نثارابڙو
نائب منتظم
سمورائي ، جاپان جو هڪ اهڙو طبقو هو جيڪو پنهنجي سورهيائيءَ سبب ۽ ويڙهه جي طريقن سبب تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ تلوار ذريعي اهڙا ته ويڙهو طريقا ايجاد ڪيا جو ڏسندڙ حيران ٿي ويندو هيو ... جڏهن انگريزين جاپان تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ته سمورائي جيڪو ان وقت هڪ قبيلي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو تنهن ان وقت جي حاڪم ۽ انگريزن خلاف ويڙهه جو رستو اختيار ڪيو ۽ قومي آزاديءَ جو نعرو هنيو ... انگريزن ۽ ان وقت جي جاپاني حڪمرانن سان اهڙيون ته چڪريون ڏنيون جو آخر حڪمرانن انگريزن سان ٿيل معاهدا ختم ڪري ڇڏيا هئا ... ۽ آمريڪا وارن سان ويڙهه جي شروعات ڪئي وئي ...
1945 واري مهاڀاري جنگ ۾ جاپان مٿان ايٽمي بم هڻي کين غلاميءَ ۾ آندو ويو هو ... اها ويڙهه انهن سمورائي ويڙهه واري نظرئي جو انت هو ... جنهن کان پوءِ جاپان وارن کي ڪنهن به قسم جي هٿيار رکڻ کان منع ڪيو ويو هو ...
سمورائي قبيلي جي سورهيائي واري نظرئي جي هڪ جهلڪ؛
” جيڪي اهو سمجهن ٿا ته هو دشمن جي خلاف وڙهندا ۽ پنهنجي جان جو نذرانو نه ڏيندا ۽ جيئرا موٽي ايندا ته اهي سهي ويڙهاڪ آهن ئي نه ... جنگ جي ميدان ۾ وڃو ان يقين ۽ پڪ سان ته فتح اوهانجي آهي ۽ اوهان جڏهن گهر واپس ورندا ته اوهان گهٽ زخمي هوندا ... جنگ جي ميدان ۾ ان نظرئي سان وڃو ته اڄ اوهانکي شهيد ٿيڻو آهي ته اوهان پڪ سان ئي غازي ٿي موٽندا ... ۽ جيڪڏهن اوهان جنگ ۾ ان خيال کان ويندا ته ڪيئن به ڪري زنده موٽي اچو ته يقين ڄاڻو ته اوهانجو موت يقيني آهي. جڏهن اوهان گهر کان اهو خيال ڪري نڪرندا ته هاڻ هن گهر کي وري نه ڏسندس ته يقين ڄاڻو ته اوهان وري موٽي ان گهر کي ڏسندا ... پر جيڪڏهن ڪو ٿورڙو به خيال اوهانجي من ۾ آهي ته اوهان وري موٽي ايندا ته اوهانجو موٽڻ مشڪل آهي ... ممڪن اوهانجي اها سوچ غلط نه هجي ته دنيا ۾ هميشه تبديلي ايندي رهي ٿي، پر هڪ ويڙهاڪ کي ائين خيال ڪرڻ يا سوچڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته سورهيه جي تقدير آهي ”شهادت“ جيڪا طع ٿيل آهي ...
سورهيه سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گهري ...
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نيهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ مرنداسون پر مرڪندي ...
The Last Samurai
فلم جو هي ٽڪڙو ڏسو ... جنهن ۾ سمورائي قبيلي جي بهادريءَ جي هڪ جهلڪ سمايل آهي ...
http://www.youtube.com/watch?v=zHkxUiE1Vxo