پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ اهڙي موبائيل جي سخت ضرورت آهي... پر اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جنوبي ڪورياجي مشهور ڪمپني... جنهن سج روشني (اُس) جي مدد سان چارج ٿيندڙ هڪ جي ايس ايم سيل فون تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.... هن ”ڪريسيٽ سولر“ نالي هينڊ سيٽ جي پٺي تي هڪ وڏو سيل لڳل آهي جيڪو سج جي شعائن کي پنهنجي اندر جذب ڪري توانائي محفوظ رکندو آهي.... هڪ ڪلاڪ اس ۾ رکڻ سان 10 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.... هن سيٽ ۾ ايف ايم ريڊيو ايم پي ٿري گانا ۽ گيمز وغيره موجود آهن... اضافي خوبين ۾ فليش لائيٽ ۽ ٽريڪر پڻ موجود آهي... جنهن جي ذريعي هنگامي صورتحال ۾sos جي طرز تي سگنل موڪلي انهن کي خبردار ڪري سگهجي ٿو.... هن سولر سيل فون جي خاص خوبي اها به آهي ته جيڪڏهن توهان مصروف هجو ته ان خوبي کي استعمال ڪندي فون تي مصروف هجڻ جو پيغام پڻ رکي سگهو ٿا.... هن وقت ايشيائي مارڪيٽ ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ هن سيٽ جي قيمت 59 ڊالر آهي...
واهه سائين واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ڇا اِها پاڪستان ۾ پهتي آهي۔ يا اڃا انهي کي ٻهه ٽي سال لڳي ويندا۔
59x80 مطلب 4720 يار هي ته 5000 به نه ٿا ٿين ، پو ته اها موبائيل سستي آ، ادا منهنجي لا وٺي اچجو اڳي وانگر هي پيسا به سڀ ڏيندم
ادا رشيد هڪڙي منهنجي لا۽ به وٺي اچجو پئسه جي صفا پروه نه ڪجو ائين سمجهجو پئسه توهان جي کيسي ۾ آهن shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal