سياست جي ڪري شاعري قربان ڪندڙ مخدوم امين فهيم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]


    [JUSTIFY]عظيم يوناني فلسفي افلاطون ڪيتريون ئي صديون اڳ چيو هو ته شاعر خيالي دنيا ۾ رهندا آهن، تنهن ڪري انهن کي رياستي معاملن کان پاسيرو رکيو وڃي. هن دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون پيدا ٿي چڪيون آهن، جن افلاطون جي ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، برصغير ۾ علامه اقبال کان وٺي اٽل بهاري واجپائي تائين ڪيترائي شاعر سياست دان ان جو اهم مثال آهن پر اسان جڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪنداسين ته هالا جي مخدوم خاندان ٻنهي شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي. مخدوم طالب الموليٰ کان وٺي مخدوم امين فهيم تائين. مخدوم خاندان جي ٻنهي گادي نشينن جو اولاد نه فقط صاحبِ ڪلام آهي پر ان پيراڻي گادي جو شمار پاڪستان ۾ اهم سياسي خاندانن ۾ ٿئي ٿو. مخدوم خاندان جي هاڻوڪي گادي نشين جي سڃاڻپ ملڪي سطح تي، مخدوم امين فهيم جي نالي سان هڪ سياست دان طور آهي پر سنڌ واسي کيس سٺي شاعر طور به سڃاڻن ٿا. سندس سڃاڻپ ڀلي سياست دان طور هجي پر سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ علمي ۽ ادبي شخصيت طور به آهي.

    مخدوم امين فهيم طالب الموليٰ جو وڏو فرزند آهي، هو اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس والده لاڏاڻو ڪري وئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ خاندان کان ٻاهر ٻي شادي ڪئي. ٻي گهر واريءَ مان کيس پٽ مخدوم خليق الزمان، مخدوم رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان ۽ مخدوم سعيد الزمان آهن، جن جي سڃاڻپ به سياست دان سان گڏ علمي ۽ ادبي شخصيتن طور ٿئي ٿي.

    سنڌ جي ٻين سياسي گهراڻن جي اولاد جي ابتڙ مخدوم امين فهيم پرائمري کان گريجوئيشن جي تعليم هالا مان حاصل ڪئي ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ باوجود هن وڪالت جو پيشو اختيار نه ڪيو. کيس سنڌي کان سواءِ انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل آهي. سياست سان گڏ شاعري به کيس ورثي ۾ ملي آهي، سندس ڏاڏو مخدوم امين به وڏو شاعر هو ۽ سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو ته انداز ئي نرالو آهي، مخدوم امين فهيم جا ٻه شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آهن ۽ سندس مجموعي”پيغام“ کي بي حد ساراهيو ويو. شاعري ۾ هو پنهنجي والد جو شاگرد آهي. هن علمي ۽ ادبي گهراڻي جو شعر ۽ شاعري سان دلچسپيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته امين فهيم جي شاديءَ جي جي موقعي تي ٻين رسمن سان گڏ ”آل سنڌ مشاعرو“ به منعقد ٿيو ۽ ان مشاعري ۾ پڙهيل شاعري ڪتابي شڪل ۾ به شايع ٿي چڪوآهي.
    شاعر حسن پرست نه هجي ته سندس شاعري به ڦڪي لڳندي، مخدوم امين فهيم جي حسن پرستي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هو چار شاديون ڪري چڪو آهي ۽ سندس چار ئي زالون مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.
    سندس پهرئين شادي 19 سالن جي عمر ۾ 21 جون 1957ع ۾ ٿي. هن ٻي شادي بنگالي گلوڪاره رونا ليلا جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلا سان ڪئي جيڪا ڪجهه سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي. سندس ٽين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ۽ چوٿين پنجاب سان واسطو رکندڙ خاندان مان ٿي.

    مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي ڪئي ۽ هو پهريون ڀيرو 1970ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ هو 1977، 1988، 1990، 1997، 2002 ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ هالا - مٽياري تڪ تان ايم اين اي چونڊيو آيو آهي. ضيا دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هو 1985ع عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو.
    پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ وانگر مخدوم امين فهيم کي گهڻو اولاد آهي، کيس ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهي. سندس وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان نه فقط سٺو سياست دان پر سٺو شاعر ۽ محقق به آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي واري ڪرسي (سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين شپ به اڄ ڪلهه سندس حوالي آهي ۽ هن وقت بين الصوبائي رابطن واري وزارت سان گڏ نوادرات وارو کاتو به وٽس آهي. سندس ٻيو پٽ مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيوروڪريٽ آهي ۽ ڊي سي او ٿرپارڪر سميت ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهي چڪو آهي.

    مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان تعليم حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ٻاهر ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندس چوٿون پٽ ابو محمد سنڌ يار آهي، دينا ليليٰ مان سندس اڪيلي ڌيءُ برمنگهم يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. مخدوم امين فهيم ملڪ جو واحد سياست دان آهي، جنهن کي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ هڪ جهڙي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ضياءُ الحق جي دور کان وٺي وزيراعظم جو عهدو سندس پويان هو پر هو پارٽي سان وفادار رهيو ۽ جڏهن هن وفائن جو صلو طلبيو ته اقتدار جي هما يوسف رضا گيلاني جي مٿي تي ويهي رهي ۽ ڊگهو وقت ناراضگي ۽ گوشانشيني کان پوءِ هن واپار واري وفاقي وزارت قبول ڪئي، هو محترمه بينظير ڀٽو جو انتهائي ڀروسي جوڳو ماڻهو هو پر هاڻي کيس اهو منصب حاصل نه رهيو آهي. هاڻي سندس جاءِ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ جهڙا سياست دان والاري چڪا آهن. سنڌ جي سمورن سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندس ياري ڪنهن کان به ڳجهي ناهي، پارٽيءَ جي منع ڪرڻ باوجود هن ڄام صادق، پير پاڳاري ۽ شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. کيس راڳ رنگ، شاعري ۽ شڪار سان خاص دلچسپي آهي. اهو روايتي پير ناهي ۽ سروري جماعت جا مريد کيس ملنسار مرشد طور مڃين ٿا. هو ٻڌائي ٿو ته ”سياست جي ڪري هن شاعري قربان ڪئي.“ هو چوي ٿو ته ”شاعري سندس پهريون عشق آهي، مان اڄ به شاعري ڪرڻ ۽ ٻين جي شاعري پڙهڻ مان لطف اندوز ٿيندو آهيان، مون کي مولانا رومي، شاهه سائين ۽ سچل جي شاعري پسند آهي، شاعريءَ جو منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر آهي، مان ماڻهن تي نه پر دلين تي راڄ ڪرڻ تي ويساهه رکان ٿو.“

    وزيراعظم نه ٿيڻ باوجود ملڪي سطح تي سندس سياسي قد ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي آهي. بس ايترو فرق ضرور آيو آهي ته هو پارٽي اجلاس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ساڄي پاسي ويهندو هو ۽ هاڻي موجوده قيادت جي مرضيءَ تي منحصر هوندو آهي ته سندس سيٽ ساڄي پاسي هجي يا کاٻي پاسي.

    [/JUSTIFY]
    (مئگزين رپورٽ)

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
    _________________________________________________________________________

    آئون تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس،
    عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس.

    عشق جي اسرار ۾ ڦاسي پيس،
    حسن جي واپار ۾ ڦاسي پيس،.

    گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس،
    ”ڄڻڪ دامِ يار ۾ ڦاسي پيس.“

    اشڪ اکين ۾ ۽ آهون دل اندر،
    مان ته عشقِ يار ۾ ڦاسي پيس.

    تنهنجي اکڙين ۾ ڇا ٿو ڏسان،
    هن عجب اسرار ۾ ڦاسي پيس.

    تنهنجي آئون ديدار لاءِ آيس مگر،
    برهه جي بازار ۾ ڦاسي پيس.

    ڪنهن جي قيدي ٿي رهڻ جي لاءِ ”امين“!
    ڄاڻي واڻي ڄار ۾ ڦاسي پيس

    [​IMG]

    مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ رونا ليلا جو آواز

    http://www.youtube.com/watch?v=XB0fZD5XpvI&feature=player_embedded
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سياست جي ڪري شاعري قربان ڪندڙ مخدوم امين فهيم

    محترم امين فهيم کي ڪهڙو سنڌي نه سڃاڻي، سندس شخصيت تي ڳالهائڻ ته ائين آهي جيئن سج تي ڳالهائجي ۔۔۔ پر يار وساڻ سندس نظم جيڪو اوهان ونڊ ڪيو آهي، اهو تمام سهڻو ۽ من موهيندڙ آهي

    اشڪ اکين ۾ ۽ آهون دل اندر،
    مان ته عشقِ يار ۾ ڦاسي پيس.

    عشق کانپو جي حالت ۔۔۔ اکيون ڀريل ۽ دل ۾ دانهون ۔۔۔ رب بچائي عشق کان، عشق آهي يا زهريلو نانگ ۔۔۔ خبر کاڌن کان پڇج ۔۔۔۔

    لک ٿورا دوست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو