جواد رضا
سينيئر رڪن
ويلنگٽن ٽيسٽ ڊرا، پاڪستان نيوزيلينڊ کان سيريز کٽي ورتي
نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻئين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ بنا فيصلي جي ختم ٿي وئي آهي. پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن واري سيريز 1-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ان کان اڳ پاڪستان هيملٽن ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. اها پاڪستان طرفان چئن سالن کان پوءِ ڪنهن ٽيسٽ سيريز ۾ پهرين ڪاميابي آهي. ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن پاڪستان 274 رنسن پويان ڊوڙندي ميچ ختم ٿيڻ تائين 226 رنسون ٺاهي سگهيو ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. پاڪستان طرفان ٻئين اننگز ۾ يونس خان بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 81 ۽ ڪپتان مصباح الحق 70 رنسون ٺاهيون. مصباح الحق کي ميچ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 6 ون ڊي ميچن واري سيريز جي پهرين ميچ 22 جنوري تي ان ئي گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.

روزاني عوامي آواز