• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه عبداللطيف ڀٽائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

ڪجه ڏينهن ڳوٺ وڃڻ ڪري سنڌ سلامت کا ڏور رهياسين۔ اوهان کي ته سنڌ سلامت گڏ هئي پر اسان کي گهڻو ياد ايندي رهي۔ لطيف سرڪار جي عرس جي موقعي جي مناسبت سان سندس بيتن کي ڊزائن جي صورت ۾ ونڊ ڪجي ٿو۔ اهي بيت پهريان به وقت بوقت الڳ ڌاڳن ۾ ونڊ ڪندا رهيا آهيون۔

15020_1390777247679_6453884_n.jpg

27099_1399950717010_3089337_n.jpg

27099_1400812378551_2105457_n.jpg

27099_1400812498554_1748440_n.jpg

27099_1400812538555_4662127_n.jpg

27099_1400812618557_7964735_n.jpg

27099_1404065699882_994429_n.jpg

27099_1406116671155_3147596_n.jpg

27099_1407064774857_4519736_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽاائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

26499_1408006518400_1819567_n.jpg

26499_1410064929859_7548805_n.jpg

26499_1414713286065_1265322_n.jpg

24828_1421331571518_133935_n.jpg

24828_1422419398713_6612984_n.jpg

24828_1423716471139_8354521_n.jpg

24828_1424744416837_5209871_n.jpg

24828_1425706200881_1558902_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽاائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

سائين سليمان وساڻ صاحب۔۔شاھ جي شاعري جي چونڊ سان گڏ اوهانجا ڏنل رنگ تمام بهترين۔
 
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽاائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

ادا تمام بهترين آهي ۽ هيئنر مناسبت به آهي تمام تمام بهترين ادا
 
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽاائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

سائين سليمان وساڻ صاحب۔۔شاھ جي شاعري جي چونڊ سان گڏ اوهانجا ڏنل رنگ تمام بهترين۔

ادا عاشق مهرباني

لطيف سائين جي فڪر کي عام ڪرڻ لاء هيء هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي۔
 
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

سليمان به گودڙيءَ ۾ لال لڪائي پيو هلي، جي وقت سر ڪڍي اسانکي حيران ڪيو ڇڏي، اڄ هيترن ڏينهن کانپوءِ آيو آهي ۽ اچي اهڙو ته ونڊ ڪيو اٿس جو لطيف سرڪار جو هڪ هڪ بيت ڄڻ ته موتين جي کاڻ هجي ۔۔۔

لک ٿورا دوست وساڻ ۔۔۔ اصل اڄ ته آسودو ڪري ڇڏيو اٿوَ ۔۔۔ هڪ ته لطيف مٿان وري اوهانجي چترڪاري ۔۔۔ روح کي راحت ملي وئي ۔۔۔

جي آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان ۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽاائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

ادا تمام بهترين آهي ۽ هيئنر مناسبت به آهي تمام تمام بهترين ادا

ڀاء عمران اوهان جي مهرباني

لطيف سرڪار جي عرس جي موقعي تي سموري سنڌ مان اڻ ڳڻيا عقيدتمند سندس مزار تي حاضري ڀرين ٿا۔ اسان پاران به کيس هيء ڀيٽا پيش ڪري ننڍڙي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔
 
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

سليمان به گودڙيءَ ۾ لال لڪائي پيو هلي، جي وقت سر ڪڍي اسانکي حيران ڪيو ڇڏي، اڄ هيترن ڏينهن کانپوءِ آيو آهي ۽ اچي اهڙو ته ونڊ ڪيو اٿس جو لطيف سرڪار جو هڪ هڪ بيت ڄڻ ته موتين جي کاڻ هجي ۔۔۔

لک ٿورا دوست وساڻ ۔۔۔ اصل اڄ ته آسودو ڪري ڇڏيو اٿوَ ۔۔۔ هڪ ته لطيف مٿان وري اوهانجي چترڪاري ۔۔۔ روح کي راحت ملي وئي ۔۔۔

جي آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان ۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين نثار سلام

لعل ته لطيف سرڪار جا آهن ۽ اوهان جا لفظ به ڪو لعلن کان گهٽ ڪونهن۔ اسان نصيب وارا آهيون جو اوهان جهڙا ڏاها دوست مليا آهن۔ سنڌ سلامت ته هاڻي رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي آهي۔ اها دوستن جي مهرباني آهي جيڪي هيڏو وڏو پيار ٿا ڏين ۽ هي ميڙو مچايو ويٺا آهن

محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
انهيءَ جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاه
 
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

ادا وساڻ صاحب توهان جو سنڌ جي گهوٽ حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جي شاعري تي ڪيل ڪم مون کي ته تمام گهڻو پسند آيو، ادا شاه صاحب تي جيترو به ڪم ڪجي اهو گهٽ آهي، پر ادا توهان جي ڪيل ڪم ته منهنجو من کي باغ بهار ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ادا اهيا توهان جي شاهه صاحب سان محبت آهي جو توهان ايتري محنت ۽ پيار پاٻوهه سان شاه جي شاعري تي ڪم ڪيو آهي، شاه صاحب اسان جي سنڌ ڌرتي جو اهو لازوال هيرو آهي جنهن جي شاعري کانسواء سنڌي ادب بلڪل اڌورو ۽ اڻپورو آهي، شاه صاحب سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري اسان کي سنڌي ادب لاء بينظير سرمايو مهيا ڪري ڏنو آهي، جنهن تي اسان جيترو ناز ڪيون اهوگهٽ آهي،
شاه صاحب صرف سنڌ جو وڏو شاعر ناهي پر هڪ عالمگير شاعر آهي جنهن جو فڪر عالمگير فڪر آهي شاه صاح جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ء شيڪسپيئر ۽ ٻين لوڪل ۽ غير مياري شاعرن کي ته پڙهڻ پسند ڪري ٿو مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو. ( جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي ) جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ء شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي . اگر ڪوئي پڙهي ته ڏسي. منهنجا ڀائرو منهنجي صلاح وٺو ٫ اڄ ئي شاه صاحب جي شاعري کي پڙهڻ ء سمجهڻ شروع ڪريو . ء پنهنجي مٺي ٻولي اباڻي ٻولي سنڌي ٻولي سان پيار ء محبت جو ثبوت ڏيو.

ادا شاه صاحب جي شاعري ۾ ته سٽ سٽ ۾ هڪ وڏو سبق ۽ داستان سمايل آهي، اگر غور ڪري پرکجي ته ۔۔۔۔ اهڙي ريت شاهه صاحب جي هن بيت ۾ به هڪ وڏو سبق رکيل آهي اگر ڪير غور ڪري ته ان کي هڪ وڏي ڳولا ملي ويندي۔

24828_1425706200881_1179567033_31311229_1558902_n.jpg
 
[[//quote]

ادا ممتاز مهرباني

لک قرب جو اوهان منهنجي ڪم کي ساراهيو۔ لطيف سرڪار ته اسان جو رهنما آهي اسان هميشه هر خطاب ، هر پروگرام جي شروعات الله پاڪ جي نالي سان گڏ لطيف سرڪار جي بيت سان ڪندا آهيون۔ لطيف سرڪار هر دور جو ۽ پري دنيا جو شاعر آهي۔

دعا آهي ته اسان لطيف سائين جي بيتن ۽ پيغام کي سمجهون ۽ ان تي عمل ڪيون۔​
 
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

محترم سليمان وساڻ صاحب جن ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي بي بهاخوبصورت شاعريءَ کي جنهن محبت ۽ خلوص واري انداز ۾ پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن اهو سندن ئي ڪمال آهي۔مون کي سندن اهي ڪوششون انتهائي يادگار،تاريخي ۽ لاجواب نظر اچن ٿيون۔
 
سائين سليمان وساڻ صاحب، شاهه صاحب جي چونڊ بيتن کي جهڙي طرح اوهين انڊ لٺ جي رنگن جيان رنگيو آهي
هن جي جيتري تعريف ڪجي ايتري گهٽ هوندي، سرڪار جا ڊزائن ۾ بيت بيحد پسند آيا، ادا سائين اهڙي
پياري ونڊ ڪرڻ جي مهرباني سائين..............
 
جيتري لطيف سرڪار جي تخليق سهڻي، تيڏو وري سليمان صاحب پاڻ سهڻو، وري ان مٿان لطيف جي سهڻن بيتن جي چونڊ ۽ وري انهن بيتن جي رنگ برنگي ڪاشيگري ڪري صفا من موهي وڌو اٿو۔۔۔۔شل خوش هجو جتي به هجو پر اسان جهڙن کي اهڙيون من موهيندڙ نوازشون ڪندا رهندا ڪيو۔۔
 
ادا
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽاائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

163061_1738540661547_1179567033_32062793_6186219_n.jpg
148463_1683373002390_1179567033_31954881_6543425_n.jpg
76525_1679414783437_1179567033_31944598_5393542_n.jpg
65982_1657118586046_1179567033_31902201_3919087_n.jpg
36289_1501495615569_1179567033_31501656_6977757_n.jpg
24828_1425706200881_1179567033_31311229_1558902_n.jpg
40565_1566487080315_1179567033_31682363_6329439_n.jpg
30420_1490966552349_1179567033_31473487_7594880_n.jpg
26489_1433169467458_1179567033_31332229_1448497_n.jpg
تمام سٺي چونڊ آهي ادا، اوهان جي چونڊ ۾ باقائده مطلب ۽ اونهائي آهي۔ آلله پاڪ اوهان کي اڃا به وڌيڪ حوصلو عطا فرمائي۔ آمين
ادا سلمان اوهان سان اسان ننڊڙن ۽ پتڪڙن ماڻهن جي دوستي ممڪن آهي؟
 
ادا
جواب: شاه عبداللطيف ڀٽاائيء جي ڊزائن ڪيل شاعري

26489_1433169467458_1179567033_31332229_1448497_n.jpg
تمام سٺي چونڊ آهي ادا، اوهان جي چونڊ ۾ باقائده مطلب ۽ اونهائي آهي۔ آلله پاڪ اوهان کي اڃا به وڌيڪ حوصلو عطا فرمائي۔ آمين

ادا سليمان اوهان سان اسان ننڍڙن ۽ پتڪڙن ماڻهن جي دوستي ممڪن آهي؟

ادا رياض سلام

ڀاء سڀ سنڌي منهنجا ڀائر ۽ دوست آهن۔ اوهان مونسان منهنجي فيسبوڪ اڪائونٽ ذريعي دوستي ڪرڻ سان گڏ مونسان ذاتي طور به ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ملي سگهو ٿا۔
 
Back
Top