ڀٽائي ڏسين ٿو......!۔۔۔۔ ( عمر قاضي)

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀٽائي ڏسين ٿو......!۔۔۔۔ ( عمر قاضي) ​

    سنڌ جي مخصوص ماحول سبب اهو اڃان به ممڪن ناهي ته هن جي تحقيقي جيون ڪهاڻي آزاديءَ سان لکي وڃي. ان ڪري شيخ اياز فيصلو ڪيو ته هو ڀٽائيءَ جي باري ۾ پنهنجي سوچ، سمجهه ۽ معلومات هڪ ناول ۾ پيش ڪندو ۽ ان ناول تي هو ڪم به ڪندو رهندو هو ۽ ان باري ۾ اسان کي ٻڌائيندو به رهندو هو پر اياز جو اهو ناول هن جي اکيون پورڻ کان پوءِ به منظر عام تي نه اچي سگهيو. جڏهن ته اسان لاءِ اهو نامڪمل ناول به هڪ غنيمت آهي. جنهن جا ٻه چار ٻول ڪٿي اتفاق سان شايع ٿيا هئا ته انهن کي پڙهي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ صدين کان پوءِ ان شاعر جو حق ادا ٿيو هجي، جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي دنيا جو عظيم شاعر هو. پر جيئن ته اسان جي سموري تاريخ جي مٿان اڻڄاڻائيءَ جي مٽي پيل آهي، تهڙي طرح هن جي باري ۾ به اها آزاد راءِ سامهون نه اچي سگهي آهي، جيڪا هن جو حقيقي شاعرانا قد ڪاٺ پيش ڪري سگهي.
    جنهن وقت اياز جوانيءَ جي بهار ۽ باده خوار ڪيفيت ۾ هوندو هو ته ان وقت هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ جي هڪ خط ۾ ڀٽائيءَ جي باري ۾ جيڪي لفظ لکيا هئا، اهي اڄ به اسان جي دل تي نقش ٿيل آهن. هن انهن لفظن ۾ ان ڳالهه جو اظهار به ڪيو هو ته ڀٽائيءَ کي روحاني رمزن مان ڪڍي هن جي رومانس جو اهو جلوو پسائيندو، جيڪو هن جي شاعريءَ جو جوهر آهي. ڇو ته لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪو درد جو درياهه وهي ٿو ان جي هر لهر رومانس سان ڀريل آهي. هونءَ به ايترو درد رومانس کان سواءِ ته ممڪن ئي ناهي. پر سنڌ ۾ هن جي رومانس واري رخ تان پردو نه کنيو ويو آهي. اياز ڪيتري نه اندر جي اڪير سان هن جي سر مومل راڻي واري اها سٽ لکي هئي ته:
    ”ڪنواريون ۽ ڪنول ڪاهه ته پسون ڪاڪ جا“
    ڪنول جي گل سان هڪ ڪنواري دل جي تشبيهه کي بيان ڪرڻ لاءِ اياز جي قلم جي ضرورت آهي. ڪنول جو اهو گل جنهن جو تصور هندو ديومالا جي هيانو ۾ ترندو رهي ٿو. جڏهن به لطيف جي ان سٽ جو پٽ اکيليو ويو ته سڀ کان اول ڪنول گل جي جمالياتي پس منظر کي بيان ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي. ان کان پوءِ لفظ ”ڪنواريءَ“ جي تشريح ٿي سگهندي. ڇو ته ڪنواري لفظ پنهنجي اصل معنيٰ ۾ هڪ عام لفظ ناهي. هونءَ اسان وٽ اهو لفظ غير شادي شده جنس لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر انگريزيءَ ۾ Virgin لفظ جنهن معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿيندو آهي، ان جو پسمنظر تمام گهڻو ڪشادو آهي. ان ۾ جذبي جي جيتري بيقرار اڇل آهي، اها اسان کي ٻيو ڪٿي نظر نه ايندي. ان حوالي سان ته مان اهو ٿو سمجهان ته جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي پر هن جي شاعري اڄ به ان ڪنواري نار وانگر آهي، جنهن جي منهن تي گهونگهٽ پيل هجي. ادب جي طاقت ته ان ۾ آهي ته ان گهونگهٽ کي قلم جي آڱرين سان هٽايو وڃي ته جيئن ڀٽائيءَ جي جذبي سان ماڻهو آشنا ٿي سگهن پر اسان وٽ الميو اهو ٿيو ته ان گهونگهٽ مٿان وري روحاني ويا.
    مون کي معلوم ناهي ته اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن اسان ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي آزاد ادب وانگر پيش ٿيندو ڏسنداسين. هن مٿان مذهبي ۽ سياسي سوچن جا قبضا ڪڏهن ختم ٿيندا ۽ هن جي آفاقي شاعر واري عظمت کي ڪڏهن بيخوفيءَ سان بيان ڪيو ويندو؟
    سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر جنهن اڄ کان اڍائي صديون اڳ ۾ عورتن جي ڪردارن ذريعي معاشري ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن عورت کي ستن پردن ۾ ويڙهي گهر اندر قيد ڪرڻ بدران هن کي عشق جي علامت طور پيش ڪيو. جنهن عورت کي ڪڏهن سسئي جي روپ ۾ پوري ڀنڀور سان بغاوت ڪندي ڏيکاريو ۽ هن کان جهر جهنگ ۽ جبل پهاڙ اڪارايا. جنهن مومل جي روپ ۾ هن کي محبت جي موتمار راند ڪندي ڏيکاريو ۽ هن جي باري ۾ ٻڌايو ته هوءَ ڪيئن نه اميرن کي ماري ٿي ۽ شڪارين کي شڪار ٿي ڪري. هن جنهن سامونڊي ڪناري تي شراب فروش موکيءَ کي پنهنجي سورمي ڪري پيش ڪيو ۽ هن جي هٿ جي جام کي زندگيءَ کان وڌيڪ قيمتي قرار ڏنو. هن جنهن هڪ تنگ نظر معاشري ۾ مڙس جي پاسي مان اٿي محبوب سان ملندڙ زال لاءِ اهي لفظ لکيا ته:
    ”سياري سهه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن
    هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪري ڄاڻي نيهن
    جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار آ من ۾“
    جنهن جي موت تي هو درياهه کي به پاراتا ڏيندي چوي ٿو ته:
    ”ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري
    تون ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن
    درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!“
    اهڙي شاعر کي صرف ”امن جو پيغام“ ڏيندڙ صوفي سڳوري طور تي پيش ڪري اسان پنهنجي بزدليءَ جو ثبوت ئي پيش ڪري سگهيا آهيون.
    لطيف جي شاعري پڙهجي ٿي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته هن شخص وٽ چوڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه هو. هن جي دل هڪ آتش فشان وانگر ڦاٽ کائي اهو ڪجهه اظهارڻ ٿي گهريو، جيڪو ان دور ۾ سڌو سنئون چوڻ جو مطلب اهو هو ته وري منصور يا سرمد وانگر دار سجائي وڃي. ان ڪري هن پنهنجي جيون کي سنڌي ماڻهن کي لطيف انداز سان حق ۽ حقيقت جون ڳالهيون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کي يقين هو ته هڪ ڏينهن هن جي قوم ۽ ٻوليءَ وارا ماڻهو هن جي فن ۽ فڪر ۾ موجود سچايون بيخوفيءَ سان بيان ڪندا.
    پر افسوس صد افسوس! اسان جي ديس تي جيڪو ٽي صديون گذرڻ جي باوجود ڪجهه اڳتي وڌڻ بدران پاڻ پٺتي هٽيو آهي. هن وقت ته هن جي حالت تاريخ جي پسمنظر ۾ افسوس سان ڀريل آهي. هو اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان ڀٽائيءَ واري دور کان به پوئتي پيو وڃي. هن دور جي دهشت کي ڏسي دل چوي ٿي ته ماڻهو اياز جي راءِ تي عمل ڪري. اياز جنهن سنڌ جي تاريخي پس منظر جي سلسلي ۾ اهو بيت لکيو هو ته:
    ”آڌيءَ رات اروڙ، ٿڌو ساهه ڀري چيو
    مورک هاڻي موڙ، پٺتي واڳ وجود جي“
    هن وقت سنڌ جي جيڪا حالت آهي ته اسان سچ پچ به جيڪڏهن پوئتي موٽون ته دنيا اسان کي اڳتي وڌيل سمجهندي. ڇو ته اسان وٽ ايترو جذبو، جوش ۽ ولولو ناهي، جيترو اڍائي ٽي صديون اڳ سنڌ ۾ ان وقت هو جڏهن هن ڀونءَ مٿان ڀؤ ۽ خوف جا ڪارا بادل ڇانيل هئا. ان دور ۾ ڀٽائي ڪنهن وڄ وراڪي وانگر هن ڌرتيءَ تي موسلاڌر مينهن وانگر وسي رهيو هو. مون کي معلوم ناهي ته اميد جو ڪهڙو جذبو جيءَ ۾ رکي اياز پنهنجو اهو غزل لکيو هو، جنهن جي ابتدا ۾ هو ڀٽائيءَ سان سڌو مخاطب ٿيو هو ۽ کيس چيو هئائين ته:
    ”پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن
    ڀٽائي ڏسين ٿو وڄون ٿيون ورن“
    پر هن دور ۾ خوف کان ڪنبدڙ انسانن جو حشر ڏسي دل چاهي ته ڀٽائيءَ سان شڪايتي طرح مخاطب ٿجي ۽ کيس چئجي ته:
    ”ڀٽائي ڏسين ٿو
    ته تنهنجي قوم
    وقت جي رفتار ۾
    اڳتي وڌڻ بدران
    پوئتي هٽي رهي آهي
    ۽ تنگ نظري ۽ تعصب سبب
    ماڻهو ته ڇا پر رياست به
    ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر ڏڪي رهي آهي!
    اهڙي ماحول ۾
    تنهنجي رومانوي جذبن جو گهونگهٽ
    ڪير لاهي؟
    ڪيئن لاهي؟“
    بشڪريه عبرت
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀٽائي ڏسين ٿو......!۔۔۔۔ ( عمر قاضي)

    ڀٽائي جي دور ۾ ڇا نه ٿيو هوندو پر سندس سبق آموز بيتن منجه گهڻو ڪجه سمايل آهي۔ هن ڪڏهن به عاشقن کي غلط نالن سان ياد ناهي ڪيو۔ هن جنهن هڪ تنگ نظر معاشري ۾ مڙس جي پاسي مان اٿي محبوب سان ملندڙ زال لاءِ اهي لفظ لکيا ته:

    سياري سهه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن
    هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نيهن
    جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو