• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
ادا سليمان وساڻ اوهان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ‌تي دل جي گهرائن سان مبارڪ باد قبول هجي۔

يقينن اوهان جا مضمون اسان جي هن اڱڻ تي گلن جيان خوشبو وکيريندا رهندا آهن۔

الله تعالى کان دعا آهي ته اوهان جو ساٿ قائم ۽ دائم رهي آمين

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

ادا افتخار وڏي مهرباني جو اوهان اسان جي محنتي جاکوڙي دوست کي ياد ڪيو۔
سليمان وساڻ صاحب جن کي اسان طرفان به مبارڪون۔
 
سليمان وساڻ ۔۔۔ نالو آهي ؛ سچائي جو، محبت جو، سنڌ دوستي جو، اخلاق ۽ ادب جو ۔۔۔

سليمان وساڻ جو تصور ايندي ئي هڪ سهڻي، سمجهدار ۽ حساس انسان جو تصور اڀرندو آهي ۔۔۔ سليمان وساڻ کي ڏسي آ ڪيترن ماڻهن جي ڀيٽ ڪندو آهيان، ههڙا انسان ڪسوٽي هوندا آهن ۔۔۔۔ جنهن جي ماپ تور تي اسين ٻين انسان کي پرکي سگهندا آهيون ۔۔۔

سليمان وساڻ سان منهنجي دوستي ڪا گهڻو پراڻي به ناهي پر پو به ائين لڳندو آهي ته آ کيس جنم کان سڃاڻان ۽ مونکي ڪٿي نه ڪٿي سندس وجود ۾ پاڻ نظر ايندو آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سان دوستي رکڻ کانپوِ پيچ اهڙا ته ڪسيا اٿس جو ڄڻ پارس قسم جو دوست اچي شامل ٿيو هجي، ڪَسُ ۽ ڪَٽُ کي صاف ڪري سون ٺاهڻ وارو هي دوست جنهن به اوطاق تي هوندو ات سون جهڙي روشني ٿي پوندي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سميت مونکي ذاتي طور تي فخر آهي ته سليمان اسانجو دوست آهي ۔۔۔ سلام دوست

رب العالمين کيس هر ڪوسي وا کان محفوظ رکي ۽ کيس پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
ادا نثار توهان بلڪل ٺيڪ فرمايو آهي۔
ادا سليمان کي واڌايون۔@};-
سدائين گڏ
 
الا ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن
مون سين مون پرين ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

سائين افتخار علي چوهاڻ صاحب مهرباني

سنڌ سلامت جو هي سهڻو اڱڻ جن دوستن اچي شروع ڪيو انهن کي سلام۔ منهنجا جا هي 300 موضوع ته ڪجه به ڪونهن اصل ۾ سنڌ سلامت ۽ منهنجا موضوع ته اوهان جهڙن دوستن جي ڪري ئي آهن جن وقت بوقت همت ڏياري ۽ حوصلو وڌائيندا رهيا۔

دعا آهي ته سنڌ سلامت جو هي سهڻو اڱڻ سدائين آباد رهي
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

سليمان وساڻ ۔۔۔ نالو آهي ؛ سچائي جو، محبت جو، سنڌ دوستي جو، اخلاق ۽ ادب جو ۔۔۔

سليمان وساڻ جو تصور ايندي ئي هڪ سهڻي، سمجهدار ۽ حساس انسان جو تصور اڀرندو آهي ۔۔۔ سليمان وساڻ کي ڏسي آ ڪيترن ماڻهن جي ڀيٽ ڪندو آهيان، ههڙا انسان ڪسوٽي هوندا آهن ۔۔۔۔ جنهن جي ماپ تور تي اسين ٻين انسان کي پرکي سگهندا آهيون ۔۔۔

سليمان وساڻ سان منهنجي دوستي ڪا گهڻو پراڻي به ناهي پر پو به ائين لڳندو آهي ته آ کيس جنم کان سڃاڻان ۽ مونکي ڪٿي نه ڪٿي سندس وجود ۾ پاڻ نظر ايندو آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سان دوستي رکڻ کانپوِ پيچ اهڙا ته ڪسيا اٿس جو ڄڻ پارس قسم جو دوست اچي شامل ٿيو هجي، ڪَسُ ۽ ڪَٽُ کي صاف ڪري سون ٺاهڻ وارو هي دوست جنهن به اوطاق تي هوندو ات سون جهڙي روشني ٿي پوندي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سميت مونکي ذاتي طور تي فخر آهي ته سليمان اسانجو دوست آهي ۔۔۔ سلام دوست

رب العالمين کيس هر ڪوسي وا کان محفوظ رکي ۽ کيس پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔ آمين

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سائين محمد سليمان هڪ محبتي پر خلوص شخصيت جا مالڪ آهن الله تعالي سندن صحت و عافيت کي سلامت رکي هن عاجز طرفان به کين مبارڪون قبول پون.
 
اسان طرفان سائين محمد سليمان وساڻ‌کي 300 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌيون ۽ رب تعالي کان دعا تان گهرون ته سندن علم ۾ اضافو فرمائي آمين
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

ادا افتخار وڏي مهرباني جو اوهان اسان جي محنتي جاکوڙي دوست کي ياد ڪيو۔
سليمان وساڻ صاحب جن کي اسان طرفان به مبارڪون۔

عاشق جهڙا سنڌ جا عاشق هجن ته اسان کي به ليک ونڊڻ ۾ مزو ايندو آهي۔ دوستن جا لک قرب جن هن ميڙ کي مچايو ۽ اسان کي به قرب ڏنو ۽ همٿائيندا رهيا ته ڪجه لکندا رهون۔
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

السلام عليڪم حق موجود

دوست سليمان وساڻ جهڙا سنڌ ۽ سنڌي قوم لاء دل ۾ درد رکندڙ نوجوان هن دنيا ۾ ڳولڻ سان به تمام گهٽ ملندا ۔ ڇو ته اسان وٽ ڪيترا ئي اهڙا دوست هن درتي تي پاتا ته وڃن ٿا جيڪي جن وٽ قوم لاء جذبو به اٿن ليڪن صرف جذبن جي حد تائين ان سوچ سان گڏ پاڻ پتوڙڻ ، محنت ڪرڻ ڪوشش ڪرڻ پهنجي قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ انهن جو ڪوبه ڪردار ناهي ۔ ليڪن اسان جو دوست انهن چند ماڻهن منجهان آهي جيڪو پهنجي قوم لاء درد دل رڪڻ سان گڏوگڏ ان جدو جهد ۾ به مصروف آهي اسان کي ادي سليمان سان ڳالهائيندي ڪڏنهن به اوپرائپ محسوس ناهي ٿيندي شايد ان ڪري جو انهن جي طبيعت کان واقف آهيون ته هو يارن جو يار ۽ هڪ سٺو وفادار آهي ۔ دوست جون سنڌ سلامت لاء به خدمات ڪنهن کان ڳجهيون نه آهي دوستن جي محنت قابل داد آهي جو هنن ايتر گهٽ وقت ۾ 300 ٿريڊ مڪمل ڪري ورتا آهين اميد ته ادي جو ساٿ اهڙي طرح قايم رهندو

ادا سليمان اسان طرفان اوهان کي 300 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌيون قبول هجن

جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

سليمان وساڻ ۔۔۔ نالو آهي ؛ سچائي جو، محبت جو، سنڌ دوستي جو، اخلاق ۽ ادب جو ۔۔
۔

بلڪل سائين هي فقير توهان سان متفق آهي

سليمان وساڻ جو تصور ايندي ئي هڪ سهڻي، سمجهدار ۽ حساس انسان جو تصور اڀرندو آهي ۔۔۔ سليمان وساڻ کي ڏسي آ ڪيترن ماڻهن جي ڀيٽ ڪندو آهيان، ههڙا انسان ڪسوٽي هوندا آهن ۔۔۔۔ جنهن جي ماپ تور تي اسين ٻين انسان کي پرکي سگهندا آهيون ۔۔۔

بيشڪ بيشڪ سائين توهان سهي آهيو

سليمان وساڻ سان منهنجي دوستي ڪا گهڻو پراڻي به ناهي پر پو به ائين لڳندو آهي ته آ کيس جنم کان سڃاڻان ۽ مونکي ڪٿي نه ڪٿي سندس وجود ۾ پاڻ نظر ايندو آهي ۔۔۔

بلڪل سائين مان کي پڻ اهو ئي احساس ٿيندو آهي ادا سليمان جي مهرباني جو اهو خاص ٽائيم ڪڍي به دوستن کي ياد ڪندو آهي خاص طور تي مونکي :d:d:d:d

سنڌ سلامت سان دوستي رکڻ کانپوِ پيچ اهڙا ته ڪسيا اٿس جو ڄڻ پارس قسم جو دوست اچي شامل ٿيو هجي، ڪَسُ ۽ ڪَٽُ کي صاف ڪري سون ٺاهڻ وارو هي دوست جنهن به اوطاق تي هوندو ات سون جهڙي روشني ٿي پوندي آهي ۔۔۔

بلڪل سائين توهان رپيو جو رپيو سهي آهي اصل مون جي چوڻ جي ڪا ڳالهه نه ڇڏي وئي آهي
سنڌ سلامت سميت مونکي ذاتي طور تي فخر آهي ته سليمان اسانجو دوست آهي ۔۔۔ سلام دوست

رب العالمين کيس هر ڪوسي وا کان محفوظ رکي ۽ کيس پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔ آمين

آمين

ادا سليمان وساڻ صاحب توهان کي هي فقير 300 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرايئن سان مبارڪ پيش ڪري پيو

سدائين گڏ
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

سائين اسان جي طرفان به ادا سليمان وساڻ کي 300 موضوع پورا ڪرڻ تي .
لک لک واڌايون
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

سليمان وساڻ ۔۔۔ نالو آهي ؛ سچائي جو، محبت جو، سنڌ دوستي جو، اخلاق ۽ ادب جو ۔۔۔

سليمان وساڻ جو تصور ايندي ئي هڪ سهڻي، سمجهدار ۽ حساس انسان جو تصور اڀرندو آهي ۔۔۔ سليمان وساڻ کي ڏسي آ ڪيترن ماڻهن جي ڀيٽ ڪندو آهيان، ههڙا انسان ڪسوٽي هوندا آهن ۔۔۔۔ جنهن جي ماپ تور تي اسين ٻين انسان کي پرکي سگهندا آهيون ۔۔۔

سليمان وساڻ سان منهنجي دوستي ڪا گهڻو پراڻي به ناهي پر پو به ائين لڳندو آهي ته آ کيس جنم کان سڃاڻان ۽ مونکي ڪٿي نه ڪٿي سندس وجود ۾ پاڻ نظر ايندو آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سان دوستي رکڻ کانپوِ پيچ اهڙا ته ڪسيا اٿس جو ڄڻ پارس قسم جو دوست اچي شامل ٿيو هجي، ڪَسُ ۽ ڪَٽُ کي صاف ڪري سون ٺاهڻ وارو هي دوست جنهن به اوطاق تي هوندو ات سون جهڙي روشني ٿي پوندي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سميت مونکي ذاتي طور تي فخر آهي ته سليمان اسانجو دوست آهي ۔۔۔ سلام دوست

رب العالمين کيس هر ڪوسي وا کان محفوظ رکي ۽ کيس پنهنجي پناه ۾ رکي ۔۔۔ آمين

سائين نثار اوهان جون لک مهربانيون

اوهان جهڙن دوستن کان ئي سنڌيت جي پريت ۽ دوستيء جو مان رکڻ سکيو آهي۔ اوهان جهڙن مهان شخصيتن کان ئي سکيو آهي، پرايو آهي۔ نه ته ڪٿي سليمان وساڻ جيڪو نه ادب جي الف ب کان واقف آهي نه ئي وري شاعري جي رديف ۽ قافيي کان واقف ۽ وري 300 موضوع موڪلي۔

سنڌ سلامت جو محبتي ميڙ ۽ دوستن جو سچو ساٿ ئي آهي جنهن ڪڙي کڻي سوگهو ڪيو آهي۔ بقول لطيف سرڪار جي ته :

ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جِيئَن لُهارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگھو ڪَيو

اوهان جا احسان جو اوهان سون جهڙا لفظ چانديء جي ورقن ۾ ويڙهي همت افزائي ڪئي آهي ۽ هيڏو مان ڏنو آهي۔
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

ادا نثار توهان بلڪل ٺيڪ فرمايو آهي۔
ادا سليمان کي واڌايون۔@};-
سدائين گڏ

ادا نويد مهرباني

اوهان جا ٿورا جو اوهان مان ڏنو۔ دوستن جون همت افزايون ئي آهن اوهان جو پيار ۽ اوهان جهڙن دوستن جي سڪ ئي آهي جيڪا سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نعري جو قدر ڪندي اسان کي به پئي همٿائي۔
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سائين محمد سليمان هڪ محبتي پر خلوص شخصيت جا مالڪ آهن الله تعالي سندن صحت و عافيت کي سلامت رکي هن عاجز طرفان به کين مبارڪون قبول پون.

محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
انهيءَ جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاه​

سائين مولوي رحيم بخش صاحب اوهان جا ٿورا

اوهان طرفان ڏنل مبارڪون اسان لاء ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهن۔ اهي اوهان جهڙن رهنمائن ، پرخلوص دوستن ۽ پنهنجن جا ڏنل پيار ئي آهن جيڪي اسان کي ڇڪي سنڌ سلامت تي وٺي آيا۔ اهو سنڌ سلامت ئي آهي جنهن هيڏي عزت ڏني ۽ موقعو ڏنو جو سنڌي ٻوليء جي ننڍڙي خدمت ڪري سگهون۔
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

اسان طرفان سائين محمد سليمان وساڻ‌کي 300 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌيون ۽ رب تعالي کان دعا تان گهرون ته سندن علم ۾ اضافو فرمائي آمين

سائين مينڌرا صاحب اوهان جا ٿورا

اوهان جي ڏنل دعائن کي سدائين ياد رکبو ۽ دعا آهي ته سڀ دوست خوش هجن ۽ سنڌ سلامت تي پنهنجي علم جا جوهر ڏيکاريندا رهن۔ اوهان جي ڏنل موٽ لاء مان اوهان جو شڪرگذار آهيان
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

السلام عليڪم حق موجود

دوست سليمان وساڻ جهڙا سنڌ ۽ سنڌي قوم لاء دل ۾ درد رکندڙ نوجوان هن دنيا ۾ ڳولڻ سان به تمام گهٽ ملندا ۔ ڇو ته اسان وٽ ڪيترا ئي اهڙا دوست هن ڌرتي تي پاتا ته وڃن ٿا جن وٽ قوم لاء جذبو به اٿن ليڪن صرف جذبن جي حد تائين ان سوچ سان گڏ پاڻ پتوڙڻ ، محنت ڪرڻ ڪوشش ڪرڻ پهنجي قوم کي بيدار ڪرڻ ۾ انهن جو ڪوبه ڪردار ناهي ۔ ليڪن اسان جو دوست انهن چند ماڻهن منجهان آهي جيڪو پهنجي قوم لاء درد دل رڪڻ سان گڏوگڏ ان جدو جهد ۾ به مصروف آهي اسان کي ادي سليمان سان ڳالهائيندي ڪڏنهن به اوپرائپ محسوس ناهي ٿيندي شايد ان ڪري جو انهن جي طبيعت کان واقف آهيون ته هو يارن جو يار ۽ هڪ سٺو وفادار آهي ۔ دوست جون سنڌ سلامت لاء به خدمات ڪنهن کان ڳجهيون نه آهي دوست جي محنت قابل داد آهي جو هنن ايتري گهٽ وقت ۾ 300 ٿريڊ مڪمل ڪري ورتا آهين اميد ته ادي جو ساٿ اهڙي طرح قايم رهندو

ادا سليمان اسان طرفان اوهان کي 300 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌيون قبول هجن

ادا وعليڪم سلام ۔۔۔۔ حق موجود سدا موجود

ادا اوهان پاران ڏنل مبارڪن تي مان اوهان جو ٿورائتو آهيان۔ سنڌ لاء ته ڪجه به ڪونه ڪيو آهي باقي دل تڙپندي رهندي آهي جڏهن به سنڌ سان نا انصافي ٿيندي آهي۔ دوستن جا ۽ اوهان جا قرب جو اوهان اسان کي دوستيء جي قابل سمجهيو تنهنڪري دوستيء جو ۽ اوهان پيارن جو مان رکڻ به اسان جو فرض آهي۔

مان ته ڪجه به ناهيان منهنجا 300 موضوع به ڪجه ناهن بس مان آهيان ته اوهان دوستن جي قرب ۽ پيار جي ڪري آهيان۔ جڏهن به سنڌي ڀائر ياد ڪندا آهن ته خوشي ٿيندي آهي ته ڪوئي ته آهي جو اسان کي پنهنجو ٿو سمجهي ۔ لطيف سرڪار پيو چوي ته :

اڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي

سنڌ سلامت ته آهي ئي اوهان جهڙن دوستن جي سهاري جن هن کي شروع ڪيو ۽ اڃان پيا جدوجهد ڪن۔ اوهان کي رب آباد ڪري ۽ سنڌ کي سکيو ستابو رکي۔۔۔۔۔۔ آمين ۔۔۔۔
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

۔

بلڪل سائين مان کي پڻ اهو ئي احساس ٿيندو آهي ادا سليمان جي مهرباني جو اهو خاص ٽائيم ڪڍي به دوستن کي ياد ڪندو آهي خاص طور تي مونکي :d:d:d:d

ادا سليمان وساڻ صاحب توهان کي هي فقير 300 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرايئن سان مبارڪ پيش ڪري پيو

سدائين گڏ

ادا لوڪل فقير وحيد ڦلپوٽه اوهان جا ٿورا

اسان کي ناز آهي جو فقير جهڙا دوست مليا سي به سنڌ سلامت جي بهاني۔ يار فقير ڪٿي اوهان جون خدمتون ۽ ڪٿي هي ناچيز۔۔۔۔۔ پوء به اوهان جهرن دوستن جي سهاري ، اوهان جي رهنمائي جي سهاري پيا لکون ۽ موضوعن جي چونڊ ڪيون۔ سنڌ سلامت هاڻي رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي آهي۔
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

سائين اسان جي طرفان به ادا سليمان وساڻ کي 300 موضوع پورا ڪرڻ تي .
لک لک واڌايون

ادا گلال اوهان جا ٿورا جو اوهان ياد ڪيو ۽ مبارڪون ڏنيون
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

محترم سليمان وساڻ کي منهجي طرفان کوڙ ساريو دلي
دعائون، سائين جن جي ڪاوش جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي

بيشڪ هن جون عملي ڪوششون اسان سڀني جي سامهون آهن
هنن جي هر تحرير ۾ سبق سان گڏ تفريح به هوندي آهي

اميد ته هن اڱڻ کي پهنجي اهڙين ڪاوشن سان هميشه اجاريندا رهندا

امين

سنڌ سلامت جي ساٿ کي هميشه ساٿ رکندا

29c03er_th.jpg
 
جواب: ادا سليمان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ تي مبارڪ باد

ادا سليمان وساڻ اوهان کي 300 موضوع پورو ڪرڻ‌تي دل جي گهرائن سان مبارڪ باد قبول هجي۔

يقينن اوهان جا مضمون اسان جي هن اڱڻ تي گلن جيان خوشبو وکيريندا رهندا آهن۔

الله تعالى کان دعا آهي ته اوهان جو ساٿ قائم ۽ دائم رهي آمين

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
ادا محمد سليمان وساڻ تمام ٿوري عرصي ۾ اسان جي سنڌ سلامت اڱڻ جو هڪ جاکوڙي ۽ کاهوڙي سپوت طور سامهون آيو آهي، پنهنجي لا ته هرڪو جيئي ٿو، پر ادا محمد سليمان وساڻ اسان جي سونهاري سنڌ جو اهو جوڌو آهي، جيڪو سنڌ مٺي جي سونهن ۽ سوڀيا وڌائڻ لا سدائين پاڻ پتوڙيندو رهندو آهي، هر انهي سنڌي سٻاجهي شخصيت جنهن جنهن سنڌ جي لا پنهنجو سڀ ڪجهه نڇاور ڪيو آهي، انهن جي سوانح حيات تفصيل سان اسان جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت تي موڪليندا رهندا آهن، هر خوبصورت سنڌي شاعري جيڪا کين ملندي آهي انهي جو تمام پياري چتر ڪاري ڪري نه صرف سنڌ سلامت جو اڱڻ جرڪائيندا آهن پر انهن شاعرن يا شاعرائن جي همت افزايون تمام تمام پياري انداز سان ڪندا آهن، محمد سليمان وساڻ اسان جي سنڌ سلامت جو صحيح معنا ۾ اهڙو ناياب هيرو آهي جيڪو انمول آهي، دعا آهي ته محمد سليمان وساڻ سدائين پنهنجون صلاحيتون سنڌ ڌرتي لا سنڌ سلامت جي اڱڻ تان وقف ڪندو رهي ۽ سنڌ جي سينڌ سدائين سائي رهي۔ آمين منهنجي پاران به کيس دل جي گهرائين سان ٽي سئو لکڻيون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون. انهي دعا سان ته شال پنهنجي پيارن سان سدائين جڙيو هُجي آمين.
 
Back
Top