ڪنهن جي عقيدي تي وار ڪرڻ ان جي دل تي وار ڪرڻ برابر آهي اسان به ڪيڏا نه بيوقوف آهيون جڏهن اسان ٻين جي عقيدي تي وار ڪريون ٿا ته دل ئي دل ۾ ڪيڏو خوش ٿا ٿيون. ۽ جڏهن اسان جي عقيدي تي ڪو وار ٿو ڪري ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن چاڪو اسان جي دل تي لڳايو. انهن دوست کي سلام جن جي عقيدي تي روز روز نوان نوان وار پيا ٿين پر اُهي دوست پنهنجي دل تي ڀٿر رکي پنهنجي زبان تي چُپ جو تالو لڳايو ويٺا آهن (رات جون لکيل ڪجھ سٽون)
جواب: ڪنهن جي عقيدي تي وار ڪرڻ ان جي دل تي وار ڪرڻ برابر آهي زبان جا زخم تلوار جي زخمن کان گهرا هوندا آهن تلوار جا زخم جسم تي لڳندا آهن ۽ زبان جا زخم دل تي لڳندا آهن حضرت علي عه ( پوءِ اهي زخم زبان سان لڳن يا اڄ جي قلم سان لڳن) جي ڪا ناداني اسان کان ٿي آهي ته هٿ ادب جا جوڙي اوهان کان معافي جا طلبگار آهيون اميد ته معاف ڪندا۔ وسلام
جواب: ڪنهن جي عقيدي تي وار ڪرڻ ان جي دل تي وار ڪرڻ برابر آهي سائين نه نه اهڙي ڪابه ڳالھ نه آهي۔۔۔مان رات عقيدي جي حساب سان ڪجھ سوچي رهيو هيس۔۔ڀرسان قلم به پيو هيو ۽ ان سان گڏ پنو به مان به هنن لفظن کي ان تي لکي ڇڏيو۔
جواب: ڪنهن جي عقيدي تي وار ڪرڻ ان جي دل تي وار ڪرڻ برابر آهي تمام بهتر ادا عاشق جيڪڏهن اسان منجهان هر دوست ايئن سوچي ۽ قلم کڻي ته اسان وٽ معرفت جا درياءُ موجون هڻندا