ڪميونزم(comunisim) سوشلسٽ نظام جي سڀ کان وڏي ترقي يافته شڪل آهي، جنهن ۾ دولت (ناڻي) جي پيداوار ايتري وڌي وڃي جو معاشرو ماڻهن جي سڀنن ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي قادر ٿي وڃي. رياست جو ڪم ماڻهن مٿان حڪومت ڪرڻو نه پوندو ، بلڪه پيداوار جي تنظيم ڪاري ڪرڻ هوندو آهي.اگرچه ڪميونزم جو سراغ افلاطون جي ”ري پبلڪ“ ۽ انجيل مقدس مان به ملي ٿو ۽ اسلام جو قانون مساوات جي به ويجهي آهي پر هن جو اصل باني ” ڪارل مارڪس“ آهي . ڪميونزم جي فلسفي جي بهترين تشريح مارڪس جي تصنيف ”سرمايه ۽ ڪميونزم منشور“ ۾ ملي ٿي ڪميونزم جا بنيادي اصول هي آهن 1 . انسانيت جي ترقي جو دارومدار معاشي قوتن تي آهي. 2 . تاريخ جي هن دستور کي ختم ڪرڻ گهرجي ته حڪمران سدائين دولت مند طبقو هجي ۽ محڪوم سدائين غريب ۽ محنتڪش طبقو هجي طبقاتي ڪشمڪش کي ختم ڪري مزدورن کي حاڪميت جو اختيار ڏيارڻ گهرجي. 3 . سرمايه داري سڀنن برائن جي ڄڙ ۽ ضد جو مجموعو آهي ، ڪجھ انقلابي تدبيرن کي اختيار ڪري هن کي جلد از جلد ختم ڪرڻ گهرجي. 4 . جڏنهن سرمايه داري مري وڃي ته رياست پنهنجي موت پاڻ مري ويندي جيڪا چند سرمايه دارن جي پشت پناهي ٿي ڪري، هر شخص معاشري لاءِ ڪم ڪندو ۽ معاشرو هن جي حقن ۽ مفادن جي نگراني ڪندو ، اهو ڪميونزم معاشرو هوندو جنهن جو بنياد هن اصول تي هوندو ۽ هر شخص کي هن جي ضرورت مطابق معاوضو ڏنو ويندو. لينن جي چوڻ مطابق هن وقت تائين ڪميونزم لاڳو نٿو ٿي سگهي جيسيتائين هڪڙي به سرمايه دار رياست موجود هوندي. اجتماعيت اشتراڪيت جي اصول مطابق زمين . سرمايه ۽ دولت جي پيداوار جي ٻين ذريعن کي قومي ملڪيت بنائڻ جو نظريوآهي . اهو ملڪيت رياستي ،صوبائي يا بلدياتي سطح تي ٿي سگهي ٿو . هن اصلاح کي پهريون ڀيري روسي انقلابي يونين استعمال ڪيو. 1880 ۾ هادري(فرانس) جي جگھ تي هڪ ڪانگريسي اجتماع جو پروگران رکيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته پيدائشِ دولت جي سڀنن وسيلن کي رياست جي ملڪيت قرار ڏنو وڃي جئين ماڻهن کي پنهنجي اجتماعي محنت جوڦل ملي . اجتماعيت کي اشتراڪيت جي هم معنى به سمجهيو ويندو آهي. اجتماعي زراعت اهوطريقي ڪار روس ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن ۾ رائج آهي . هارين جي هڪ ٽولو ملي ڪري پنهجي زمين ۾ گڏيل طور تي ڪاشتڪاري ڪندا آهن. زراعت جا آله ۽ مال مويشي به گڏيل هوندو آهي. رڳو رهڻ لاءِ جگه ۽ پالتو جانور هنن جي ذاتي ملڪيت ۾ هوندا آهن زراعت جي منافعي ۾ سڀنن جي وچان هن جي ڪمن ، محنت جي نوعيت ۽ تناسب کي مد نظر رکندي هر ڪنهن کي هن جو حصو ڏنو ويندو آهي.1929 ۾ اسٽالن هن کي روس ۾ رائج ڪيو 1955 کان هن کي اجتماعي زراعت کي رواج ڏنو. بالشويزم/منشويڪ اهو ڪميونزم جو روسي ٻولي ۾ مخفف آهي . هن اصطلاح جو استعمال پهريون ڀيرو 1903 عيسوي ۾ لنڊن ۾ منعقد ٿيل روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اجلاس ۾ٿيو. هن ۾ ڪارل مارڪس جي پوئلڳن کي اڪثريت حاصل ٿي هئي. هن ڪري هنن کي بالشويڪ( گهڻائي وارا) چيو ويو. هنن جي مقابلي ۾ اقليتن کي منشويڪ چيو ويو. بالشويڪن جو ليڊر لينن هيو. بالشويڪ پارٽي جو مقصد ڪارل مارڪس جي تعليمن جي روشني ۾ روس جي محنت ڪشن کي انقلاب جي لاءِ منظم ڪرڻ ۽ زار روس جي حڪومت جو تختو الٽو ڪري محنت ڪشن جي حڪومت قائم ڪرڻو هيو. جئين ملڪ اندر سرماي داري نظام کي ختم ڪري اشتراڪي نظام رائج ڪيو وڃي. 1917 عيسوي جي روسي انقلاب کان پوءِ باشويڪ پارتي جو نالو ڪميونسٽ پارٽي ٿي ويو. ڪامن فارم هي ڪميونسٽ انفارميشن بيورو جو مخفف آهي. هن جو وجود 1947 عيسوي ۾ وجود ۾ آيو. روس ، بلغاريه، چيڪوسلاويڪيه ، فرانس ، هنگري ، اٽلي ، پولينڊ ، رومانيه ۽ يوگوسلاويه جون ڪميونسٽ جماعتون هنن جون ميمبر هيون. هن جو مقصد هنن جماعتن جا تجربه هڪ ٻي کي منتقل ڪرڻ هيو. 1948 عيسوي ۾ يوگوسلاويه کي تنظيم مان خارج ڪيو ويو. 1956 عيسوي ۾ هن تنظيم کي ختم ڪيو ويو. دهريه (atheist) هن نظريي کي گهڻي تقويت ڪميونزم جي دور ۾ حاصل ٿي.هون ته اهي ماڻهو آهن جو نه خدا جي هستي کي مڃن ٿا ۽ نه هن جي صفاتن جا قائل آهن . اهي ماڻهو عام طور تي مادي کي غير فاني ۽ متشڪل تسليم ڪندا آهن . هنن جو خيال آهي ته زمانو ازلي ۽ ابدي آهي ۽ هن زندگي کان پوءِ ڪا به زندگي ناهي. اهي معقولات نٿا مڃن رڳو محسوسات کي مڃن ٿا. هنن جو خيال آهي ته قدرت جي قانون جو عمل دنيا جي هر ڪم جو زميوار آهي هن ئي سان دنيا وجود ۾ آئي آهي ۽ هن ئي مطابق هن ۾ تغير ۽ تبديلي ٿيندي رهندي آهي ، اهي هر ڳالھ مان علت ۽ سبب ڳوليندا آهن ، پر هن جي هوندي به هڪ مٿائين ذات جا به قائل آهن جن کي اهي قدرت يا نيچر جي نالي سان کوٽيندا آهن. دهريت اهو فلسفو آهي جنهن جو نقطي نظر آهي خدا جي وجود ۽ تصور جو انڪار ، هن جو اطلاق هنن سڀنن فلسفين ۽ مفڪرن تي ٿئي ٿو جيڪي ڪائنات جي تجرباتي شعور تي نقطي نظر ۽ استدلال جي بنياد رکندا آهن ۽ ڪنهن لامحدود ، لامڪان ذات تي يقين نه رکندا آهن . نئي دور جا مارڪسيت ، منطقي اثباتيت ، پراگمتيت ۽ منطقي جوهريت جا علمبردار ۽ خاص ڪري دهري فلاسفه سڏرائيندا آهن. هلندڙ۔۔۔۔۔ انشاء الله هن مضمون کي اگتي وڌائيندي مارڪس ۽ لينن ۽ ٻين ڪميونزم اڳوڻن جو تذڪرو ڪبو سنڌيڪار؛ افتخار علي چوهاڻ ڪتاب؛ مڪالمه بين المذاهب
جواب: ڪميونزم ڇا آهي؟ سائين چوهاڻ صاحب مهرباني اوهان جو ونڊ مون لاء لاڀائتو ۽ ڄاڻ وارو آهي جو پهريان هنن نظرين جو ذڪر ٻڌندا رهيا آهيون پر هن اختصار سان ۽ سولائيء سان سمجهائڻ لاء اوهان جا ٿورا۔ اوهان جي باقي مضمون جو به انتظار رهندو
جواب: ڪميونزم ڇا آهي؟ جي ادا انشاء الله جلد باقي مضمون شئير ڪبو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ۔ مضمون کي پسند ڪيو هن لا مهرباني اوهان جي۔
جواب: ڪميونزم ڇا آهي؟ هوئين ته گذيل صدي نون فڪرن ۽ نظرياتن کي جنم ڏنو آهي جنهن ۾ ڪميونزم ، سوشلزم ،ڪيپيٽل ازم ۔سيڪولرازم ، ڪنفرڊيشن ، مذهبي آزادي ، نازي ازم ،نيشنل ازم ، فريميسن ، مستشرقين وغيره جنهن ۾ مون هڪ ادنا ڪوشش ڪري ڪميونزم تي لکيو آهي ۔اوهان اسان جي هن محنت کي پسند ڪيو هن لا مهرباني اميد ڪيان ٿو اگتي به اوهان جي نظر مضمونن تي رهندي ۔ انشاء الله ساٿ هلندو رهندو۔ ڪميونزم جي اڳواڻن تي لکڻو هيم پر ڪم رهجي ويو هيو هاڻ اوهان اهو حصو هيٽ ڏنل لنڪ تي پڻ پڙهي سگهو ٿا ۔ مهرباني ڪميونزم جا اڳواڻ لا هت ڪلڪ ڪندا
جواب: ڪميونزم ڇا آهي؟ ادا تمام بهترين ڪم ٿيل آهي ۽ توهان جي مضمون ڪميونزم اڳواڻ ۾ مون ڪميونزم بابت هڪ جواب لکيو آهي جنهن کي پڻ توهان هت ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا،
جواب: ڪميونزم ڇا آهي؟ ادا عمران مضمون پسند ڪرڻ لا اوهان جون مهربانيون ۔ اميد ڪجي ٿي ته هن سلسلي سان لاڳاپيل ٻيا مضمون به نظر مان ڦيرائيندا۔ مهرباني
جواب: ڪميونزم ڇا آهي؟ ادا ابو عمير مضمون پسند ڪرڻ لامهرباني ۔ اميد آهي ته هن سلسلي جا ٻيا مضمون پڻ نظر مان ڦيرايندا ۔ جزاڪ الله