اڄ جا ڏاهپ ڀريا ٻول .________________________________________ [JUSTIFY]1. عبادت انساني گاڏيءَ جو ڪو اضافي ڦيڦو ناهي جو جڏهن ضرورت پوي ته عبادت کي استعمال ڪجي بلڪه عبادت انساني گاڏيءَ جي هلائڻ وارو هٿيو آهي جنهن سان اوهان پنهنجي زندگيءَ کي سهي رستي تي آڻي سگهو ٿا ... هميشه لاءِ. ________________________________________ 2. ڇا اوهانکي خبر آهي ته گاڏيءَ جو اڳيون شيشو، پوئتي ڏسڻ واري شيشي کان ڇو وڏو هوندو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اوهانجو مستقبل، ماضيءَ کان وڌيڪ اهم هوندو آهي، انڪري اوهان اڳتي نهاريندي پنهنجي گاڏيءَ کي منزل تي رسايو. ________________________________________ 3. دوستي هڪ ڪتاب جيئان آهي، جنهن کي هڪ منٽ ۾ ساڙي سگهجي ٿو پر انکي لکڻ لاءِ ڪئي سال کپن ٿا. ________________________________________ 4. زندگيءَ ۾ هر شئي هڪ محدود عرصي لاءِ آهي، انڪري؛ جيڪڏهن هر شئي سڦل رهي آهي ته مزو وٺو، ڇاڪاڻ گهڻو عرصو اها حالت نه هوندي، پر جيڪڏهن هر شئي غلط ٿي رهي آهي ته پرواهه نه ڪريو، ڇاڪاڻ گهڻو عرصو اها حالت به نه رهندي. ________________________________________ 5. پراڻا دوست سون جيئان آهن نوان دوست هيرن جيئان آهن جيڪڏهن اوهان هيرن کي حاصل ڪيو ته سون کي نه وسارجو، ڇاڪاڻ هيرن کي سنڀالڻ لاءِ سون جي منڊيءَ جي ضرورت پوندي آهي. ________________________________________ 6. اڪثر جڏهن اسين اميد وڃائي ويهندا آهيون ۽ اهو سمجهندا آهيون ته بس آخرت ٿي وئي ياد ڪريو اهو صرف هڪ موڙ آهي، آخرت ناهي. ________________________________________ 7. هڪ انڌي پڇيو هڪ ڏاهي کان ته ڇا اکين جي روشنائي وڃائڻ کان به وڌيڪ ڪو نقصان آهي؟ ڏاهي ورندي ڏني، ” هائو! ”نظريو وڃائڻ“ نظر وڃائجي پر نظريو نه وڃائجي. ________________________________________ 8. جڏهن اوهين ٻين لاءِ دعا گهرندا آهيو، ته الله اوهانجي ٻڌندو آهي ۽ انهن جي لاءِ ڀلو ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن، جڏهن اوهان امن ۽ خوشيءَ ۾ هوندا آهيو، ته يقين ڄاڻو ته اوهان لاءِ به ڪنهن دعا ڪئي آهي. ________________________________________ 9. ڳڻتي ڪرڻ سان اوهانجون سڀاڻي جون مشڪلاتون حل ته نه ٿينديون پر ها ۔۔۔ اڄ جو سڪون ضرور برباد ٿيندو.[/JUSTIFY]
جواب: اڄ جا ڏاهپ ڀريا ٻول واھ سائين اوهان جي ونڊ ڪيل قول تمام بهترين آهن۔۔انهن تي عمل ڪرڻ جي الله سائين توفيق عطا فرمائي۔ (آمين)
جواب: اڄ جا ڏاهپ ڀريا ٻول يار عاشق، ڪنهن ڀلا توکي اهڙي اجازت ڏني به آهي يا نه ۔۔۔ دل جي ڪوري ڪاغذ تي نالي لکڻ واري ۔۔۔؟ تڪڙ نه ڪجانءِ نالو سوچي سمجهي لکجانءِ جو لکڻ کانپوءِ مٽائڻ سولو ناهي هوندو ۔۔۔ لک ٿورا ليک کي پسند ڪرڻ جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اڄ جا ڏاهپ ڀريا ٻول سائين نثار مهرباني سڀ قول سُون جهڙا آهن بس عمل ڪرڻ جي ڳاله آهي دعا آهي ته اسان سڀ سٺن ۽ ڏاهپ ڀريل ڳالهين تي عمل ڪندي پنهنجي زندگي سنواريون
جواب: اڄ جا ڏاهپ ڀريا ٻول ڪجهه آءُ به اڳڀري ٿيان، متان چوي خان بلوچ ته هن ڪميڻيءَ مان ڪي نه ٿيو۔۔۔۔ سو دوستو! عمل سان ٺهي جنت به دوزخ به ۔۔۔ اچو ته پنهنجي زندگيءَ کي جنت ٺاهيون ۔۔۔ سچ پڇو ته سڌي راهه ئي جنت آهي ۔۔۔ سڌو رستو ئي راحت ۔۔۔ جهڙي نيت تهڙي مراد ۔۔۔ نيت ڪريون ته ڪم آسان ٿي پوندو ۔۔۔ لک ٿورا پسند ڪرڻ جا ۔۔۔