جواد رضا
سينيئر رڪن
تيونس ۾ آيل تبديلي، ڇا هي انقلاب آهي؟
نثار لغاري
تيونس ۾ صدر زين العابدين بن علي جي 1987ع کان قائم حڪومت جنوري 2011ع ۾ ختم ٿي وئي آهي، اهڙي ريت تيونس اهو پهريون عرب ملڪ ثابت ٿيو آهي، جتي عوامي مزاحمت سان حڪومت جو خاتمو ٿيو آهي، سڀني پارٽين جي صلاح سان هڪ عبوري حڪومت قائم ٿي آهي، جيڪا ٻن مهينن ۾ اليڪشن ڪرائيندي.
هن تبديليءَ يورپ ۽ آمريڪا لاءِ به وڏي پريشاني پيدا ڪئي آهي، ڇو ته صدر زين العابدين فرانس، آمريڪا ۽ سعودي عرب جو هڪ پسنديده ماڻهو هو، هن عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ئي قيمتن ۾ واڌ پئي ڪئي، جنهن جي ڪري عام کاڌي پيتي کان وٺي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي هئي، عام ماڻهو لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي پيو هو، آمريڪا هن تبديلي جي حمايت ناهي ڪئي، نه ته ايران ۾ يا ڪنهن آمريڪا مخالف ملڪ ۾ يا ڪنهن سابق سوويت رياست ۾ ڪا حڪومت تبديل ٿيندي آهي، يا عوامي احتجاج ٿيندا آهن ته هڪ دم آمريڪي نمائندا ميڊيا جي اڳيان اچي ان کي ويلڪم ڪندا آهن. هن وقت انهن کي نانگ سنگهي ويو آهي ۽ هو پنهنجو نئون ڄار اُڻي رهيا هوندا.
هڪ طرف يورپي ميڊيا خاموش آهي ته ٻئي طرف وري ميڊيا جا ڪي حلقا هن کي انقلاب چئي رهيا آهن، بهرحال هڪ ڊڪٽيٽر حڪمران عوامي احتجاج تي هليو ويو آهي اها اهم ۽ بنيادي تبديلي آهي ۽ هن وقت تائين تيونس جي عوام جو سڌو مطالبو به اهو هو ۽ ساڳي ريت هن تحريڪ جو ابتدائي مقصد به اهو ئي هو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن کان اڳتي ڪا پارٽي ڪهڙي ريت ڪو پروگرام ڏئي ٿي يا نه؟ ڇو ته هن وقت تائين هن سموري تحريڪ جي پويان ڪا هڪ منظم پارٽي ناهي، نه ئي اهڙو پروگرام هو، ٻي اهم ڳالهه ته ميڊيا به اهڙي ڌر کي لڪائي رهي آهي، ڏسجي ته اها اڳتي هلي پنهنجو ڪو اظهار ڪري ٿي يا نه!!
هڪ اهم ترين حقيقت اها پڻ آهي ته عالمي سطح تي جيڪي سامراج نواز پاليسيون ۽ سرمايي جي ڦرلٽ لاءِ اقتصادي پاليسيون آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تحت جوڙيون ويون آهن اهي مهانگائي، بي روزگاري ۽ معاشي زوال جو سبب بڻجي رهيون آهن. پاڪستان به ڪجهه اهڙي ئي بحران مان گذري رهيو آهي ۽ هتي وري مذهبي انتهاپسندي ۽ قومي سوال موجود آهي، تنهن ڪري اهڙي تحريڪ هتي اڀرڻ جا امڪان گهٽ آهن.
عرب دنيا ۾ تيونس جي آيل هن تبديليءَ جي ڪري وڏو ٿرٿلو متل آهي، ڇو ته مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ بادشاهه ۽ حسني مبارڪ جهڙا حڪمران آمريڪا جي آشيرواد مان اقتدار تي براجمان آهن. انهن خلاف هي ابتدائي بغاوت آهي، هڪ ملڪ کان پوءِ عربن جو ڪلچر تبديل ٿيندي محسوس ٿي رهيو آهي. ائين به عربن جي هر مزاحمت کي اسلامي انتهاپسندي جو ليبل هڻي بدنام ڪيو ويو آهي، پر تيونس جي هن وقت تائين بظاهر عوامي بغاوت بدران پروپئگنڊا کي روڪيو آهي ته تيونس ۾ انتهاپسند طاقتور آهن، اها حقيقت آهي ته هن صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي جي آغاز تي هي ڄڻ ابتدائي عوامي لهر آهي، جيڪا هاڻ ڇلڪجڻ طرف وڃي رهي آهي