اتر لڳا، آءُ پرين امير منڌرو [JUSTIFY]پنهنجين سڀني حسناڪين سان جا موسم موٽي آئي آهي، تنهن کڻي فطرت جا سڀ رنگ ۽ روپ منور ڪري ڇڏيا هجن، پر ساهه سڪائيندڙ سيءُ ۾، زندگيءَ جا زرد لمحا گهاريندڙ انهيءَ خلق جي درد کي ڪهڙي معنيٰ ڏجي، جنهن جو وقت هاڻي بنا ڪنهن اجهي ۽ اوڇڻ جي گذري ٿو. انهن معصوم ماڻڪين ۾ اهي ساروڻيون به ته ڪا تپش پيدا نه ٿيون ڪن، جن ٻوڏ کان پهرين پنهنجي گهر جي گرم آغوش ۾ ڪنهن مَچ مٿي ميڙا ڪري پوڙهي نانيءَ کان جنن، پرين ۽ بادشاهن جا قصا ٻڌا هئا. انهن کان هاڻي ته انهيءَ ڪبوتر جي ڪهاڻي به وسري ويئي، جنهن ۾ راڻيءَ جو روح هو ۽ جيڪو پاڻ سڌ پُرهي کوهه ۾ ڪنهن پڃري ۾ بند هو... اڄ پنهنجي ڳوٺ جي انهيءَ بادشاهي کان گهڻو پري، انهن ٻوڏ متاثرن جو روح سخت سيءُ جي رحم ڪرم تي آهي. آيو اتر واءُ، مون سوڙ نه گبرو خبر ناهي ته اڄ کان ڪيترا سال پهرين لطيف اها سِٽ لکي ڪهڙن ٻوڏ متاثرن جي منظرڪشيءَ ٿي ڪرڻ چاهي، پر هن وقت جڏهن ٻوڏ متاثرن جو حال ڏسجي ٿو، ته هانءُ ۾ هٿ ٿا پون. اهو سيارو جيڪو فطرت جو خوبصورت تحفو آهي، جنهن ۾ ڪونجن جو ڪرلاءُ، آسمان جي پولارن ۾ هڪ روح پرور ردم پيدا ڪندو آهي، جنهن ۾ اتر ديس جا پرديسي پکي اچي سنڌ وطن ۾ مهمان بڻبا آهن، اهو ئي سيارو، جيڪو نريڙي ڍنڍ کي نيرڳين جا نرمل تحفا ڏيندوآهي، جيڪو چيٽ جي چانڊوڪين راتين ۾ رڻ جيڏي رات کي ريشمي رومال جهڙا رنگ ارپيندو آهي، جنهن ۾ ڪافين جي بادشاهه مصري شاهه جي آڳنڌ ۾، ويراڳ جون وايون گونجنديون آهن، جنهن ۾ سڄي سنڌ هڪ هندورو بڻجي پوندي آهي ۽ هر تڙ تي تماچي اتر جي عطر جهڙي اوت تي هڪ سرمستيءَ منجهان ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو آهي، ۽ نوريءَ جو نور هر من اندر جي ڪينجهر ۾، لهرون لهرون رقصان ٿي ويندو آهي، سو سيارو هيل رليف ڪئمپن ۾ سيءَ وگهي ڪومائجي ويل گلابن جهڙن ٻارڙن جي موت جو سنديس کڻي آيو آهي. لکين سنڌ واسي ڀلا بنا ڪنهن اجهي ۽ آسري جي آيل انهيءَ سياري جي ڪهڙي آجيان ڪن! جيڪو جيئن جيئن ويجهو ايندو پئي ويو، تيئن تيئن ان جو خوف ۽ پوهه پارن جو هراس سندن هانءُ کي هِڪ ڏهڪاءُ جا ڏس ڏيندو پئي ويو. ڀٽائي جا سامونڊي اتر جي آمد تي ڀلي ته کڻي سڙهه سانباهي، ڏورانهين ڏيهه جون تياريون ڪن، پر هي ٻوڏ ماريل ماڻهن جا روح، جسم جي ڪنارن تي روز وڃڻ جون وايون ٿا ڪن! اخبارن جي بدن تي اهي خبرون روز صبح ساڻ سوار ٿي اچيو، هينئڙو ڦارون ڦارون ٿيون ڪن ته ڪهڙي ڪئمپ ۾ روز ڪيترا ماڻهو ٿا مرن؟؟ سرڪار کي کڻي ڪو فڪر نه هجي، سندن رجسٽر ۽ رڪارڊ ڀلي ته ”ڪل خير“ جون رپورٽون مٿي موڪلي چڪا هجن، پر گولاڙچي شهر کان ٿورو ٻاهران، جوڳين جي جهڳين ۾ سيءُ وگهي تڙپي تڙپي موت جو انتظار ڪندڙ معصوم ٻارڙن جو وجود رياست لاءِ ٿورو سوچڻ جو سبب ضرور بڻجڻ گهرجي! جيئن ناقص انتظامي اپائن جي ڪري، سنڌ ۾ هن سطح جو وڏو نقصان ٿيو آهي، جو سڄو سارو سسٽم نيست ۽ نابود ٿي ويو، بلڪل ايئن جڏهن سياري جا ڏينهن ويجها پئي آيا ته سرڪار ۾ رڳو ڊسمبر اچڻ ۽ ڊسمبر وڃڻ جا ايس ايم ايس گردش ڪري رهيا هئا، ڪنهن اهو ڪڏهن سوچيو ته اهو جيڪو ڊسمبر اچي پيو سو کڻي اسلام آباد جي برفباريءَ ۾ گرم شالون اوڍڻ جي ابتدا هجي، پر اهو ته سنڌ جي وطن ۾بي وطن مسافر مخلوق لاءِ هڪ اهڙي موت جو پروانو آهي، جنهن جي چنتا ڪنهن کي به ناهي. رليف ڪئمپن ۾ سرديءَ سبب مرندڙ ۽ بيمار ٿيندڙ متاثرن جي حالت زار ڏسي اهو پڪ سان چئي ٿو سگهجي ته هن سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ اڻاٺ رڳو ”اک جي پاڻيءَ“ جي ناهي پر ”احساسن جي گرمي“ به هاڻي نهايت ئي خطرناڪ حد تائين ڄَمي پارو ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڀلا ڪيئن ايئن ننڌڻڪي انداز سان ”طاقت جي سرچشمي“ عوام کي سستو موت مرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ها. هنن ڏينهن ۾ بغل منجهه بندوق کڻي، ماري ملڪ ۾ پرديسي پکين جو شڪار ڪندا آهن. شهزادن جي شڪار جي موسم به ته اها ئي آهي. انهن شڪارن جي ڪري نه رڳو هن ملڪ ۾ ”شريفن“ لاءِ ”شهزادن“ جا خاص جهاز ساهميءَ جي پڙن کي پاسيرو ڪري پرڏيهه لاءِ پروازون ڪندا آهن، پر راڄڌانيءَ مٿان راڄ جا پروانا به انهن سرد ڏينهن ۾ ٿيل شڪارن جي ڪري نصيب ٿيندا آهن. انهن ڪئمپن ۽ شڪارن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪندڙ ڀوتارن، سردارن ۽ سرڪار کان ”رليف ڪئمپن“ ۾ سخت سرديءَ هٿان شڪار ٿيندڙ اها خلق الاءِ ڇو وسري ويئي آهي، جنهن جي کڻي ٻي ڪا اهميت نه به هجي، پر انهن جو هڪ ووٽ ته ضرور آهي. اهو ووٽ جنهن جي ضرورت اڄ يا سڀاڻي اوس پوڻي آهي. لطيف جو هي بيت ڄڻ ته انهن لاءِ تن متاثرن جو هڪ نياپو آهي ته: سَر لوهيڙا ڳڀيا ، ڪُسر نسريا، تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا شال ڪو هي سڏ ورنائي ۽ گرم احساسن سان گڏ سرد جسمن ۽ زنده لاشن وارين رليف ڪئمپن طرف موٽ کائي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: اتر لڳا، آءُ پرين ادا وساڻ صاحب سهڻي ليک ونڊڻ جي مهرباني، ماضي جون يادون تازيون ڪري ڇڏيو، سياري جون راتون، دوستن جو ساٿ، باه جو مڇڙ، ڪچهري جو عروج، پيار ۽ محبت جا دور دورا۔ الاهي ڇا ٿيو جو هاڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟