تيونس ۾ آيل تبديلي، ڇا هي انقلاب آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    تيونس ۾ آيل تبديلي، ڇا هي انقلاب آهي؟

    نثار لغاري
    تيونس ۾ صدر زين العابدين بن علي جي 1987ع کان قائم حڪومت جنوري 2011ع ۾ ختم ٿي وئي آهي، اهڙي ريت تيونس اهو پهريون عرب ملڪ ثابت ٿيو آهي، جتي عوامي مزاحمت سان حڪومت جو خاتمو ٿيو آهي، سڀني پارٽين جي صلاح سان هڪ عبوري حڪومت قائم ٿي آهي، جيڪا ٻن مهينن ۾ اليڪشن ڪرائيندي.
    هن تبديليءَ يورپ ۽ آمريڪا لاءِ به وڏي پريشاني پيدا ڪئي آهي، ڇو ته صدر زين العابدين فرانس، آمريڪا ۽ سعودي عرب جو هڪ پسنديده ماڻهو هو، هن عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ئي قيمتن ۾ واڌ پئي ڪئي، جنهن جي ڪري عام کاڌي پيتي کان وٺي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي هئي، عام ماڻهو لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي پيو هو، آمريڪا هن تبديلي جي حمايت ناهي ڪئي، نه ته ايران ۾ يا ڪنهن آمريڪا مخالف ملڪ ۾ يا ڪنهن سابق سوويت رياست ۾ ڪا حڪومت تبديل ٿيندي آهي، يا عوامي احتجاج ٿيندا آهن ته هڪ دم آمريڪي نمائندا ميڊيا جي اڳيان اچي ان کي ويلڪم ڪندا آهن. هن وقت انهن کي نانگ سنگهي ويو آهي ۽ هو پنهنجو نئون ڄار اُڻي رهيا هوندا.
    هڪ طرف يورپي ميڊيا خاموش آهي ته ٻئي طرف وري ميڊيا جا ڪي حلقا هن کي انقلاب چئي رهيا آهن، بهرحال هڪ ڊڪٽيٽر حڪمران عوامي احتجاج تي هليو ويو آهي اها اهم ۽ بنيادي تبديلي آهي ۽ هن وقت تائين تيونس جي عوام جو سڌو مطالبو به اهو هو ۽ ساڳي ريت هن تحريڪ جو ابتدائي مقصد به اهو ئي هو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن کان اڳتي ڪا پارٽي ڪهڙي ريت ڪو پروگرام ڏئي ٿي يا نه؟ ڇو ته هن وقت تائين هن سموري تحريڪ جي پويان ڪا هڪ منظم پارٽي ناهي، نه ئي اهڙو پروگرام هو، ٻي اهم ڳالهه ته ميڊيا به اهڙي ڌر کي لڪائي رهي آهي، ڏسجي ته اها اڳتي هلي پنهنجو ڪو اظهار ڪري ٿي يا نه!!
    هڪ اهم ترين حقيقت اها پڻ آهي ته عالمي سطح تي جيڪي سامراج نواز پاليسيون ۽ سرمايي جي ڦرلٽ لاءِ اقتصادي پاليسيون آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تحت جوڙيون ويون آهن اهي مهانگائي، بي روزگاري ۽ معاشي زوال جو سبب بڻجي رهيون آهن. پاڪستان به ڪجهه اهڙي ئي بحران مان گذري رهيو آهي ۽ هتي وري مذهبي انتهاپسندي ۽ قومي سوال موجود آهي، تنهن ڪري اهڙي تحريڪ هتي اڀرڻ جا امڪان گهٽ آهن.
    عرب دنيا ۾ تيونس جي آيل هن تبديليءَ جي ڪري وڏو ٿرٿلو متل آهي، ڇو ته مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ بادشاهه ۽ حسني مبارڪ جهڙا حڪمران آمريڪا جي آشيرواد مان اقتدار تي براجمان آهن. انهن خلاف هي ابتدائي بغاوت آهي، هڪ ملڪ کان پوءِ عربن جو ڪلچر تبديل ٿيندي محسوس ٿي رهيو آهي. ائين به عربن جي هر مزاحمت کي اسلامي انتهاپسندي جو ليبل هڻي بدنام ڪيو ويو آهي، پر تيونس جي هن وقت تائين بظاهر عوامي بغاوت بدران پروپئگنڊا کي روڪيو آهي ته تيونس ۾ انتهاپسند طاقتور آهن، اها حقيقت آهي ته هن صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي جي آغاز تي هي ڄڻ ابتدائي عوامي لهر آهي، جيڪا هاڻ ڇلڪجڻ طرف وڃي رهي آهي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تيونس ۾ آيل تبديلي، ڇا هي انقلاب آهي؟

    دوستو! هي هڪ حقيقت آهي ته تيونس ۾ عوام پنهنجي سگهه ذريعي، ظالم حڪمران طبقي کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن ۔۔۔ ۽ ان انقلاب سان جيڪا سڀ کان وڏي ڳالهه نظر اچي ٿي اها هي آهي ته هي هڪ اهڙو انقلاب آهي جنهن جو ڪو به هڪ اڳواڻ ناهي، ۽ ڪا هڪ پارٽي يا گروهه ناهي، پر هن انقلاب ۾ پوري قوم ۽ عوام پنهنجي همٿ پاڻ جي بنياد تي اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي ۔۔۔۔

    هي انقلابن جي تاريخ ۾ هڪ انوکو انقلاب آهي ۽ ان نظرئي کي ڪيتري حد تائين غلط ثابت ڪري رهيو آهي ته هروڀرو ڪو هڪ اڳواڻ هجڻ لازم آهي ۔۔۔۔

    پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي انقلاب اچڻ جي ڪابه اميد نه ٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪو هڪ قوم يا ڪنهن هڪ عوام جو ملڪ ناهي ۔۔۔ هي ملڪ هڪ معاهدي جي پئداوار آهي ۽ هن معاهدي ۾ شامل قومن جا اقتصادي مفاد، ٻوليون ۽ ثقافتون مختلف آهن، انڪري جيڪڏهن هڪ قوم چاهيندي ته هيئن ٿئي ته ممڪن ٻي قوم ائين نه چاهيندي هجي، انڪري سگهاريون قوتون صرف ان قوم کي ڪچلڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ۔۔۔۔

    مثال؛ محترمه بينظير جو قتل ٿيو ته ان جو اثر صرف ۽ صرف سنڌ ۾ نظر آيو پر پنجاب ۽ ٻيا صوبا آرام ۾ هيا، سوال اهو آهي ته ڀيڻ بينظير ڪو صرف سنڌ جي اڳواڻ نه هئي پر پوري پاڪستان جي ڳالهه ٿي ڪيائين پر سندس شهادت تي سنڌ ته ٽامو ٿي وئي پر ٻين قومن جي مٿي تي جون به نه چري ۔۔۔

    ايئن ڇو ۔۔۔؟ صرف انڪري ته ڀيڻ بينظير جو تعلق سنڌين سان هو ۔۔۔ انڪري سنڌ کي به ٻين کان الڳ ٿي سوچڻو پوندي ۽ پنهنجي ڌرتي کي بچائڻو پوندو ۔۔۔

    ڏسجي ته اها ڳالهه سنڌ جون سڀ ڌريون ڪڏهن ٿيون سمجهن ۔۔۔۔؟

    هٿ مٿي آهن ۔۔۔۔ يارب ڪاش!
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تيونس ۾ آيل تبديلي، ڇا هي انقلاب آهي؟

    ادا مهرباني اوهان سهڻو ونڊ ڪيو آهي

    جڏهن عوام اٿي پئي ٿو ته پوء انقلاب به اچن ٿا۔ يقينن هيء تبديلي عرب ملڪن لاء خاص ڪري جتي بادشاهتون آهن انهن لاء هڪ گهنٽي آهي۔

    اسان کي ته اڃان تائين اهڙي پارٽي يا قيادت ڪونه پئي ملي جيڪا باڪردار هجي، اصول تي هجي ۽ انصاف ۽ عدل جي ڳاله ڪري، جنهنجي پويان هلون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو