ڪجهه ماڻهون اهڙا هوندا آهن، جيڪي جان کان به وڌ عزيز هوندا آهن، ۽ اهي ماڻهون اکين کي اهڙيطرح سٺا لڳندا آهن جو دل ۾ هڪ حسرت ئي رهندي آهي ته اهي اسان کان ڪڏهن جدا نه ٿين ۽ انهن جي رسڻ جو انداز به دل کي وڻندو آهي، پر اهي جان کان به پيارا ماڻهون، بي وفا ٿي ويندا آهن ۽ بي رخيءِ سان پيش ايندا آهن ته دل تي هڪ ڌڪ لڳندو آهي ۽ من ۾ جيئڻ جي خواهش به ناهي رهدي ۽ سموري دنيا ويران ئي ويران ۽ بي وفا نظر اچڻ لڳندي آهي ... آخر ائين ڇو آهي، ڪاش ڪوئي سمجهائي سگهي ...؟
جواب: kaash koi samjha sakhe i dont know either u r sindhi or nt bt anyways. its too dfclt to undrstnd th lvrs bt whn thy hrt its too mch dfclt to bear,so its un undrstndble thng in me views.
جواب: ڪاش ڪوئي سمجهائي سگهي دوست نويد مون هميرا جي پيغام کي سنڌي ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ هاڻ جيڪڏهن اوهانکي سندس جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته ويچاريءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته ائين ڇو ٿيندو آهي جو هڪ پياري جي بيوفائيءَ تي سڄي دنيا زهر ڇو لڳندي آهي ۔۔۔؟ ڳالهه ته تمام ڳوڙهي آهي ۔۔۔ ڪوئي عاشق ئي سمجهائي ۔۔۔ باقي پاڻ کان ته ڳالهه چڙهيل آهي ۔۔۔ محترمه هميرا پاڻکي ته اها خبر آهي ته پيار کان علاوهه به دنيا ۾ گهڻا ڪم آهن ۔۔۔ پر جيڪڏهن ڪنهن سان سچو پيار ٿي ويندو آهي ته اهو مرندو ناهي پر شڪل مٽائي ويندو آهي ۔۔۔ هڪ ماڻهونءَ کان سڄي قوم تائين پيار وڌي ويندو آهي ۽ قوم کان وڌندو آهي ته رب جي ذات تائين پهچندو آهي ۔۔۔ انڪري سچو پيار ڪڏهن به نه مرندو آهي ۽ نه ختم ٿيندو آهي ۔۔۔ ها نفساني پيار مرندو به آهي ته ان سان نقصان به ٿيندو آهي ۔۔۔ ڪوشش ڪريو پيار جي رمزن کي سمجهڻ جي ۔۔۔
جواب: ڪاش ڪوئي سمجهائي سگهي ادا نثار اوهان جي مهرباني البته پيار ته ڪڏهن مرڻو ئي ناهي باقي پيار به مختلف قسمن جو ٿئي ٿو سو بهتر اهو هوندو آهي ته وطن سان محبت ڪجي جتان نه ڪو ڏک پهچي نه ئي ڪا تڪليف۔ خير پيار ته پيار آ ڀل ڪهڙو به هجي بس هجي سچو۔ سمجهائڻ منهنجي لا به ڪجهه ڏکيو آهي جو اڃان ڪچا عاشق آهيون۔