انسان جي تنزلي (اصفلصافلين)

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    انسان جي تنزلي۾ اسانجي معاشرن جا غير فطري رويا ۽ انهنجو قصور



    انسان جي خلقت تي پروردگار جو ناز قرآن ۾ هن ريت ٿيو آهي ته لقد خلق الانسان في احسن تقويم يعني اسان ان کي احسن خلق ڪيو آهي ۔ ۽ سالڪين جو چوڻ آهي ته ها انسان الله جي خلقت ۾ ناز ڀري تخليق آهي، جنهن کي پروردگار ان انداز ۾ بيان ڪيو ، ۽ ان جي مثال انبياء ، آئمه، اولياء و سالڪين آهن، جن انساني اقتدار کي احسن طريقي سان نڀايو آهي، پر ان سوره ۾ ان آيت سان گڏ انسان جي تنزلي (ڪريل) ڪيفيت جو پڻ اظهار آهي اصفلصافلين يعني ته هو برائين پستين ۾ ڪرندو ٿو وڃي انسان جي احسن تقويم جو سفر به جاري و ساري آهي ته اصفلصافلين جا به هر دؤر ۾ هن ڪئي باب رقم ڪيا آهن۔ انسان جنهن جو اختياري سفر جاري و ساري آهي انباء آئمه اولياء اوسياء هي انساني حسنِ اختيار آهي ته نمرودي،شدادي، ابولهبي توڙي يزيدي سفر به هن جو پنهنجو اختياري عمل آهي۔ ان سفر جي راهين جو نمونو بروز ڇنڇر مورخه22۔01۔11 تي سچل ڳوٺ ۾ پيش ايندڙ واقعو آهي ۔ آء ان بدنصيب گهراڻي جو حال پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان۔ اوهان اندازو ڪيو ته جڏهن والدين هوندا آهن ته اولاد انهن جي موجودگي ۾ ٻي ڪنهن حفاظت کي اهميت ناهي ڏيندي ، جڏهن رات جوانهن جي موجودگي ۾ سمهندا آهن ته ايترو ته بي خوف ٿي سمهندا آهن جو انهن کي ڪنهن ٻي سيڪيورٽي ، يا ذميداري جي ضرورت ناهي هوندي پر جي اهو پي ئي اولاد جي تاڪ ۾ لڳي وڃي ته جڏهن هو مطمئن ٿي سمهن ته آء انهن تي وار ڪريان ته هي انسان جي ڪرڻ جي ڪيڏي وڏي کاهي آهي ان جي ماپ جو ڪو پيراميٽر شايد ڪنهن وٽ موجود نه هوندو۔
    هن گهراڻي جي مطلق اوهان کي ايترو ٻڌائيندو هلان ته هي گهراڻو ڪو پيدائشي مفلس نه هو پر انهن جي وارث جو برايون ۽ بريون صحبتون ۽ انهن جو نتيجو سندن تباهي ۾ مرڪزي نڪتو آهي ، چون ٿا ته ان ماڻهون جون زمينون جن جي قيمت ڪروڙين روپيه هئي ان نشي جي علت ۾ اڙجي ڪري اهو سڀ ڪجھ تباھ ڪري ڇڏيو، جڏهن هن سڀ ڪجھ تباھ ڪيو ته رشتا به هن کان پري ٿيندا ويا، ايتري تائين جو هن سان اٿڻ ويهڻ بلڪل ختم ٿي ويو۔ هي زهني ڪمپليڪس ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويو جو پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙو ڪمرو پنهجي خاص نشي لاء مختصص ڪري ڇڏيو، اولاد هن کي فقط ان گهر ۾ ايترو ڏسندي هئي جڏهن هن کي ڪمري مان ٻاهر نڪرڻو هوندو هو ، نياڻيون توڙي سندس گهر واري پنهنجو پيٽ گذر انتهائي ڪسمپرسي ۾ ڪنديو هيون۔اتي اهو اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن کي پٽ جي والد نه هو فقط چئين نياڻين جو والد هو جن مان سندس وڏي نياڻي جي شادي ٿيل هئي۔
    جنهن رات هن کي واردات ڪرڻي هئي اها سڄي رات هي ستو ناهي هن کي سمهندو نه ڏسي هن جي گهر واري کي به ننڊ نه ٿي آئي هن بار بار گهر واري کي چيو تون سمهي پؤ پر هن جي به اکين تان ڄڻ ننڊ اڏامجي وئي هئي پوءِ آخر صبح جو ڪنهن پهرتقريبن ساڍي ڇهين وڳي هن جي گهر واري کي گهل آئي ته هي اٿيو، اٿڻ سان هن جي گهر واري جي وري اک کلي وئي پر شايد هي هاڻي پورو ارادو ڪري چڪو هو۔ هنجي هٿ ۾ ڪو رنبي جهڙو اوزار هو هن انسان گهر واري تي وار ڪيو ، گهر واري جي مذاهمت تي هن جون ڌيئرون اٿي پيون پوء هن انهي رنبي سان ڌي تي وار ڪيو ان کي ڌڪ لڳو ته هي ڪمري ۾ چڪرائجي ڪري پئي۔ هن پسٽل ڪڍيو ۽ ان 18 سالن جي ڌي تي مٿي ۾ فائر ڪيو انکان پوءِ هن گهر واري کي ڄنگھ ۾ گولي هنئي ، پوء هن ٻي ڌي تي پورا ڇھ فائر ڪيا ۔ ان سڄي منظر ۾ هن جي ننڍڙي ڌي هيراسجي وئي جنهنجي عمر تقريبن 7 سال ٻڌائي وڃي ٿي اها بيڊ جي هيٺان لڪي وئي هن انتي فائر ڪيا پو انکي ان بيڊ هيٺان ٻاهر ڪڍي رنبي جا وار ڪري ماريو۔
    اها سڄي واردات ته ٿي وئي پر سوچڻ جي اها ڳالھ آهي ته اهو پي آخر ايڏو سفاڪ ٿي ويو ان ۾ ان جا ونهنجا اعمال ته هوندا ئي پر معاشري ۾ ايتري ته بي هوشِ جي ننڊ آهي جو هڪڙو ماڻهون ان حال تائين پهچي وڃي ٿو ۽ سندس آڙو پاڙو ان سڄي حالت کان بيخبر آهي ڇو؟
    جڏهن انسان ان حد تي پهچندو آهي ته يقينن ان ۾ معاشري جو وڏو هٿ هوندو آهي ،جتي معاشري ۾ بي حسي احساسِ ذميداري ناهي هوندي اتي اهڙا واقعا رونما ٿيندا آهن ، مون پنهنجي ڪنهن آرٽيڪل ۾ ان جو زڪر ڪيو آهي ته اسلام انسان توڙي معاشري جي ذميداري ها ذميداري پوء انسانن ، جانورن ، عزت و مال، جان وغيره جي ڇو نه هجي پهريين زمانت آهي اسين مسلمان آهيون پر بغير اسلام، اسلام فقط عقيدي جو نالو ناهي پر اسلام انساني اثاثو آهي، انلاء سالڪن جو پڻ چوڻ آهي ته گناه کان نفرت ڪئي وڃي پر گنهگار کان نفرت نه ڪئي وڃي۔جڏهن انسان ڪنهنجي برائي جي ڪري يا انجي اڻوڻندڙ افعالن جي ڪري ان کان پري ٿي ويندا آهن ته مونکي حضرت علي عه جو قول ياد ٿو اچي پاڻ فرمائين ٿا ته جن کي پنهنجا چڏي ڏيندا آهن ته اهو غيرن جو ٿي ويندو آهي۔ پاڻ عه فرمائين ٿا ته رابطو اهڙي شي آهي جو جي غيرن سان رکيو وڃي ته اهي پنهنجا ٿي ويندا آهن پر جي پنهنجن سان قطع ڪيو وڃي ته اهي غير ٿي ويندا آهن، پاڻ فرمائين ٿا ته ماڻهو کي گهرجي ته حق کان ايترو پري نه وڃو جو واپسي ناممڪن ٿي وڃي۔
    هن ماڻهون سان به ڪجھ اهڙا واقعا ٿيا سڀ هن جي ڪردارن جي ڪري هن کان باغي ٿيندا پاسي تي ٿيندا ويا ، ايتري تائين جو هي اڪيلو ٿي ويوان ۾ ڪو شق ناهي ته ڀائر توڙي برادري هن جي قريب ٿيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن انهن سان برو سلوڪ ڪيو، پر پوء به ڪئي حق آهن جيڪي انسان جاانسان تي هميشه رهندا آهن انجي ڪري نه ته انجي اولاد جي ڪري ، ٿي سگهي ٿو ماء پي جي پالنا جي ڪري اولاد به رشتن کي اها اهميت نه ڏني هجي ۽ انهن نارا سلوڪ پيش ڪيو هجي، ممڪن آهي ۔ حضرت محمد صلعم جي حديث مبارڪ آهي ته مظلوم جي مدد ڪريو ۽ ظالم جي به مدد ڪريو ، مظلوم جي مدد ته سمجھ ۾ اچي ٿي پر ظالم جي مدد ڪرڻ مان مراد عام فهم ناهي ۔ جڏهن ڪنهن کي برائي کان روڪيو وڃي ٿو ته هو ان عمل جي ردِ عمل کان بچي ويندو آهي ، ان گناھ کان بچي ويندو آهي، ان جي سزا کان بچي ويندو آهي۔ جي معاشري ۾ ايتري ذميداري جو احساس هجي ته مجال آهي جو ڪو بخيو سمهي ، ڪو ڪنهن ذهني امراضن جو مرڪز بڻجي وڃي۔ اسان ته چؤن ٿا ته جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي سو وڃي ڪري پر اسان جي سڪون ۾ ڪو خلل نه وجهي، اهو ياد نه ٿو رهي ته جي معاشر ي جي فردن ۾ اهو برائي جو رويو هميشه رهيو ته ممڪن آهي ان برائي جو منهن انهن جي پنهنجي ذات ڏانهن وڌي ، وري مونکي امامِ حسين عه جو هي فرمان دهرائڻو ٿو پوي جنهن ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته ( دنيا بري ٿيندي ٿي وڃي ان لاء نه ته برا برايون ٿا ڪن پر انلاءِ جو چڱن کڻي ماٺ ڪئي آهي۔ سائين اها حقيقت آهي ته جڏهن اسان رشتن کان لاتعلق ٿيندا آهيون ته انهن رشتن جا رويا بلخصوص اهي رشتيدار جن پنهنجي وقت ۾ عوج ڏٺو هجي، انهن ۾ پرسنلٽي ڊس آردر، ڊپريشن توڙي انسان ملنديو جلنديو ڪئي ذهي بيماريون آهن جيڪي هن جي وجود جو حصو بڻجيو وڃن ۽ نتيجو اهو جيڪو اوهان ۽ اسان جي سامهون روزانو ڪنهن نه ڪنهن طرفان لڱ ٿڌا ڪندڙ خبر ملي ٿي پئي۔ جڏهن اهڙا حادثا رونما ٿيندا آهن ته دوستو اهو ياد رهي ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن مقام تي معاشرتي اوڻايون هونديون آهن۔ جڏهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تا ويڇا وڇڻ شروع ٿيندا آهن ته شيطان جيڪو ان طاق ۾ هر وقت لڳو ٿو رهي ڪنهنجي دل ۾ نفرت ته ڪنهنجي دل ۾ انا جا دوڪان کليو ٿي ڇڏي بعد ۾ اسان جي معاشري ۾ اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا
    وسلام
     
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: انسان جي تنزلي (اصفلصافلين)

    ادا تمام بهترين ۽‌پياري ونڊ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو