http://www.youtube.com/watch?v=Q13aj6SD1Nw http://www.youtube.com/watch?v=nJqT3dAY5F8 http://www.youtube.com/watch?v=bqyH0JpYnkU http://www.youtube.com/watch?v=LA-5eMVeEIg
جواب: اچو ته ميلي تي هلون سائين بد قسمتي سان لطيف سرڪار جي ميلي تي ڪڏنهن حاضري ناهيون ڀري سگهيا پر قلندر شهباز جو ميلو ڪيئي دفعا ڏٺو آهي سو جي قسمت ساٿ ڏنو ته اوهان سان گڏجي ضرور اهو ميلو به گهمبو پر في الحال انهن دوستن کي گزارش ته جيڪي ميلي تي وڄن پهنجي سنگت مان اسان جي لاء مٺائي ضرور کڻي اچن ۔۔ جي نه پهچائي سگهن ٿه بلوٽوٿ ئي ڪري ڇڏن پر يار مٺائي کپي کپي کپي
جواب: اچو ته ميلي تي هلون [justify]دوست! انشاء الله؛ حياتي رهي ته ۽ جيڪڏهن پاڻ ڪنهن اهڙي موسم ۾ جڏهن ميلو لڳل هجي ۽ اسين ٻئي سنڌ امڙ جي ڪک ۾ هجون ته ضرور گڏجي هلنداسون ۔۔۔ ميلن تي وڃڻ نه فقط سنڌ جو پر پوري دنيا جي انسانن جو ثقافتي ورثو آهي ۔۔۔ جت پراڻي زماني ۾ واپار ٿيندو هيو ۽ ميل ميلاپ ٿيندا هئا ۽ ملاکڙا ۽ رانديون ۽ ٻيا گهڻا عمل ٿيندا هئا ۔۔۔ پر افسوس جو انهن سهڻن انسانن جي انهن ميلن ۾ هاڻ ڪجهه وڌيڪ خرابيون به اينديون وڃن ٿيون، جن ۾ جسم فروشي ۽ منشيات فروشي ۽ ٻيون ڪجهه برايون به ٿين ٿيون ۔۔۔ جن کي نه ٿيڻ کپي ۽ اسين هن اڱڻ جي ذريعي لطيف سرڪار جي انتظاميه ۽ رکوالن کي عرض ڪنداسون ته خدارا ائين نه ڪريو ۽ لطيف سرڪار جي ننگريءَ ۾ اهڙن ڏوهن کي ٿيڻ نه ڏيو ۔۔۔[/justify]
جواب: اچو ته ميلي تي هلون سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛ اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛ ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَہِ اَچيو اُنِ جي.