شاهه جي شاعري ۾ راڳ جي روحاني برڪت جو بيان حيدري چانڊيو شاهه عبداللطيف سنڌ جي ادبي تاج جو لاثاني گوهر آهي. جنهن ٻيائي کي ٻن وجهڻ جو سبق ڏنو، دل کي ڪيني ۽ حسد کان ڌوئي صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صبر جي شمشير سان ڪيني جو قتلام ڪرڻ جو پيغام ڏنو، سجود کان اڳ وجود وڃائڻ جو درس ڏنو، ٺلهن اکرن اچارڻ بدران اندر اجارڻ جو راز سليو ۽ محبت پائي من ۾ رنڍا روڙڻ ۽ چرخي چورڻ جو چيو . هو سورمين جو شاعر به آهي ته ساڳي وقت ”سورمن“ جو شاعر به آهي. شاهه سائين پنهنجي سُر ”سورٺ“ ۾ راڳ جي روحاني برڪت جو بيان ڪيو آهي. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته شاهه سائين کي ساز آواز ۽ رقص سان بيحد پيار هو .سندس چوڻ هو ته منهنجي اندر ۾ ”محبت“ جو هڪ ٻوٽو آهي، ان جي آبياري ساز ۽ آواز سان ٿي ٿئي، جي نه ته هو ڪومائجي ٿو وڃي، ان کي شاد آباد رکڻ لاءِ ساز ۽ آواز منهنجي مجبوري آهي ان لاءِ بزرگ روحل سائين جي گواهي ته : جن ويراڳ وجود ۾، روحل سي داڻا اچي در دوستن جي ،سُرن ساماڻا، اهي اگهاڻا، جن ورتي واٽ ويراڳ جي. (روحل) تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته گذريل زماني ۾ راجائن جي درٻارن ۾ اڪثر وڏا وڏا راڳيندڙ رهندا هئا ۽ جڏهن به اهي راڳيندڙ بادشاهن جي ڪچهرين ۾ داخل ٿيندا هئا تڏهن کين وڏي عزت ملندي هئي. هو توڻي جو غريب هوندا هئا، پر سندن راڳ جي فن جو فيض راجائن کي به سندن محتاج بڻائيندو هو.سسئي توڙي سهڻي جون قربانيون پنهنجي جاءِ تي لاثاني آهين، پر راڳ جي قدرداني ڪندي ”راجا راءِ ڏياچ“ جنهن پنهنجو سر پنهنجي هٿن سان ڪٽي ٻيجل کي ڏنو! اهري قرباني جو ٻڌي شاهه سائين حيرت ۾ اچي ويو. ڇاڪاڻ ته شاهه سائين جي جان جو جياپو ۽ روح جي راحت راڳ هو ۽ ”راءِ ڏياچ “ کي سورمي سڏجڻ جو لائق سمجهائين . ٻئي ”راڳ ويراڳ“ جا عاشق هئا، اصل ايئن کڻي چئجي ته هڪڙي راڳ جي عاشق ، ٻي راڳ جي عاشق جي دل جي ڪئميرا سان تصوير ڪڍي پيش ڪئي آهي. شاه سائين سُر سورٺ ۾ ”راءِ ڏياچ“ جي دل جا نقش پنهنجي شاعري ۾ چٽيا آهن. ان جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي جو راڳ جي صدقي ڪنهن سر جي قرباني پنهنجي هٿن سان ڏني هجي! ”راءِ ڏياچ“ جنهن کي راءِ کنگهار“ به چوندا هئا، سوگرنار جو راجا هو ، جنهن کي پيار مان گرنار جو ”گل“ به چوندا هئا. راجا جي امڙ جو نالو ”روري“ هو، ”مرڪي مر ماتا روري، راءِ ڏياچ جي.“ راجا جي پٽ راڻي جو نالو ”سورٺ“ هو، جنهن کي مايون ، ٻايون، دايون گهڻئي هيون ۽ راجا راءِ ڏياچ جهڙو ڏاتار سندس ور هو ، جو هاطم طائي جهڙو مشهور سخي به هن کان سخاوت ۾ سرس ڪين هو. ”سوين سوالي سگهيا، داتا ڏيئي دان“ ! هن سخي وٽان ڪنهن به سوالي جو هٿ خالي نه موٽيو، هي راجا نه رڳو ڏاتار هو، پر راجائي بدن ۾ فقيري روح سمايل هئس. هروڀرو جهڙي تهڙي ساڌو ٻائي جي ور چڙهڻ وارو ڪين هو، پر رندن ۽ عارفن جو طلبگار هو، مطلب ته : دل به يار ، دست به ڪار، جي زنده تصوير هئو، وڌيڪ ايئن کڻي چئجي ته پنهنجي جياپي ۾ راز روحاني جو طالب هو.ڪنهن ڏينهن راجا جي شهر جهونا ڳڙهه ۾ هڪ عجيب و غريب عطائي آيو، نالو ٻيجل، ڏاڍو سهڻو، سبيتو، نمڪين چهري وارو هو، جوڳين وارو لباس پهريل هئس، هڪ ”ساز“ هٿ ۾ هوس جنهن کي چنگ ٿي چيائون. جوڳي جي جنگ ۾ ڪو راڳ جو راز سمايل هو، جو ان جو آواز ٻڌي جهنگل جا مرون به شوخي ڇڏي ڪنڌ نمائي سندس اڳيان اچي بيهندا هئا. اهڙو ته هو ٻيجل راڳي جو چنگ، ’هو جهنگ، جبل جهاڳي پيرين پنڌ گرنار جي قلعي وٽ راءِ ڏياچ جي ڏيڍي وٽ ڪيئي نوڪر چاڪر ، دربان بيٺا هئا، پر سڀني تي اهڙي ڇايا وجهي ڇڏيائين جو ڪير ڪڇيو به ڪو نه ڏيڍي تي بيهي ڏاڍي ميٺاڄ سان چيائين ته : دربان در کول آءٌ ، آءٌ پرديسي مڱڻو ! دربان در کوليو ۽ چارڻ ڏيڍي کان اندر ٿي، راجا جي رنگ محل جي هيٺان اچي بيٺو اها وير ڀيڄ ڀنيءَ جي هئي. (فجر مهل) راجا رنگ محل ۾ ستل هو ٻيجل چنگ کي چوريو، سُرندي جي مڌر آواز يعني رون رون يا ”تون تون“ جي راز جي اکين مان ننڊ کي تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ راجا وڏو ڇرڪ ڀري اٿي کڙو ٿيو. هيٺ جهاتي پائي ڏٺائين ته هيٺ هڪ سهڻو سبيتو عطائي بيٺو ڳائي، وڄائي، راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس مٿي اچڻ لاءِ چيو ٻيجل چيو ته : ”اونچو تون عرش تي، آءُ ڀورو مٿي ڀون!“ راجا چيو ته هن مڱڻي منهنجي دل اندر درد جا درياهه وهائي ڇڏيا آهن ۽ پوءِ حڪم ڪري ٻيجل کي مٿي پاڻ وٽ گهرائي ورتو، شايد راءِ ڏياچ جي دل جي دري کلي پئي، اڳئين جنم جي ناتي جو روشن نشان مليس ۽ ٻيجل کي عزت سان پاڻ سان گڏ کڻي ويهاريائين ۽ چيائينس اي چارڻ! اهڙو بره جو آواز ڪيئن ٿو ڪڍين جو اسان جون دليون کٽيون ٿو وڃين؟ اڙي مڱڻهار ! تون ڀلي آئين ، جيءَ آئين! ته پوءِ چڱو ڀلا هاڻ الله جي ڏني مان ڪجهه ٻڌاءِ ڳائڻو به ڪو اسراري هو، تنهن راجا کي چيو ته حضور مون ته اوهان اڃان هڪڙو سُر ٻڌايو آهي، منهنجي سُر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا اسراري آلاپ آهن. جيڪي ڪم ڪريو سو ٻڌايان! پر مونکي ٻڌايو ته ڏيندو ڇا؟ راجا ته وڏو سخي مرد هو تنهن ٻيجل کي چيو ته ٻڌ منهنجا ٻيجل! مون وٽ ته مال متاع جي ڪا به ڪمي ڪانهي توکي ايترو ته ڏيندس جو بلڪل راضي ٿي ويندين. پوءِ راجا حڪم ڪيوته هن راڳي کي ايترو ته ڏيو جو پاڻ چوي ته هاڻ بس! سوخزاني جا در کلي ويا ڪئي تازي گهوڙا سونن سنجن سان اچي ويا، پلنگ پٿراڻيون ، پالڪيون ، نولک ناڻي نيل يعني ڪيئي ارب خوب رپيا ڏنائونس پر راجا جي چڙهي جوهڪ سهڻو هاٿي هو اهو به ڏنائونس،ر اجا چيس راڳي جيڪي وڻئي سو کڻ، ٻيجل راءِ ڏياچ ڏي گهوري نهاري چيوته اي راجا ! توڀانئيو ته آءُ ڪو پينو فقير آهيان جو پئسن لاءِ تند هڻان، شاهه راجا راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ ٿيل گفتگو موتين جي مالها وانگر پوئي اجهو هن طرح پيش ڪيو آهي، چوي ٿو ته : (1) ”مون وٽ مال متاع جي ، ڪمي آهي ڪان تو دس ڏيان مڱڻا ، روح رچندا دان!“. (شاهه) (2) ”پائي پٽ ڪڻان، مون تان مُور نه مڱيا تازي طبيلن ۾، گهوڙا گهر گهڻا هاٿيءَ ڪارڻ هيڪڙي، آءُ ڪا تند هڻان“!. (شاهه) ٻيجل راءِ ڏياچ سان اکيون اکين ۾ ملائي مخاطب ٿي چيو ته : ”پلئه ڀيري ڀر، پالهو پاند پينار جو “! (شاهه) اي راجا ! تون ظاهر ۾ ته راجا آهين پر دل فقيرن واري ٿو رکين، منهنجي اندر جي صدا توکي معلوم آهي، ته آءُ تو وٽ ڪهڙي ڪم لاءِ آيو آهيان پر ڪن ڏينم ته ٻڌايائين! راجا جون اکيون کلڻ لڳيون، پور پوڻ لڳس ته هي مڱڻو ته ڪو مون کان به وڏي دل وارو آهي.پر ڇا لاءِ آيو آهي؟ پڇي پڪ ڪيان ! راجا سرڪي اڳڀرو ٿي ڪن ڏنس ۽ مڱڻي به ڪجهه ڪن ۾ چيس. ڳالهه ٻڌي راجا مشڪيو سندس هي مرڪ ڏاڍي مزيدار ٿي لڳي، امير، وزير، امراءَ عاقل، وڏا وڏا داناءُ ويٺا هئا جن اهو سڀ ڪجهه ويٺي ڏٺو ۽ سڀئي منجهي پيا ته مڱڻو راجا سان ڪهڙيون راز جون ڳالهيون پيو ڪري جو سندس منهن تان مرڪ ئي نٿي لهي، ڇا ماجرا آهي ! مايون ، دايون، ٻايون، ٻانهيون سڀئي اهو رنگ ويٺي ڏٺو، پر سمجهه ۾ ڪجهه نٿي آين، ته ڪهڙو راز آهي؟ هڪڙي خبر ٻيجل کي هئي ٻي خبر راءِ ڏياچ کي هئي ٻيا سڀ حيرت ۾ هئا، کين ڪا ڪل ڪا نه هئي، تڏهن راجا راءِ ڏياچ اوچتو ٻيجل جي پيرن تي ڪري پيو ۽ هٿ جوڙي چيائينس ته اي ٻيجل تنهنجي قدم قدم تان قربان ٿيان تو جيڪا ڳالهه مون سان ڪن ۾ ڪئي تنهن سڀني کي وسواس ۾ وجهي ڇڏيو آهي هاڻ اها ڳالهه کلم کلا چئو ته سڀ ٻڌن ته توکي ڇا کپي؟ تڏهن ٻيجل چيو ته : ”مال نه گهري مڱڻو، جاجڪ گهري جيءُ“ اهو ٻڌي ”سورٺ“ جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. امير وزير، مايون، دايون پريشاني جي عالم ۾ اچي ويا. هوڏانهن ”راءِ ڏياچ“ ته ڪنهن ٻي حال ۾ داخل هو تنهنجي دل ۾ ذري برابر به ڊپ ڪو نه هو ٻيجل سان مخاطب ٿيندي چيائين ته اي ٻيجل تنهنجي چنگ ۾ توحيد جي تنوار آهي، ان هيڪڙائي ۽ لا شراڪت جي تنوار ته مونکي فنا ڪري ڇڏيو آهي،آءُ چوان ٿو ته منهنجي مٿي تي ڪوڙين ڪپار هجن آءُ هڪڙي ، هڪڙي سر کي سئو ڀير ڪپي تنهنجي حوالي ڪريان ڇاڪاڻ ته تنهنجي تند جي تنوار منهنجي سر کان وڌيڪ آهي. راجا راءِ ڏياچ جي دل جي ڪيفيت کي شاهه سائين هن طرح بيان ڪيو آهي. چوي ٿو ته : ”وحده لا شريڪ له، تندن ايُّ تنوار مونکي تنهين وار، فڪر کڻي فنا ڪيو“. (شاهه) يا ”مٿي اُتي ُنهنجي، جي ڪوڙين هُون ڪَپار ته واري واري وڍيان، سسي سئو وار ته پڻ تند تنوار، تنهنجي مٿاهين مڱڻا!“ (شاهه) راءِ ڏياچ ٻيجل سان مخاطب ٿيندي چيوته ٻيجل مونکي سئو سر هجن ته لاهي هڪ هڪ ڪري توکي ڏئي ڇڏيان، پر ڌڙ مٿان سر هڪڙوئي آهي، جو توکي ڏيندي لڄ پئي ٿئي ، ڇاڪاڻ ته تون اهو راڳي آهين جو توکي جيترو گهڻو ڏجي سو ٿورو ٿو سمجهان. منهنجي سر ۾ هڏي ۽ چم کان سواءِ ڪجهه نه آهي، اصل مرچ جيترو مال به ڪونهي، اها تڇ جهڙي شيءِ توکي ٿي گهرجي ته آءُ اهو سر هڪ ڀيرو نه ويهه ڀيرا وڍي ڏيان!، منهنجا اهڙا سَئو سر هڪ پاسي هجن ٻي پاسي تنهنجي تند هجي ته تارازو جي تند وارو پاسو ڳرو هوندو. منهنجا سئو سرٽنگيا پيا هوندا، شاهه سائين راءِ ڏياچ جي دل جي ڪيفيت جو اجهو هن طرح بيان ڪيو آهي چوي ٿي ته : ”جنهن ۾ مال نه مري جيترو، تنهن تون طمعدار جي اچئي ڪم ڪپار، ته ويهه ڀيرا وڍي ڏيانءِ(شاهه) يا تند برابر توريان، جي سُو سرن پائي تان اٽل اوڏانهن ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي هي سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناهه ڪي. (شاهه) ٻيجل راءِ ڏياچ جي اهڙي درياهه دلي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽راجا کي چيائين ته تنهنجي حالت اها آهي ته پوءِ راڳداري جي راز ٻڌائڻ لاءِ آءُ به تيار آهيان، سو واڄو هٿ ۾ ڪري وڄائڻ شروع ڪيائين. واڄو برهه جو ڪينرو هو سو هٿ لڳڻ سان ڪينرو ڪنجهڻ لڳو اهڙي تند راجي جي اڳيان هنيائين جو هر ڳالهه کان واقف ٿيو. جڏهن قادر مطلق جي هستي کان واقف ٿيو ته سڀ وهم گمان ختم ٿي ويس وجود وڃائڻ واري رمز لڳيس. شاهه سائين ، راڳ ويراڳ ۽ سماع جنهن کي ديوتائن جو هنر چيو ويو آهي، ان جادو بياني هن طرح ڪئي آهي چو ٿو ته : ڪنجهي ڪيرت ڪينرو، واڄو ولائتي هنئي تند حضور ۾، پارس پيرائتي سڻندي سلطان کي ، ظاهر ٿيو ذاتي! “ ڪڍندي ڪاتي، وڌائين ڪرٽ ڪپار ۾“ (شاهه) ٻيجل راءِ ڏياچ جو سر کڻي ويندو رهيو، ”سورٺ“ ور جي وڇوڙي سبب سخت پريشان ٿي ۽ سندس زندگي بي مزي بنجي وئي، آخر ”سورٺ“ راءِ ڏياچ جو وڇوڙو سهي نه سگهي ۽ ور سان گڏ ساڳي چکيا تي چڙهي اگني ۾ سڙي خاڪ درخاڪ ٿي وئي بشڪريه عبرت!