لطيف سرڪار : سنڌ جو سرتاج

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    لطيف سرڪار : سنڌ جو سرتاج​


    غلام نبي درد هالائي
    قوم کي اگهور ننڍ مان سجاڳ ڪري پنهنجي عزت، عظمت لوئي ۽ لڄ لاءِ جذبو پيدا ڪندڙ عظيم شخصيتن جهڙي طرح جرمني ۾ گوئٽي، بنگلاديش ۾ ٽئگور، اردو ۾ حالي، اقبال، فارسي ۾ سعدي ۽ رومي اهڙي طرح سنڌ ڌرتي تي وقت جي صوفي شاهه عنايت شهيد، حضرت قلندر لعل شهباز، خواجه ابوالمساڪين، حضرت سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لواري شريف، فقير عبدالرحيم گرهوڙي شريف، حاجي فقير الله علوي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل، سامي ۽ ٻين تصوف جي بيش بها خدمت ڪئي ۽ علم و معرفت جا درياءَ وهائي ماڻهن جي دلين کي روحاني طرح سان فيضياب ڪيو . اهڙن ئي مانجهي مڙسن مختلف علم و فنون جي ذريعي انسانن کي حقيقت جي خبر ڏئي ، انهن جي دلين ۾اصولن جو اونهو احساس پيد اڪري، عشق جي قدرن جو احساس جاڳائي الله تعاليٰ سان سچو عشق ڪرڻ وارو اهڙو جذبو پيدا ڪيو ، جيڪو انسانن کي لوهه مان پارس ٿو بڻائي.
    ديني بزرگن جي مرڪز ۽ صوفياڻي روايتن جي ماڳ سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ادب جي شاندار تاريخ حاصل آهي ۽ سچل ، سامي ۽ ڀٽائي رح جن سنڌ جي ادب جا مضبوط ٿنڀا آهن. انهن سنڌ جي نالي و نشان کي جدا جدا صورتن ۾ پيش ڪري سنڌ ڌرتي کي ادب جي خزاني سان مالا مال ڪيو آهي.
    ماڻهو گُهرَن مال، آئون سڀ ڏينهن گُهران سُپِريِن،
    دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
    ڪَيَس نانءُ نِهال، پَسَڻ تان پَري ٿيو. (شاهه)
    دنيا کي لافاني پيغام پهچائيندڙ، عظيم صوفي بزرگ، شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن سنڌ جي عظيم بزرگ حضرت شاهه حبيب جي گهر ۾ 1689ع ۾ تولد ٿيا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ولد حضرت شاهه حبيب رح جن جي ڄمڻ جو هنڌ حيدرآباد ضلعي جي ويجهو هالا حويلي چيو وڃي ٿو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن قدرتي ڏات جي ذريعي علم ۽ فن جي ڄاڻ مهيا ڪرڻ وسيلي انساني قدرن جو احساس جاڳايو.
    هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
    ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مُور نه سکيا. (شاهه)
    سوري سڏ ٿيوم، ڪا هلنديون جيڏيون
    وڃڻ تت پيوم نالو نينهن ڳنهين جي . (شاهه)
    جيهي تيهي ذات جي جنبش ناهي جاءِ
    مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري. (شاهه)
    سنڌ ڌرتيءَ جي ڪامل ولي، نيڪ دل انسان، قدآور قد، موڪرا ڪلها، پورو پنو جسم، ڪارا ۽ گهاٽا وار، سونهاري چاپئين، نوراني چهرو، ڪشادي پيشاني، مڻيادار اکيون ۽ سفيدي ڏانهن مائل ڪڻڪ رنگ جهڙين بهترين ۽ بي مثال خوبين جي مالڪ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن پنهنجي شاعري جي شروعات اهڙي ڏکئي دور ۾ ڪئي جنهن وقت ماڻهن جون خوبصورت ۽ خوشگوار زندگيون زهر ڀاسڻ لڳيون هيون. ڏسندي ئي ڏسندي تباهين ۽ بربادين جي گهيري ۾ اچڻ لڳيون ان تڪيلف واري وقت ۾ لطيف سرڪار جن عوام جي مڙني احساسن کي پاڻ ۾ سمويو، راڳ ، سماع ۽ مجلس ذريعي ماڻهن کي جسماني ۽ روحاني عذاب کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    قرآن پاڪ ۽ حديث شريف جي ان عالم ، تاريخ ۽ تصوف جي ماهر، شريعت ۽ طريقت جي جامع فلسفي ۽ پاڪ صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جو ڪهڙي عبارت ۾ تعارف ڪرائجي جنهن نه رڳو سنڌ جو هڪ هڪ پنڌ ، وک وک جانچي پر ان جو صاف ۽ مڪمل نقش پڻ چٽيو آهي، جنهن جي آئيني ۾ سنڌي قوم جو مزاج ماحول ۽ تاريخي لاهي چاڙهي کي چٽي طرح سان ڏسي ۽ پرکي سگهجي سگهجي ٿو. سندن ڪلام ۾ عشق و محبت ، حسن و ڪمال، جلدي ۽ جمال جو اهڙو پرتو پيل آهي جيڪو پيئي پراڻو نه ٿئي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي ڪلام ۾ سڪ ، سوز، سچائي ۽ سخاوت، وطنيت، تصور ۽ وحدانيت ، امن ۽ انسانيت، سڪار ۽ سڻائي، عشق و محبت ، حسن و ڪمال ۽ جلوي جمال جو درياءُ وهايل آهي. منڇر جون موجون، ڪينجهر جي ڪنارن تي ڪنول جي خوشبو جنهن جي هٻڪار ڌرتي سنڌ تي پري پري تائين محسوس ڪئي وڃي ٿي، اهڙي طرح ڏيل ۾ ڏک سانڍيندڙ ننڍڙي ڪراڙ ڍنڍ جي سونهن ۽ اوج کان سرڪار لطيف گهڻو واقف رهيا . جنهن مهل سانوڻ پنهنجا ساٺ ڪندو هيو ته آب جي اونهائي ۾ برهه جي بهاري، پاڻي جي مٿان پٻڻ جي پوشاڪ ۽ پاسي کان وڇايل سائي ساڙهي ۽ هر پاسي کان گلن جي خوشبو تروتازه لڳندي هئي ته ان مهل لطيف سرڪار ڪراڙ ڍنڍ تي ويهندي تمام گهڻو لطف اندوز ٿيندا هئا ۽ رب پاڪ جي رياضيت ۾ مشغو ل رهندا هئا.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي شاعري ۾ راڳ جي مڪمل موجودگي ۽ ”تنبورو“ ساز ايجاد ڪرڻ جي سعادت صرف سرڪار لطيف جن کي حاصل آهي.دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هن قسم جي موسيقي وارو ساز ناهي، پنجن تارن وارو ساز ”تنبورو“ جنهن ۾ هڪ تار زبان، ٻيو ٽيپ ٻه جاڙيون ۽ هڪ گهور تار شامل آهن، اهڙي قسم جو ساز دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ناهي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن فرمائيندا هئا ته منهنجي دل ۾ الاهي محبت جو وڻ آهي. جيڪو راڳ بنا سُڪيو ٿو وڃي. عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي شاعري جي بيتن جو راڳ سکڻ وارن جو تعداد هر روز وڌندو رهيو. سکيا حاصل ڪندڙ ڪيترائي راڳي فقير ٿي گذريا جن لطيف سرڪار رح جن جي ڌوتل ، پوتل هير جهڙي هڳاءَ بخشيندڙ شاعري ساهه ۾ سمائي. لطيف جي شاعري جهونگارجي ۽ پروڙ جي ته جيئن ان جي دائمي اثر کي اڀاري سگهجي.
    تون حبيب تون طبيب تون درد جي دوا،
    جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواءَ
    صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي. (شاهه)
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي شاعري جي بيتن جي راڳ جي اڳواڻي تمر فقير کي حاصل هوندي هئي. تنهن وقت راڳ گرائونڊ (ميدان) ۾ پيش ڪيو ويندو هو. راڳي اڳواڻ ڪيهر فقير تائين گرائونڊ (ميدان) ۾ راڳ پيش ٿيندو رهيو.
    هر وقت چپن تي مرڪ سجائيندڙ نفيس ۽ نهٺو، گهٽ ۽ نرم ڳالهائيندڙ سخي مرد ۽ سنڌ جي پياري سپوت، شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن وهنجي سهنجي مراقبي ۾ اچي ويٺا، ۽ فقيرن کي سماع ڪرڻ جو اشارو ڪيائون. چون ٿا ته مسلسل ٽن ڏينهن تائين راڳي فقيرن سرڪار لطيف جي شاعرن جي بيتن جو راڳ پيش ڪيو.
    سماع جاري هيو. آخرڪار فقيرن راڳ بند ڪري لطيف سرڪار جن جي ويجهو وڃي ڏسن ته ڌڻي جي شيءِ وڃي ڌڻي کي پهتي.
    زندگي ۾ هر دلعزيز شخصيت جي مالڪ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن 1165 هجري مطابق 1752ع سن صفر جي مهيني چوڏهين تاريخ هن فاني دنيا مان هجرت ڪري ويا.
    سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي وصال بعد جيڪي راڳي اڳواڻ پيدا ٿيا تن ۾ محمد اسماعيل تمراڻي، فقير محمد الياس تمراڻي، راڳي فقير محمد مراد ٻگهيو، راڳي ڪيهر فقير، راڳي اڳواڻ الڻ سائين،ر اڳي فقير محمد ابراهيم، راڳي غلام شاهه ، راڳي اڳواڻ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.چون ٿا ته جنهن مهل راڳي فقير محمد اسماعيل راڳ جو سڏ ڪندو هو ته سندن سريلي ۽ مٺڙي آواز جادو وارو اثر ڏيکاريو ان مهل جهنگ جا پکي ۽ مور دانهون ڪري اڏرندا هيا، راڳي ڪيهر فقير ۽ راڳي علڻ سائين جن جو آوازپڻ ٻڌندڙ تي جادو جو اثر ڇڏيندو هو. جنهن وقت ۾ ابراهيم فقير، محبت لنجواڻي، فقير محمد فقير اوڏ، عيسو فقير، تاجو فقير، الله بچايو لنجواڻي، لائق فقير ۽ٻيا راڳ پيش ڪندا رهيا هيا تنهن وقت ۾ راڳ کي تار ۾ آڻڻ ، سرن کي ڦيرائڻ ڏيڍي وائي چوڻ جو فن صرف علڻ سائين جن کي حاصل هوندو هو.
    اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي. (شاهه)
    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو