ڪرينا ڪپور جي حسن جو راز
مان سنڌي کاڌن جي شوقين آهيان: ڪرينا ڪپور
33 سال عمر ٿيڻ جي باوجود هوءَ اڄ به 18 سالن جي ڇوڪري لڳي ٿي، آخر اهو ڪهڙو جادو آهي، جو ڪرينا ڪپور اڄ به بالي ووڊ جي حسين پوپرين ۾ شامل آهي. ڪرينا ڪپور پنهنجي حسن جور رازو پاڻ ئي ٻڌائي ٿي. ”مان سڀ ڪجهه کائڻ پسند ڪندي آهيان، پر خاص طور تي مون کي چائنيز فوڊ ۽ مکڻ واري دال پسند آهي. جوس ته مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. نيرن ۾ شروع ۾ ته مان صرف ميوو پسند ڪندي هئس پر هاڻي گرم ڦلڪا مان وڌيڪ کاوان ٿي. ان سان مون کي سڄو ڏينهن بک نه ٿي لڳي. ميون ۾ مون کي صوف ۽ انب پسند آهن پر انب کائڻ کان لنوائيندي به آهيان، جو ان سان مون کي ڦرڙيون نڪرنديون آهن. جنڪ فوڊز ۾ مون کي پائو، ڀاڄي، پزا ۽ چاٽ پسند آهي، شادين جي دعوتن ۾ وري مون کي سلاد وڻندو آهي. مان ڊوڙي پسند ڪائونٽر تي ويندي آهيان. پيئڻ ۾ مون کي پاڻي پسند آهي. مان سڄو ڏينهن پاڻي پيئندي رهندي آهيان. سافٽ ڊرنڪ (بوتلون) مون کي پسند ناهن. مٺيون شيون به مون کي پسند آهن خاص طور تي شاهي ٽڪرن جي ته مان شوقين آهيان، مان گهڻو ڪري ٻاهر کائڻ پسند ڪندي آهيان، گهر جو کاڌو مون کي وڻندو ئي ناهي، منهنجي پسند جي کاڌن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌي ڪَري آهي ۽ سائي ڀاڄي به وڻندي آهي. مان سنڌي کاڌن جي گهڻي شوقين آهيان. منهنجي امڙ ۽ ناني بهترين سنڌي کاڌا پچائيندڙن ۾ شامل آهن ۽ مان جڏهن ناني ڏي ويندي هئس ته سنڌي برياني جي ضرور فرمائش ڪندي هئس. مان دال ۽ چاڪليٽ برائونيز مزيدار ٺاهيندي آهيان. هڪ ڀيري مون شاهه رخ خان کي ٺاهي کارائي هئي.
انيتا راهيجا ۽ حينا اگروال
Courtesy: The Film Journal
____________________________________________________
عوامي آواز تان ورتل