• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي سرڪار جي عرس جي تقريب 2011ع

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڀٽائي سرڪار جي عرس جي تقريب 2011ع​

5516js.jpg
سيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ڪالهه صبح سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 267 هين سالياني عرس جو افتتاح حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڪيو. ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين جو ولي عهد سيد وقار حسين شاهه پڻ ساڻس گڏ هو. درگاهه جي احاطي ۾ موجود صحافين جي پڇيل هڪ سوال جي جواب تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙي چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ اڄ 14 صفر کان آهي، جنهن جي شروعات اسان قديم روايتن موجب ڪئي آهي. هن چيو ته شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي ۽ سندس اهو پيغام ابدي آهي. هن چيو ته شاهه سائين تصوف ۽ صوفي ازم ذريعي انسان ذات لاءِ ڀائيچاري جو وڏو درس ڏنو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زماني کان سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي پانڌيئڙن لاءِ ترقياتي ڪم پڻ ٿيندا رهيا آهن ۽ موجوده پ پ پ حڪومت پڻ ان تسلسل کي برقرار رکندي اچي. دهشت گردي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته اها اسان سڀني جي ڪمزوري جو سبب آهي، ڪٿي لکڻ واري جي ته ڪٿي پڙهڻ واري جي ڪمزوري آهي جو اڄ اسان کي دهشت گردي جهڙي لعنت سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گڏيل حڪمت عملي سان ئي ان مسئلي کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اسلام ۾ ڪنهن انسان جو قتل وڏو گناهه آهي ۽ ڪلام پاڪ ۾ اهو فرمان آهي ته جنهن ڪنهن هڪ انسان کي قتل ڪيو. ان ڄڻ ته سڄي انسانيت کي قتل ڪري ڇڏيو. گورنر سنڌ پاران عرس جي تقريبن جي افتتاح لاءِ نه اچڻ بابت پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته مون کي (کيس) خبر نه آهي ته گورنر سنڌ سيڪيورٽي سبب يا ڪنهن ٻئي اڻ ٽر مصروفيت سبب نه اچي سگهيو آهي. بعد ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙي ۽ ثقافت کاتي واري وزير سسئي پليجو ثقافت کاتي پاران شاهه جي باغ ۾ قائم ڪيل سنڌي ڳوٺ جو افتتاح ڪيو ۽ ان ۾ موجود هنري اسٽالن کي گهمي ڏٺو. ڳوٺ ۾ سنڌ جي روايتي کاڌن جو هڪ هوٽل به قائم ڪيو ويو آهي، جتي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ صوبائي وزير سسئي پليجي صحافين سان گڏجي روايتي کاڌا کاڌا، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته پ پ پ حڪومت اڪثريت جو ووٽ استعمال ڪرڻ بجاءِ مفاهمت ۽ اتفاق راءِ سان قانون ۾ ترميم کي ترجيح ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اها مفاهمتي، پاليسي تحت ڪم ڪري رهي آهي. زمينن جي الاٽمينٽ بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته اهڙي جيڪڏهن ڪا الاٽمينٽ ٿي رهي ته اها قانون موجب مجاز اختياري پاران ٿي هوندي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي فرمائش جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيل استادن جي ملازمت ختم ڪرڻ بابت هن چيو ته ڪانٽريڪٽ محدود مدت لاءِ هوندو، جنهن جي ختم ٿيڻ سان ملازمتون پڻ ختم ٿي وينديون آهن، پر پ پ پ هزارين برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪيو آهي. اڄ ان جي ڳالهه ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. ڀٽ شاهه لاءِ اعلانيل ترقياتي رٿائن جي تڪميل نه ٿيڻ بابت هن چيو ته حڪومت ڀٽ شاهه جي ترقي لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون منظور ڪيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه مڪمل پڻ ٿيون آهن، جيڪي هن وقت نظر اچي رهيون آهن. هن چيو ته حڪومت هر ان رٿا کي مڪمل ڪندي، جنهن جو اعلان ڪيو آهي بشڪريه عوامي آواز
شاه صاحب جي 267 هين عرس جي تقريب هڪ وڊيو رپورٽ​
http://www.youtube.com/watch?v=twxXceJmMfg

شاه صاحب جي پراڻي 265 هين عرس جون ڪجهه وڊيوز​
http://www.youtube.com/watch?v=WRUL1U4gQh0
http://www.youtube.com/watch?v=dQs--1YYOVE
http://www.youtube.com/watch?v=utAye1ye64w
http://www.youtube.com/watch?v=89zurIj0PPk
http://www.youtube.com/watch?v=2UBPkVo9o10
http://www.youtube.com/watch?v=xoNR0qbsFRE
http://www.youtube.com/watch?v=CgC_hiJDjRs
شاه صاحب جي فقيرن جو مخصوص هڪ انداز ( راڳ )​
http://www.youtube.com/watch?v=gYIB1VyR91Q
http://www.youtube.com/watch?v=_PUmA5YS8F0
شاه جو روضو هڪ سهڻو ڏيک وڊيو​
http://www.youtube.com/watch?v=FWbiJ2pfqUE
شاه جو رسالو هڪ تحقيقي رپورٽ ( وڊيو )​
http://www.youtube.com/watch?v=DYbL8-g0R5U&feature=player_embedded
http://www.youtube.com/watch?v=mWRT9tEq5C8
 
Back
Top