• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تهذيب جو سڏ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
مسٽر بشير خان قريشي جووڻندڙ انٽرويو​

مسٽر بشير خان قريشي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز شاگرد سياست کان ڪيو ۽ سال 1978ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هو صاحب تنظيم م انتهائي خلوص سان سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن عهدي جي ڪم شروع ڪيو. ٿوري عرصي ۾ قريشي صاحب جي سچائي محنت ۽ عمل کيس جساف جي مرڪزي اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪرايو. اهڙي طرح هن سڄي سنڌ جي دور دراز ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ رهنمائن سان رابطه مهم شروع ڪري منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪئي. جوش، جذبو وڌايو، تنظيم ۾ شامل ورڪرن کي مسٽر بشير خان جي محنت سادگي ۽ نظريي سان محبت گهڻو متاثر ڪيو ۽ جساف وڌيڪ قوت سان ميدان عمل ۾ نروار ٿي. جساف جي هر احتجاج، جلسي، جلوس ۽ جدوجهد ۾ بنا ڪنهن عهدي جي ذميواري نڀائيند بشير خان سرواڻي ڪندي نظر آيو. هر سياسي محاذ تي جنگ جوٽيائين. مقصد خاطر مورچو سنڀاليائين. هن بي لوث شخصيت جي جهاد کيس جساف ۾ هڪ هيرو بڻائي ڇڏيو.کيس 1980ع ۾ ٽنڊي ڄام جساف جو صدر چونڊيو ويو. سال 1982ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر ٿيو. پوءِ سال 1983ع کان 1985ع تائين زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو صدر به رهيو. اهڙيطرح سال 1986ع ۾ جساف سنڌ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو. جتي لڳاتار ٽي دفعا بحيثيت صدر جساف سنڌ سال 1988ع تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيائين. وري 1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر به رهيو. سال 1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو انوقت پاڻ جيل ۾ هيو تنهن هوندي به کيس ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو. سال 1996 ۾ قومي محاذ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته 1998ع کان جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين هئڻ جو اعزاز به حاصل ڪيائين.(ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون ليکڪ عبدالستار ڀٽي



 
Back
Top