رسالن جي تاريخ

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رسالن جي تاريخ


    تحرير ؛ عقيل عباس سومرو



    [​IMG]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]دنيا جي پهرين اخبار ڪڏهن ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ شايع ٿي، اهو هڪ گهڻ طرفو ۽ ڊگهو بحث آهي، جنهن جو ڪو حتمي فيصلو نه ٿو ٿي سگهي، ڇو ته تاريخي لحاظ کان ان ۾ وڏا اختلاف آهن. مثال هڪڙي تاريخ اها به آهي ته 59 قبل مسيح روم جي بادشاهه جوليئس سيزر جي دور ۾ هڪ باضابطا سرڪاري خبرنامو جاري ٿيندو هو، جيڪو مختلف تختين ۽ ڪپڙن تي لکي شهر جي چونڪن تي ٽنگيو ويندو هو. انهيءَ کي ايڪتا ديورانه Acta Diorama سڏيو ويندو هو. هي لاطيني ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڊيلي پبلڪ رڪارڊ، جنهن ذريعي شاهي فرمان به جاري ڪري عوام کي انهيءَ تي عمل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي ويندي هئي. ٻئي طرف چين اندر ”ٽيپائو“ نالي سان هڪ اهڙي هٿ سان لکيل شيٽ ورهائي ويندي هئي، جنهن ۾ حڪومتي وهنوار سميت ڏيهي پرڏيهي واپار جون خبرون پڻ شامل هونديون هيون، چين اندر اهو سلسلو سن 713ع ۾ شروع ٿيو.

    سن 556ع ۾ وينس اٽلي اندر هڪ مڪمل ماهوار گزيٽ شايع ٿي، جنهن ۾ رومانوي ڪهاڻين سان گڏ شاعري پڻ شامل ڪئي وئي هئي، دراصل دنيا جي پهرين باضابطه مڃيل اخبار 1605ع ۾ اسٽارش بورگ ۾ شايع ٿي، هي شهر جرمني ۽ فرانس جي بارڊر تي آباد آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ شهر تي جهنڊو فرانس جو چڙهيل آهي، پر جرمني به انهيءَ جو دعويدار آهي، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي عرصي کان ڇڪتاڻ جاري آهي، بهرحال اخبارن جو هي سلسلو برطانيا، يورپ ۽ آمريڪا کان ٿيندو وڃي ايشيا تائين پهتو ۽ اهڙي طرح دنيا ڀر جا ماڻهو اخبارن ذريعي هر ڏينهن سياسي، معاشي، ثقافتي توڙي روز ٿيندڙ رانديون ۽ ڏوهن جي باري ۾ باخبر رهڻ لڳا، اخبار وٺڻ يا پڙهڻ معاشري ۾ هڪ سٺي ۽ مهذب علامت بڻجڻ لڳي.

    دنيا جو پهريون رسالو The Gentleman’s magazine جنوري 1713ع ۾ لنڊن شهر ۾ شايع ٿيو، ايڊروڊ ڪيو انهيءَ ميگزين جو وجود وڌو، ايڊورڊ ڪيو، 27 فيبروري 1691 ۾ نيو ٽائون وارويڪ شائر ۾ پيدا ٿيو هو، هڪ موچي جو پٽ هو، جنهن کي پنهنجي پيءُ گرامر اسڪول ۾ داخل ڪيو، پر ٿوري ئي عرصي ۾ هن کي اسڪول مان انهيءَ ڏوهه ۾ خارج ڪيو ويو ته هن اسڪول جي هيڊ ماستر جي چوري ڪئي آهي. اهڙي طرح ايڊورڊ زندگي جا ڏکيا، اونها، ور وڪڙ کائيندڙ لاها چاڙها ڪاٽيندو وڃي اخباري ادارن سان اٽڪيو، ٿوري ئي عرصي ۾ هن پرنٽنگ، پبلشنگ ۽ ايڊيٽنگ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي، تان جو وڃي ڊي جينٽل مين مئگزين جو وجود وڌو، ياد رهي ته مئگزين دراصل عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اسٽور هائوس، هي عربي ٻولي جي لفظ ”مخزين“ مان ورتل آهي. هي دراصل ماهوار مئگزين هو، جيڪو 1713ع کان شروع ٿيندي، سيپٽمبر 1907ع ۾ بند ٿي ويو، هاڻي انهيءَ مئگزين جي اشاعت مڪمل طرح بند آهي.

    هن وقت پوري دنيا ۾ ڪيترا مئگزين، ڪهڙين ٻولين ۽ ڪهڙن موضوعن تي ڇپجن ٿا، انهيءَ جو ڪاٿو هڻڻ ته تمام ڏکيو ۽ اڻ مڪمل پر تازو جاپان ۾ دنيا ۾ شايع ٿيندڙ جڳ مشهور مئگزينن جي هڪ گهڻ طرفي سروي ڪئي وئي، جنهن ذريعي وڌ ۾ وڌ ڪاپيون ڇاپيندڙ مئگزين ۽ انهيءَ جي وڌ ۾ وڌ پڙهندڙن جو ڪاٿو لڳائي 10 مئگزينن کي دنيا جي ٽاپ ٽين مئگزين قرار ڏنو ويو.

    ٽائيم مئگزين جنهن کي دنيا جو وڌ ۾ وڌ شايع ٿيندڙ سياسي مئگزين چيو وڃي ٿو، هن وقت سڄي دنيا ۾ ان جون 20 ملين ڪاپيون شايع ٿين ٿيون، بريٽن ليڊن ۽ هينري لومس 2 مارچ 1925ع تي انهيءَ مئگزين جو بنياد رکيو، نيشنل جيوگرافڪ مئگزين دنيا جو اهو مئگزين آهي جيڪو هن وقت دنيا جي 32 ٻولين ۾ هڪ ئي وقت شايع ٿيندو آهي. انهيءَ جي پهرين اشاعت 1888ع ۾ نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي آف آمريڪا پاران شايع ڪئي وئي هئي.
    ريڊر ڊائجسٽ لاءِ ته اهو مشهور آهي ته سڄي دنيا ۾ 40 ملين ماڻهو ان کي پڙهن ٿا، دنيا جي 70 ملڪن ۾ هي مئگزين 21 ٻولين ۾ شايع ٿئي ٿي، ان جو پهريون ڇاپو فيبروري 1922ع تي ليلي بيل ۽ ڊيوٽ ويلن نيويارڪ آمريڪا مان شايع ڪيو.

    هن وقت دنيا جي اهم ترين مئگزين جو اعزاز دي اسڪاٽ مئگزين کي حاصل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1739ع ۾ شايع ٿيو، هن رسالي جي تاريخ اها آهي ته هي 1826ع ۾ سياسي دٻاءَ سبب بند ٿي ويو. 1888ع ۾ وري ان کي هڪ نئين مالڪ خريد ڪري ڇاپڻ شروع ڪيو، نئين مالڪ تي ايترا ته خوني حملا ٿيا جو مالڪ 1893ع ۾ رسالو بند ڪري وڃي جان بچائي وري 1924ع ۾ نئين ماڻهو هن کي خريد ڪري ڇاپڻ شروع ڪيو، جيڪو هن وقت مسلسل ڇپجي پيو، هن وقت ان جي انٽرنيٽ تي پنهنجي ويب سائيٽ به موجود آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: رسالن جي تاريخ

    ا
    دا سليمان تمام ڪارائتي ونڊ آهي۔

    اهڙا مضمون ضرور فورم جو حصو بڻجن کپن جنهن ۾ معلومات ۾ اضافوٿئي۔


    يقينن اوهان جي ونڊ ۾ اها ڳالھ آهي۔ مهرباني اوهان جي اميد آهي اهڙيون ونڊون جاري رکندا۔۔

    مهرباني
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رسالن جي تاريخ

    ڏسجي ته انسان ڪٿان کان ڪٿي پهچندو پيو وڃي، اڳ جو زمانو ڏسجي ۽ اڄ جو زمانو ته هن وقت جنهنکي ” ميڊيا “ چيو وڃي ٿو، انسان جي زندگي تي راڄ ڪرڻ لڳو آهي ۔۔۔ اخبارون هجن، رسالا هجن، ٽي وي چينل هجن يا انٽرنيٽ ۔۔۔ بلڪ هاڻ ته موبائيل فون به گڏ هجي ته دنيا جون اخبارون ڄڻ ته گڏ آهن ۔۔۔

    آخر انسان به الله جو خليفو آهي، سندس ايجادات به ڪمال جون آهن ۔۔۔ اڃان ڳالهه اڳتي آهي، اسانجو ايندڙ نسل ڪهڙي دور ۾ هوندو انجي لا ڪا اڳڪٿي ته نٿي ڪري سگهجي پر حالتون ٻڌائن ٿيون ته انسان پورو ڊجيٽل نه ٿي وڃي ۔۔۔؟

    معلوماتي ليک ونڊڻ جا ٿورا ضرور مڃبا ۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: رسالن جي تاريخ

    ادا اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ۽ ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو