ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي توهان پاڻ ڏسو مبارڪ علي شيخ اياز جي دعائن جو مڪمل ڪتاب۔ ۔۔۔ يا رب ، مون کي معافي ڏي، نقصان مون پنهنجو ڪيو آهي (اياز)ڪتاب تون ڇپر، تون ڇانو سنڌ ڌرتي گذريل صدي ۾ ڪيترائي فنڪار، اداڪار، ليکڪ، عالم اديب، محقق ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن جن سنڌ ڌرتي جو مان مٿاهون ڪيو آهي۔ هون ته سنڌ جو ذرو ذرو پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، مگر اڄ مان سنڌ جي شهر شڪارپور جو ذڪر ڪندس، شڪارپور سنڌ جو پراڻو تاريخي شهر آهي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو هو، . هن قديم شهر جي تاريخ به ڏاڍي پراڻي آهي هون ته شڪارپور ٻين ڪيترين ڳالهين جي ڪري مشهور آهي ۽ شڪارپور ڪيتريون ئي شخصيتون، عالم اديب، ليکڪ ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن مگر هت اسان شڪارپور ۾ پيدا ٿيندڙ شاعر شيخ اياز صاحب جو ذڪر ڪنداسين۔ سنڌ ڌرتي جو مشهور شاعر ۽ مفڪر شيخ اياز هڪ لافاني شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. -1947ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو. اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري - فيبروري 1938 واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان ”مرد خدا“ هو. ( سنڌ سلامت جا ساٿيو توهان کي مان اهيو به ٻڌائيندو هلان ته مون جڏهن شاهه تي جديد طريقي سان تحقيق ڪندڙ عالم اديب محقق ۽ شارح سرڳواسي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي صاحب جو شاهه جي رسالي تي پيش لفظ پڙهيو هو ته ان ۾ هن اهيو لکيو هو ته شايد هن وقت به ڪنهن ماء جي ڪک ۾ ڪو سنڌي عظيم شاعر موجود هجي جيڪو اسان کي معلوم نه هجي ۽ اتفاق سان اهو پيش لفظ يا ديباچو ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب 1923ع ۾ ئي لکيو آهي، جيڪو سال شيخ اياز صاحب جي ڄمڻ جو آهي۔ ) سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. ۽ جڏهن سنڌ جي هن عظيم شاعر ۽ مفڪر جو 1980ع ۾ سندس شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن“ ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس طبع تي مايوسي، قنوطيت ۽ موت ڏي توجهه نمايان آهي. ۽ هن جواني وارن ڏينهن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي آجپي جو ذريعو ڄاتو پئي، ( سنڌ ۾ ماده پرستي، لادينيت ۽ مذهب بيزاري جو ٻج جنهن شخص عام ڪيو اهو آهي سنڌي ٻولي جو ڄاڻو اديب، ۽ دانشورسنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو استاد محترم سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ جويو صاحب جي صحبت ئي اياز صاحب کي ماده پرست ۽ لادينيت ڏانهن آندو هو ) پر آخري عمر ۾ هن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو ۽ هن دعائون چوڻ شروع ڪيون. ۽ سندس دعائن جو ڪتاب ۔۔۔ شاعري جو سجدو ۔۔۔ مارڪيٽ ۾ آيو۔ اگر موت اياز صاحب کي اڃان به مهلت ڏئي هان ته اياز صاحب اڃان به ڪيترين ئي دعائن جا ڪتاب سنڌي عوام کي ڏئي وڃن هان، بس بقول امرجليل صاحب ته۔۔۔ڪنهن به اديب جي هٿ مان موت ئي قلم کسي سگھي ٿو. (امر جليل)۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته هت سنڌ سلامت تي اهي ساڳيون ئي شيخ اياز صاحب جون چيل دعائون محترم افتخار چوهاڻ صاحب پڻ قسط وار ونڊ ڪري رهيو آهي۔ ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو جو سوويت يونين قائم نه رهڻ ڪري هيڏي وڏي تبديليءَ اياز جي سوچ تي اثر وڌو۔ جنهن جي ڪري سندس چوڻ مطابق ته منهنجا ويجها دوست يار ۽ رهبر به مون کان ناراض ٿئي ويا هئا، پر مون انهن جي پرواهه به نه ڪئي اياز صاحب پنهنجي ڪتاب شاعري جو سجدو ۔۔۔ ۾ لکي ٿو ته۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔ ( منهنجو بهترين دوست اڄ منهنجو بدترين دشمن آهي ڇو ته هو سمجهي ٿو ۔۔ ته مان هن جي آدرش تان هٽي ويو آهيان۔۔۔ سچ ته اهو آهي ته هن جو آدرش۔۔۔ هن کان هٽي ويو آهي،۔۔هن جو آدرش چند به ته ڪو نه هو ۔۔ جو گهنگهور گهٽائن ۾ چپي ويندو۔۔۔ هن جو آدرش ته تئي وانگر هو ۔۔۔ جو هن تي پنهنجو ڪالڪ ملي ۔۔ هن تي کلي رهيو آهي ۔۔ ) ۽ ان کان علاوه پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ محترم ڄام ساقي صاحب جي سوچ تي پڻ تبديلي آئي ۽ ڄام صاحب ڪيترو عرصو تبليغ جماعت سان رهيو آهي۔ مطلب ته هي نظريو يا خيال پائدار يا هميشه رهڻ وارو نه آهي۔ ادا مان ته ائين چوندس ته محترم شيخ اياز صاحب تي الله جون اهي رحمتون چئبيون جو هن پنهنجو خيال يا نظريو مٽائي ۽ اسلام ڏانهن رخ ڪيو۔ دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ کيس جنت ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔ http://www.voiceofsindh.net/books/salgrah/shairy_jo_sijdo.pdf
جواب: ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي توهان پاڻ ڏسو ادا ممتاز ضرورت واقعي ايجاد جي ماء آهي سڄيء سنڌ ۾ اوهان کي هي سين ڏسڻ لاء ملندا صرف وقت ڪڍي سنڌ گهمي ڏسو۔ ڪجه وقت اڳ جڏهن لائيٽ جو مسئلو هو ته سچل ڳوٺ ۾ ماڻهن ائين ئي ڪيو هو ۽ پاڻي ء جون ٽانڪيون ڀريندا هئا۔ دعا ڪيو ته سنڌ جون حالتون بهتر ٿين