• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي ۾ ڪالهه شام 40 ورهين جي طلاقيل چاقن جا وار ڪري زخمي ڪر

جواد رضا

سينيئر رڪن

لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي ۾ ڪالهه شام جو ٻن جوابدارن گهر ۾ گهڙي 40 ورهين جي طلاقيل عورت ناهيد خاتون کوکر کي پيٽ ۾ چاقن جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ممتاز خاتون کي چانڊڪا سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو. رابطو ڪرڻ تي مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد امين کوسو ٻڌايو ته زخمي ٿيل عورت ناهيد خاتون پوليس کي اهو بيان ڏنو آهي ته هن 2 سال اڳ پنهنجي مڙس خادم حسين کوکر کان طلاق ورتي هئي، جنهن مان کيس 3 ٻارن جي اولاد آهي، طلاق وٺڻ واري معاملي تان سندس ڀاءُ مرتضيٰ کوکر ۽ ڀيڻيوو امداد چنو ڪاوڙيل هئا، جن گهر ۾ گهڙي چاقن جا وار ڪري زخمي ڪيو آهي. ايس ايڇ او ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويندا.


daily awami awaz.com
 
جواب: لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي ۾ ڪالهه شام 40 ورهين جي طلاقيل چاقن جا وار ڪري ز

ادا عمران توهان جي نظر ڏاڍي تيز آهي، هميشه طوفاني خبرون پيش ڪندا آهيو۔ مهرباني ونڊ جي۔
 
Back
Top