جاءِ جو ذڪر ڪري رهيو هو شايد ” اعراف“ ۾ ئي وڃي وڃي هنڌ ڪندي۔ لطيف سائين جن جو چوڻ آهي ته ڪيهي ڪام ڪاپڙي ٿا اهڙي رَوَشّ رَوَنِ نڪا دل دوزخ ڏي، نڪو بهشت گهرن، نڪو ڪم ڪفار سين ، نڪو مُسلماني مَنِ اُڀا ائين چَوَنِ ته پرين ڪجو پنهنجو شديد بُخار ۾ خبر ناهي لطيف سائين جو بيت به صحيح لکيم يا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير يار زنده صحبت باقي شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان
ادا نثار ناز ٿورو لکيو ، گهڻو سمجهيوسون اوهين پنهنجي صحت جو خيال ڪندا، بخار ته پاڻ علامت آهي ڪنهن ٻي بيماريءَ جي انجي ڳولها ڪري، کيس جڙ کان پڪڙيندا ... دعائن ۾ گڏ