انسان کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس وڌندو ٿو وڃي ته جيڪو ڪم هو جواني ۾ آرام سان ڪري سگهيو ٿي اهو پوڙهو ٿيڻ کان پوءِ ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي۔۔۔۔ وڏن شهرن ۾ وڏن وڏن بنگلوز ۽ فليٽن تي لفٽ جي اچڻ کان پوءِ ڏاڪڻ تي چڙهن جو تصور ئي خوفائتو لڳڻ لڳو آهي۔۔۔ پر گهر جي اندر ٻئي فلور تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون چڙهيون ئي پونديون۔۔۔۔ جواني ۾ ته ڪو مسئلو ئي نه هو ٺينگ ٽپا ڏئي انسان ڏاڪڻيون چڙهي ويندو هو۔۔۔ پر پوڙهائيپ ۾ ڏاڪڻين تان لهڻ ۽ چڙهڻ ڪافي مشڪل ڪم ٿي پيو آهي۔۔۔اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ نئين ۽ محفوظ ايجاد عمل ۾ آندي وئي آهي جنهن جو نالو Easy Climber آهي جنهنجي ذريعي ڏاڪڻيون انتهائي آرام ۽ تيزي سان چڙهي سگهجن ٿيون جنهن سان ساهه جو فوڪجي وڃڻ ۽ دل جي ڌڙڪڻ جي اضافي کان بچي سگهجي ٿو۔۔۔۔
واه ادا واه تمام سٺي شيئرنگ آهي توهان جي توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو ادا پوڙهن کي ته توهان ٺٺ ڪرائي ڇڏيا