ابو جواد
سينيئر رڪن
منهنجا مٺڙا سنڌي ڀائرو ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا هئا اوهان سان ملاقات نه ٿي هئي جنهن جو سبب هڪ ته ڪمپيوٽر جو خراب هجڻ ٻيو امتحان جي مصروفيت هئي منهنجو تعارف به ڪجه رهيل هئو سو سوچيو ته موسم جي احوال سان گڏتوهان سان پنهنجو مڪمل تعارف به ڪرايان جامشوري جي هڪ اسلامي اداري مرڪز تحقيقات و تبليغات اسلامي مان ايم اي عربي ڪرڻ کان پوءِ اعلى اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايران جي مقدس شهر قم جي مشهور يونيورسٽي المصطفى انٽرنيشنل يونيورسٽي ۾ فقه ۽ اصول اسلامي جي شعبي ۾ ايدميشن ورتي جتي گريجو۔يشن ڪئي آهي هتي پي ايڇ دي ڪرڻ جو ارادو آهي توهان دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي هن ڀاءَ کي دعائن ۾ ياد رکندا پيارا ڀائرو هاڻي اچون ٿا پنهنجي اصلي موضوع تي۔ ننڍي هوندي اردو ڪتاب ۾ هڪ سبق ”ايران ڪا جاڙا“ پڙهيو هئو، ليڪن ان وقت اها ڳالهه سمجهه کان مٿانهين هئي اصل سردي جو اندازو ته 2008 جي سياري ۾ ٿيو جڏهن ٽيمپريچر مائنس 25 تي وڃي پهتو۔ هاڻ به سردي پنهنجي تمام جلون سان نڪري نروار ٿي آهي ان وقت ٽيمپريچر مائنس 7 کان مائنس 10 تائين آهي۔ مٿين تصوير گذريل هفتي ٿيل برفباري ۾ نڪتل آهي۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌ سلامت ساٿ سلامت