سنڌ جو تاريخي شهر ڀنڀور، جنهن کي سسئي جو ڳوٺ چئجي ٿو، جنهنجي ڀر ۾ ئي سنڌ جي گادي وارو شهر ديبل بندر هو ۽ هن شهر جي ڀر ۾ درياهه پڻ وهندو هو ۽ اڄ اهو شهر کنڊر آهي ۔۔۔ جت اسين ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ ويندا آهيون ۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=zrKFZ3CoV-M http://www.youtube.com/watch?v=6zrTE0bhz5g http://www.youtube.com/watch?v=x81Q_KWwyYI
جواب: اچو ته ڀنڀور گهمون سائين نثار سلام ڀنڀور جو ذڪر نڪري ته سسئي ياد ضرور اچي ۽ سسئيء کي جهڙو لطيف سرڪار ڳايو آهي اهڙو ورلي ڪنهن ڳايو هوندو۔ اوهان جا لک قرب جو سنڌ جي تاريخي شهر جا وڊيوز اسان سان ونڊ ڪيون۔ ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَـرُ ڏُورِيو مُون؛ ڪاهي رَسِيَس ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون؛ سَڀَتِ آهئين تُون، قَضا ڪَندين ڪِنِ سين؟