اُن ڏينهن مون پاڻ کي ڏاڌو بيچين پئي محسوس ڪيو مون کي ٽن ڏينهن کان ننڊ ڪونه آئي هئي دل تڙپي رهي هئي ۽ دماغ ۾ سوالن جا امبار اُڀري رهيا هيا پر ڪنهن به سوال جو جواب نه پيو ملي آئون فيصلو ڪيس ته اڄ پنهنجي انآ کي پوئتي ڇڏي هُن کان پنهنجي تمام انهن سوالن جا جواب پڇندس جيڪي منهنجي دماغ جي بي سڪوني جو سبب بڻيا آهن اُن ڏينهن آئون سڄي رات ننڊ ڪونه ڪئي هئي هُن جي فون جو انتظار پئ ڪيس اچي صبح جي ويل ٿي پر هن جي فون ڪون آئي آئون سوس پلي ورتس ته اڄ هن جي فون نه ايندي اڃان مان انهن خيالن جي ڀنور ۾ گم هيس ته منهنجي موبائل تي رنگ وڳي، آئون ان وقت گهر جي پڌر واري حصي ۾ ليٽيو پيو هُس، تڪڙ تڪڙ ۾ اُٿي ٻاهر ويس ۽ شهر جي ڪنهن سن سان گهٽي ۾ وڃي هن جي ڪال رسيو ڪيس، هُن جو آواز ٻڌي ائين پئي محسوس ٿيو، ته شايد هئا به صدن کان وٺي مون سان ڳالهائڻ لاءِ بيچين هئي مان هلڪي آواز ۾ هن کان پڇيو ڪئين آهي، هن جواب نه ڏنو ۽ ان جي مٿان مون کان سوال ڪيائين، ڇو ڀلا ڊڃي ٿو ڇا ، آئون هن جي مون مان اِهي الفاظ ٻڌي ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويس ۽ سوچيندو رهيس ته ڇا هي اها ئي ڇوڪري آهي جيڪا اڄ کان هڪ ڏينهن اڳ منهنجي صرف ايتري چوڻ تي ته اڄ نه وڃ شرمائي ڪري ڀڄي وئي هئي، ۽ اڄ مون کان ٿي پڇي ڊڃين ٿو ڇا مون جي سوچن جي سلسلي کي چيريندي هن جي آواز آئي چيائين ڇا ٿيائيي. وراڻيو مانس نه مان نه ٿو ڊڃان اُن کان پوئي اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهياس، ڳالهيون ڪندي ڪندي خبر ئي نه پئي ته ڪيترو وقت گزري ويو، پر ان وقت تائين مان هن کان ڪو به سوال ڪونه پڇي سگهيو هيس ڏيٺ همت جوڙي هن سان پنهنجي بيچيني جو اظهار ڪندي سوال ڪيو مانس. رخسانه تون مون سان ڪيترو پيار ڪندي آهي. هن ڪو جواب نه ڏنو مان وراڻي ڪري پڇيو مانس رخسانه ٻڌائي نه مون سان ڪيترو پيار ڪندي آهي. هن پنهنجي خاموش رهڻ واري ريت کي شڏيندي چيو سرفراز تون مون کان اهڙا سوال ڇو ٿو ڪري، رخسانه هيءُ منهنجي سوال جو جواب نه آهي مان وراڻيم. اسان ٻئي ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وياس، ڏيٺ مان خاموشي جي ڀت کي لفظن جي هٿوڙي سان ٽوڙيندي هن کان کان پڇيو رخسانه تون مون کي ڪڏهن شڏي ته ڪون وينديئن. هن وراڻيو مان پنهنجي سرفراز کي ڪڏهن به نه ڇڏيندم. هن جو جواب ٻڌي دل کي ٿورو سڪون مليو. مان هن کان سوال ڪندو رهيس، هن ڪجه سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪجه سوالن تي خاموشي جي ڀت ڪڍي شڏيائين. مان هن کان پڇيس رخسانه جنهن اگر تنهنجا گهر وارا تنهنجي شادي مون سان نه ٿيڻ ڏين ته پوءِ. هن جواب نه ڏيندي، چيائين سرفراز خدا جو واسطو اٿئي ٻيهر ڪڏهن ائين سوچ جائين به نه مان تون کان سواء ڪنهن ٻي سان شادي جي باري ۾ سوچي به نٿي سگهان. مان تون کان بغير نه رهي سگهندس، هن جي ڳالهه اڌ ۾ ئي ڪٽيندي چيو مانس. رخسانه تون مونکي ڀلائي ڇڏ هي ظالم زماني وارا تون کي منهنجو ڪڏهن به نه ٿيڻ ڏيندا. تنهنجا گهر وارا جتي چون ٿا ان سان شادي جي باري ۾ سوچ منهنجي ڳاله ٻڌي هن درد ڀريل آواز ۾ مون کي سڏ ڪيو ’’سرفراز’’ هن جو سڏ ٻڌي مان پاڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ وراڻيون مانس چئو منهنجي پياري رخسانه. هن ڪجه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر روئڻ ڪري ڳالهائي نه سگهي ۽ سڏڪا ڀري چپ ٿي وئي مان به ڪجه چوڻ جي همت ڪو نه جٽائي سگهيس ۽ خاموش رهيس. آخر رخسانه خاموشي جي عالم کي ٽوڙيندي چيائين سرفراز مان تنهنجي سوا ڪنهن ٻي جي باري ۾ سوچي به نه ٿي سگهان مون کي مجبور نه ڪر، هن جو جواب ٻڌي مان ڳالهائڻ جي سگه وڃائي ويٺس . ڪجه وقت خاموش رهڻ کان پوءِ هن کان پڇيس مون سان ڀڄي هلنديئن. رڙ جهڙي لهجي ۾ وراڻيائين مان پنهنجي بابا سان ائين ڪڏهن به ڪون ڪندس. چيو مانس ته پوءِ منهنجي ڳاله ڇو نه ٿي مڃي. منهنجا اهي لفظ ٻڌي رخسانه روئڻ لڳي، پنهنجي روئڻ تي قابو ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين پر روئڻ نه روڪي سگهي. جڏهن روئڻ بند ڪيائين ته سڏڪن ڀريل آواز ۾ چيائين سرفراز خدا تنهنجو ۽ منهنجو حافظ رهي خبر ناهي تون سان ٻيهر ملندس به يه نه، خبر نه آهي تون سان ٻيهر ڳالهائيندس به يه نه. جيڪو چوي ٿو ان تي عمل ڪندس واعدو نه ٿي ڪيان پر ڪوشش ضرور ڪندس. الائي ڇو رخسانه جي اها ڳاله ٻڌي ائين محسوس ٿيو ته ڃڻ مان هن کي هميشه لاءِ وڃائي ڇڏيو. اڃان مان هن کي ڪجه چوان هان ته هن فون بند ڪري ڇڏي، مان ڏاڍي ڪوشش ڪيس ته هن کي ٻيهر فون ڪيان ۽ ڳالهايانس پر هن پنهنجي موبائل بند ڪري ڇڏي. مان اڄ به هن جو آواز ٻڌڻ لاء هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ تڙپندو آهيان اڄ به پنهنجي ان اڻ پوري محبت کي ياد ڪندو آهيان ۽ روئيندو رهندو آهيان پر هوءَ ڪٿي آهي ڪهڙي حال ۾ آهي ڪا خبر نه آهي
جواب: منهنجي اڻ پوري محبت۔۔۔۔۔! ڀا دريا خان ڀٽا، رب اوهانکي حياتي ڏي، اوهانجو نالو ئي اهڙو سهڻو آهي جو سنڌ جي تاريخ ياد اچي وڃي ٿي ۔۔۔” دولهه دريا خان“ پر خئير ڳالهه آهي اوهانجي هن ڪهاڻي جي ته هي اڻپوري محبت اوهانجي لکيل آهي يا ڪو ٻيو ليکڪ آهي؟ جيڪڏهن اوهانجي لکيل آهي ته اوهان هن افسانوي ڪهاڻي کي لکيو ته چڱڙي اندا ز سان آهي پر لکڻ جي اسلوبن ۾ ڪٿي جهول آهي ۔۔۔ مثال هر عبارت جي پوري ٿيڻ تي فل اسٽاپ کانپو نئين عبارت شروع ڪجي ۽ نئين پيراگراف شروع ڪجي ۔۔۔ مڪالمه لکڻ وقت هر هڪ مڪالمي جي هڪ الڳ پيرا هجي ته وڌيڪ سهڻي لڳندي آهي ۽ افسانوي ڪهاڻي ۾ جان اچي ويندي آهي ۔۔۔ منظر نگاري پڻ ڪهاڻي جي سونهن وڌائيندي آهي ۔۔۔ خئير اوهان لکندا رهو ۽ لکڻ جو ڍنگ سکندا رهو ته اميد هڪ ڏينهن اوهان سهڻيون ڪهاڻيون لکندا ۔۔۔۔ باقي محبتن جو معاملو ڪجهه ڳوڙهو آهي ۔۔۔ ڪٿي محبت امر ٿي ويندي آهي، ڪٿي محبت ماڻهون کي مجنون ڪري ڇڏيندي آهي ته ڪٿي وري محبت جي حاصل ٿيڻ کانپو خوشيون ئي خوشيون هونديون آهن ۔۔۔ ۽ مون ته اهو به ٻڌو آهي ته سچي محبت ڪڏهن مرندي ناهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت