باز يا ڪڪڙ باز جا آنا ڪُڪِڙِ جي کاري ۾ رکيا ويا، ڪُڪِڙِ آرو ڪري آنا ٽوڙيا ۽ ننڍڙو باز ٻاهر نڪري وڌڻ لڳو ۽ سمجهندو رهيو ته هو به ڪُڪِڙِ جو چوزو آهي، ۽ ائين ڪندو رهيو جيئن ڪُڪِڙِ جا ٻيا چوزا ڪندا هئا، هو زمين کوٽي ان مان جيت ۽ ان جا داڻا کائڻ لڳو، ٻين چوزن جيئان آواز ڪڍڻ لڳو، ۽ ڪڏهن به ڪجهه قدمن جي اڏرڻ کان وڌيڪ جراَت نه ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته سڀ چوزا ائين اي ڪجهه قدم ئي اڏري ٿي سگهيا. هڪ ڏينهن هن آسمان ۾ هڪ سهڻو روبدار ۽ حشمت ڀريو پکي اڏرندي ڏٺو، هن پنهنجن ڀائر چوزن کان پڇيو ته هي ڪهڙو پکي آهي؟ چوزن جواب ڏنو، ته هي باز آهي ... هي هڪ تمام سگهارو ۽ زورآور پکي آهي ۽ جڏهن نظر ايندو آهي ته اسين لڪي ويندا آهيون ... پر تون ۽ اسين ائين اڏري نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته اسين ڪڪڙ آهيون. سو ان باز پاڻکي ڪڪڙ سمجهي ڪڏهن ايتري اڏرڻ جو سوچيو به نه، هن کي اهو يقين ٿي ويو ته هو ڪڪڙ آهي ۽ هن ڪڪڙ جي زندگي گذاري ۽ ڪڪڙ جي موت مري ويو. هن پنهنجي نسلي خوبي وساري ڇڏي ۽ پنهنجو نظريو وڃائي ڇڏيو ۽ پنهنجي سمجه محدود ڪري ڇڏي هئي. ڪيترو نه نقصان ڪيائين پنهنجو، هو ڄائو هو کٽڻهار ۽ شڪاريءَ جي صورت ۾ پر حالتن جي سبب هارائي ويٺو ... ________________________________________ حاصل مطلب؛ انسان کي به حالتن کان گهٻرائي يا انهن کان هارائي پنهنجو نقصان ڪرڻ نه گهرجي ۽ پنهنجين صلاحتين کي حالتن جي حوالي ڪري، دلشڪسته ٿيڻ نه گهرجي جو اسانجي ئي سامهون .... ذهني طور، مالي طور يا نظرياتي طور تي اسان جهڙا انسان آسمان تي اڏرن ٿا ...
جواب: باز يا ڪڪڙ سائين نثار مهرباني بهترين ڪهاڻي ، جيڪا سمجه ۽ ڏاهپ سان ڀرپور آهي۔ اسان کي هميشه پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪرڻ کپن ۽ باز جو ڪردار ادا ڪرڻ کپي چوزي جو نه۔