جنهن جا شعر ڌرتيءَ سان محبت سيکارين ٿا! شرميلا فاروقي سنڌ صدين کان وٺي امن، محبت، ڀائيچاري، ٻڌي ۽ پيار جي سرزمين رهي آهي. پنهنجي مٺي مزاج عاجزي واري زندگي گذارڻ سبب سنڌي ماڻهو هميشه سڄي دنيا ۾ محبت جي پرچارڪ سرزمين جي رهواسي طور سڃاتا ويندا آهن. هتان جي صوفين، بزرگن، شاعرن، اوليائن ۽ ولين سنڌ جي انهيءَ امن ۽ پيار واري پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي به هڪ مٿانهين حيثيت حاصل آهي. شاهه سائين پنهنجي پيغام ذريعي نه رُڳو سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ دعا ڪئي آهي، پر سڄي دنيا لاءِ دعاڳو رهيو آهي. سندس عالمي طور محبت جي پرچار ڪرڻ جي هڪ جهلڪ شاهه سائين جي هن شعر مان جهلڪي ٿي. سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين شاهه سائين پنهنجي ڪلام ذريعي سنڌ جي هر هنڌ، هر ماڳ جو ذڪر ڪري نه صرف سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هن سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏولاون کي به پنهنجي شاعري جو محور بڻايو آهي. مارن سان محبت جي علامت طور شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ مارئي جي چونڊ ڪئي آهي. هو مجموعي طور سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي ڌرتي سان محبت جي عڪاسي مارئي جي واتان ڪرائي ٿو. شاهه سائين مارئي جي واتان پنهنجي وطن جي حب الوطني هيئن بيان ڪري ٿو. منهن منهنجو سومرا! مر ميرو ئي هوءِ متان مارو چوءِ، ته ڌوتوءِ ڌورائڻ ۾! هن شعر ۾ شاهه سائين مارئي جي پنهنجي مارن سان محبت جي عقيدت هن ريت بيان ڪري ٿو ته مارئي عمر سومري کي ٿي چئي ته اي عمر سومرا منهنجو منهن ڀلي ميرو هجي، متان مارو مون کي ائين چون ته تو محل ۾ وڃي ان کي ڌوتو. مارن سان محبت جو اهڙو مثال ڪٿي به نٿو ملي ۽ سنڌ جا ماڻهو ائين ئي هميشه کان پنهنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪندا رهيا آهن. شاهه سائين مرداڻي سماج هوندي به سماج جي پيڙهيل طبقي يعني عورتن مان پنهنجا ڪردار چونڊيا آهن. سسئي، مارئي، سهڻي، مومل، ليلا، سورٺ کي پنهنجي ڪردارن طور کڻي نه صرف اهو بيان ٿو ڪري ته سنڌي سماج ۾ عورت جي ڪيتري اهميت آهي، پر سندن بهادري مان اهو به ثابت ڪرڻ ٿو گهري ته سنڌ جي عورت ثابت قدم، دلير ۽ بردبار آهي، پوءِ ڀل کيس ڪيتريون ئي سختيون يا تڪليفون ڇو نه برداشت ڪرڻيون پون. عورت جي بردباري، دليري ۽ صبر جي امتحان جو مظهر شاهه سائين جي رسالي جي سر سسئي مان ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڀٽ ڌڻي سسئي کي ڪيئي تڪليفن جو مقابلو ڪندي ڏيکاري ٿو ۽ سندس ثابت قدمي مان اهو به ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي عورت ڪيتري دلير آهي ۽ سختين هوندي به هوءَ ڪامياب ٿئي ٿي. ڏور مَ ڏوريج، صبر ڪر مَ سسئي، پرڻ ڇڏ پرين سين، وهڻ وساريج، سکن جا سيد چئي، لاڳاپا لاهيج، هنئين ساڻ هليج ته پنڌ پاسي پر نبري! هن شعر مان شاهه سائين اهو ٻڌائڻ ٿو چاهي ته مستقل محنت سان ئي ڪاميابي ملي سگهي ٿي. هن شعر ۾ شاهه سائين اهو ٿو چئي ته اي سسئي! (اي طالب) پرين کي پري نه ڳولج، نڪي صبر ۾ ويهج، پيرن سان هلڻ ڇڏي ۽ ساڳئي وقت وهڪ کي به وساري ڇڏج، سکن سان به پنهنجو ناتو ٽوڙي ڇڏج، پنهنجي دل سان پنڌ ڪج ته سفر ترت پورو ٿي وڃي. اڄ جڏهن دنيا ۾ قتل، ڦرون، چوريون، ڌاڙا، ڪاهلي، ڪمزوري، فساد عروج تي آهن ۽ سهپ توڙي ڀائپي جي کوٽ ٿي وئي آهي، اتي اسان کي شاهه سائين جي پيغام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم عروج تي پهتل آهي ۽ روزانو ڪيئي نياڻيون ڪاري ڪري ماريون وڃن ٿيون، اتي اسان کي شاهه سائين جي شاعري، فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، ڇو ته ڀٽائي جي پيغام تي عمل ڪري اسان قبائلي تڪرارن، دهشتگردي، فرقيواريت، ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم کي ختم ڪري سگهون ٿا. اڄ جيڪو انهن واقعن سبب دنيا ۾ نقشو چٽيو ويو آهي، ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ شاهه سائين جي پيغام کي عام ڪيو وڃي. دنيا ۾ موسيقي ذريعي محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ شاهه سائين جي ڪلام کي تنبوري جي تار جي تنوار ۾ دنيا ۾ عام ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان ئي شاهه سائين جي سنڌ کي اسان امن جو گهوارو بڻائينداسين. نه رڳو ڪڌين رسمن، پر تعليم جي بهتري، مذهبي رواداري ۽ ٻين شين جي واڌاري لاءِ به اسان کي شاهه سائين جي ڪلام کي عام ڪرڻو پوندو، ڇو ته ان ۾ ئي دنيا ۽ سنڌ جي خوشحالي جو راز لڪل آهي بشڪريه ڪاوش
جواب: جنهن جا شعر ڌرتيءَ سان محبت سيکارين ٿا! ادا شرميلا فاروقي کي ته سنڌي ڳالهائيڻ به ڪون ٿي اچي ان وري اهڙو ڪئين لکيو هوندو ۔۔۔۔۔۔۔ هن لاء ضروري آهي ته سنڌي سکي پوءاهڙا خيال پيش ڪندي سٺي لڳندي