• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي

عرس پريو

سينيئر رڪن

روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي،
درد دل مان ڪڙا ٿو ڪڍان، ڇو ته منهنجو مٺو ٿو اچي۔

خوبصورت نظارا کنيون، ڪهڪشان، چنڊ تارا کنيون،
سونهن جا روپ سارا کنيون، ديد جو دادلو ٿو اچي۔

مهڪندو مهڪندو ٿو اچين، مرڪندو مرڪندو ٿو ملين،
اڻ ميو پيار ٿو يار ڏين، مونکي ڏاڍو مزو ٿو اچي۔

موت جهڙا مهانڊا کنيون، بت تباهين جا ڀانڊا کنيون،
اک، جهنم جا ٽانڊا کنيون، ڪو ڏهاڙي ڏچو ٿو اچي۔

سوچ، اوٿر ٿي ڊوڙي پئي، ديد، منڇر ٿي اٿلي ٿي پئي،
دل جي ڌرتي سا لرزي ٿي پئي، ظاهر آ زلزلو ٿو اچي۔

دل فريبي سان دوکو به آ، عشق سان گڏ عقيدو به آ،
قافلو هي قطاريو سڄو، اٽڪلي فلسفو ٿو اچي۔

هي آ جيون جي جادوگري، آرزو جستجو ۾ چري،
ڏس ته جيئون ٿا هرهر مري، رنگ رت جو رتو ٿو اچي۔

مونکي ڪوٺيو موالي ڀلي، منهنجو ميخانو هن جي ڳلي،
عشق مون وارو اوڏهن وڃي، پڪ ڪري ڪو نشو ٿو اچي،

ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو،
پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پرڪٿي ڀروسو ٿو اچي۔

بخاري
 
جواب: روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي

واه پريا مڙس، اصل واه واه ٿي وئي استاد بخاري جو ڪلام به سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔ شروع وارن بندن ۾ ته ڳالهه ڪجهه هيئن آهي ؛
خوبصورت نظارا کنيون، ڪهڪشان، چنڊ تارا کنيون،
سونهن جا روپ سارا کنيون، ديد جو دادلو ٿو اچي۔


وري اوچتو ئي اوچتو هي ڳالهه ته؛
موت جهڙا مهانڊا کنيون، بت تباهين جا ڀانڊا کنيون،
اک، جهنم جا ٽانڊا کنيون، ڪو ڏهاڙي ڏچو ٿو اچي۔


هاڻ اسانکي ڪو سمجهائي ته مٿي ڪنهنجي ڳالهه ته وري هيٺ ڪنهنجي ڳالهه آهي؟ ۽ وري هيٺ آخر ۾ چوي ٿو ته؛
ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو،
پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پرڪٿي ڀروسو ٿو اچي۔


سمجهه ۾ ته اهو ٿو اچي ته دنيا ۾ حق پنهنجي سهڻائپ سان موجود آهي ته ناحق به پنهنجي ڪوجهائپ سان موجود آهي، هاڻ ڪير آ ڪوڙو ڪير آ سچو هاڻ، ڀروسو ڪنهن تي ڪجي ۔۔۔ حق جو يا ناحق جو ۔۔۔؟
 
جواب: روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي

ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو،
پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پرڪٿي ڀروسو ٿو اچي

ادو عرس هجي ۽ پوء بخاريء جي شاعري ونڊ نه ڪري اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي۔ مهرباني آهي عرس جي جو سهڻا ونڊ ڪندو ٿو رهي۔
 
جواب: روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي

استاد بخاري جي شاعري ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي ادا

لاجواب ڪوشش آهي توهان جي

جاري رکجو
 
جواب: روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي

بهترين شاعري ونڊڻ جي مهرباني۔۔۔۔
 
Back
Top