جن کي سمجه ۾ ڳاله آئي هوندي اهي ضرور جواب ڏيندا باقي سچ پڇو ته مون جهوني کي سمجه ۾ نه آئي آهي افسوس جو اوهان جي مدد ڪرڻ کان قاصر آهيان پر اجهو ڪو نه ڪو دوست ضرور ايندو جنهن کي سمجه آئي هوندي اوهان جو مسئلو حل ڪندو
توهان سمجهو نه سمجهو پر مان سمجهي ويس ته ادي بختاور کي اهڙي سافٽويئر جي ضرورت آهي جنهن جي ذريعي هو ڪو به انسٽالر بڻائي سگهي۔۔۔۔ جهڙوڪ ادا صارم جي فونٽس جو انسٽالر (سيٽ اپ)۔۔۔
منهنجي خيال ۾ هي سافٽويئر پنهنجي اضافي خوبين ۽ پرفارمنس ڪري توهان لاءِ ڀلو رهندو۔۔۔۔
ادي جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ سافٽوئير ٺاهڻ يا سمجهڻ جي ضرورت هجي ته هن لنڪ تي وڃو ڏسو ان ۾ سائين عبدالرشيد جن تصويرن ذريعي سمجهاڻي پڻ ڏني آهي http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=2885